ووپاٽڪي قومي يادگار

ووپاٽڪي (يا وپاتڪي) قومي يادگار (انگريزي: Wupatki National Monumment) اتر مرڪزي ايريزونا ۾ فليگ اسٽاپ شھر ويجھو ھڪ آثار قديدہ وارو ماڳ آھي. ھتي آمريڪا جي اصلوڪن رھواسين جي رھائش جا آثار کنڊرن جي صورت ۾ موجود آھن. ھن ماڳ کي 15 آڪٽوبر 1966ع تي آمريڪا جي تاريخي ماڳن واري قومي رجسٽر ۾ داخل ڪيو ويو.[1] ھن ماڳ تي ٽي تاريخي عمارتون ۽ 29 ٻيون اڏاوتون کنڊرن جي صورت ۾ 35،422 ايڪڙن ۾ پکڙيون پيون آھن.[2] ھي ماڳ اصلوڪن آمريڪي لوڪن جي تھذيب ۽ ثقافت جي ھڪ اھم اھڃاڻ طور موجود آھي. ھي ماڳ فليگ اسٽاف شھر جي اتر اوڀر ۾ 40 ميلن جي پنڌ تي موجود آھي.[3]

ووپاٽڪي قومي يادگار، ايريزونا، آمريڪا جون گڏيل رياستون
ووپاٽڪي، ساڳي عمارت جو ٻيو ڏيک
ووپاٽڪي يادگار: گول ميدان
ووپاٽڪي يادگار جي ھڪ عمارت

تاريخ سنواريو

ھن ماڳ وٽ اصلوڪن آمريڪي ماڻھن جي مختلف قبيلن جون وسنديون کنڊرن جي صورت ۾ موجود آھن. اھي وسنديون ڪوھونينا (Kohonina)، ڪينتااناسازي (Kayenta Anasazi)، سناگئا (Sinagua) ۽ ٻين قبيلن تاريخ جي مختلف دورن ۾ قائم ڪيون ھيون. تاريخي طور تي ھتي سڀ کان پھريون وسنديون 500ع ڌاري قائم ٿيون. ووپاتڪي ھوپي (Hopi) ٻوليءَ جو لفظ اھي جنھن جي معنيٰ آھي ”ڊگھو گھر“ (Tall House). ھيءَ ھڪ گھڻ ماڙ عمارت آھي جنھن ۾ سو کان وڌيڪ ڪمرا آھن. عمارت جي اترئين حصي ۾ ھڪ ڪميونٽي روم ۽ چوديواريءَ اندر بال سان راند ڪرڻ جو ھڪ وڏو ميدان (Ballcourt) آھي. ھن عمارت جي آسپاس ٻيا بہ ڪيترائي کنڊر موجود آھن. انھن ۾ ٻہ ڪيوا (Kiva) سان مشابھت رکندڙ اڏاوتون بہ شامل آھن. اصلوڪا آمريڪي زمين اندر ٺھيل ھڪ وڏي گول ڪمري کي ڪيوا ڪوٺيندا ھئا. اھڙي قسم جا ڪمرا مذھبي ۽ سياسي گڏجاڻين لاءِ استعمال ٿيندا ھئا.[4] 1040ع کان 1100ع واري عرصي دوران ھتي ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ سان سڄو علائقو لاوا ۽ رک سان ڀرجي ويو ھو. انھيءَ رک سبب ھتان جي زمين زرعي پيداوار لاءِ انتھائي موزون بنجي پئي. انھيءَ ڪري ڪيترائي ڪٽنب ھتي اچي ھارپو ڪرڻ لڳا. ٻارھين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ھتي ڪيترائي ماڻھو لڏي اچي ويٺا ھئا. تاريخ نويس ٻڌاتين ٿا تہ ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ کان پوءِ اٽڪل ٻہ ھزار ماڻھو ھن ماڳ وٽ اچي آباد ٿيا ھئا. ھو ھتان جي ريگستاني زمين ۾ مڪئي، اسڪواش ۽ ٻيا فصل پوکيندا ھئا. ھتي آبپاشيءَ جو ڪو نظام يا جبلن مان نڪرندڙ پاڻيءَ جا چشما نہ ھجڻ سبب پوک مينھن جي پاڻيءَ تي ٿيندي ھئي. ھو پنھنجا گھر ٺاھڻ لاءِ ھن علائقي ۾ موجود ڳاڙھو پٿر استعمال ڪندا ھئا انڪري سندن گھرن جي ڀتين جو رنگ ڳاڙھو ھوندو ھو. انھن مان ڪجهه ڀتيون اڄ بہ موجود آھن.

