سنسيٽ ڪريٽر (انگريزي: Sunset Crator): آمريڪي رياست ايريزونا جي سنسيٽ (Sunset) واري علائقي وٽان فرانسسڪو جبلن جي قطار گذري ٿي. انھيءَ جابلو علائقي جو ھڪ ٻرندڙ جبل يارھين صدي عيسويءَ ۾ ڦاٽي پيو ھو جنھن سبب آسپاس جو وڏو علائقو گرم لاوا ۽ جبل مان اڏامندڙ رک سان ڀرجي ويو ھو. جبل جي ڦاٽڻ سان انھيءَ جي منھن وٽ ھڪ وڏي کڏ (Crator) ٺھي پئي ھئي جنھن کي سنسيٽ ڪريٽر سڏيو وڃي ٿو. آمريڪي حڪومت انھيءَ ڪريٽر کي ھڪ قومي يادگار قرار ڏنو آھي جنھن سبب ھي اتر ايريزونا جو ھڪ مشھور سياحتي ماڳ بنجي ويو آھي. ھر سال ھزارين سياح ھي ڪريٽر ڏسڻ اچن ٿا. 2000ع کان وٺي اڄ تائين ھي ڪريٽر ڏسڻ لاءِ سراسري طور تي ھر سال 165000 سياح ھتي اچن ٿا.[1] ھي ڪريٽر فليگ اسٽاف شھر جي اتر ۾ 24 ڪلوميٽرن (15 ميلن) جي مفاصلي تي واقع آھي.

سنسيٽ ڪريٽر (Sunset Crator)
سنسيٽ ڪريٽر جو ٻيو ڏيک
ٻرندڙ جبل مان خارج ٿيل لاوا

اپريل 2022ع تي ھن يادگار جي آسپاس ھڪ زبردست باھ لڳي جنھن ھن يادگار کي ڪافي نقصان پھچايو. انھيءَ ڪري انتظاميہ في الحال ھن ڪريٽر طرف ايندڙ سياحن تي پابندي وجھي ڇڏي آھي.

تاريخ سنواريو

مٿي ذڪر ڪيل ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ کان اڳ ۽ پوءِ اصلوڪن آمريڪين جا مختلف قبيلا ھن علائقي ۾ آباد ھئا. انھن مان اڪثر زمينن تي فصل پوکي پنھنجو ۽ پنھنجي ٻارن جو پيٽ پاليندا ھئا. ھو موجودھ فليگ اسٽاف شھر جي آسپاس وارن علائقن ۾ ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن ۾ رھندا ھئا. 1064-1065ع ڌاري[2] (ڪي تاريخ نويس 1085ع لکن ٿا[3]) ھن علائقي ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ٿيڻ لڳا ۽ جبل جي چوٽيءَ تان چڻگون اڏامڻ شروع ٿيون. ھتان جي رھواسين کي پروڙ پئجي وئي تہ جبل ڦاٽڻ وارو آھي انڪري ھو محفوظ علائقن طرف ھليا ويا، ۽ پوءِ اوچتو جبل زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. جبل جي اتراولھ ۾