ھر خاندان يا قبيلي جا ماڻھو ھڪئي وڏي عمارت ۾ رھندا ھئا جنھن ۾ ڪيترائي ڪمرا ٺھيل ھوندا ھئا. اھڙين ئي عمارتن مان ووپاتڪي سڀ کان وڏي عمارت آھي جنھن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آھي. ھتان جي ھڪ دلچسپ ڳالھ ھيءَ آھي تہ ھنن عمارتن کي ھوادار بنائڻ لاءَ زمين اندر غارون ٺھيل آھن ۽ انھن غارن مان ٿڌي ھوا نڪري ھنن عمارتن تائين پھچندي ھئي. اھو ڄڻ تہ ان زماني جو ھڪ ايئرڪنڊيشنڊ نظام ھو.[5]

اڄڪلھ ھي ماڳ مڪمل طور سڃو آھي ۽ ھتي ڪير بہ نٿو رھي البت عمارتن جا آثار اڄ بہ موجود آھن جن کي ڏسڻ لاءِ ڪيترائي آثار قديمہ جا ماھر ۽ سياح ھن علائقي جو رخ ڪن ٿا. يو ٽيوب تي ھن ماڳ جون ڪجهه وڊيو موجود آھن. ھن ماڳ جي سار سنڀال ۽ اننظام جي ذميداري آمريڪا جي قومي پارڪ سروس جي ھٿن ۾ آھي. اصلوڪن آمريڪين جو عقيدو آھي تہ ھتي جيڪي ماڻھو رھندا ھئا تن جا روح اڄ بہ زندھ آھن ۽ اھي ھن ماڳ جي رکوالي ڪن ٿا. ڪيترائي اصلوڪا آمريڪي پنھنجي وڏڙن جي تھذيب ۽ ثقافت کي ياد ڪرڻ لاءِ ھر سال ھتي اچي گڏ ٿيندا آھن.[6]

جيتوڻيڪ ھي ھڪ سڃو علائقو آھي جتي کاڌي ۽ پاڻيءَ جا وسيلا نہ ھجڻ جي برابر آھن پر آثار قديمہ جي ماھرن کي کوٽائيءَ دوران ھتان ڪيتريون ئي ڏورانھن علائقن جون شيون مليون آھن جيڪي انھيءَ ڳالھ طرف اشارو ڪن ٿيون تہ ھن ماڳ تي رھندڙ ماڻھن جا واپاري لاڳاپا آمريڪا جي ڏورانھن علائقن سان ھئا ۽ شايد ھتان جا ماڻھو واپار جي سانگي پري پري جو سفر ڪندا ھئا.

حوالا سنواريو

  1. https://npgallery.nps.gov/NRHP/GetAsset/NRHP/66000175_text
  2. https://npgallery.nps.gov/NRHP/
  3. https://travel.usnews.com/Flagstaff_AZ/Things_To_Do/Wupatki_National_Monument_63465/
  4. Snow, Dean R. (2010). Archaeology of Native North America. Boston: Prentice Hall. ISBN 978-0-13-615686-4. OCLC 223933566. https://www.worldcat.org/oclc/223933566. 
  5. https://www.nps.gov/wupa/planyourvisit/upload/breathing%20earth%20fourth-2.pdf
  6. Flagstaff, Mailing Address: 6400 U. S. 89; Us, AZ 86004 Phone: 9286792365 or 9288561705 Contact. "Wupatki Pueblo - Wupatki National Monument (U.S. National Park Service)". www.nps.gov. حاصل ڪيل 2022-04-24.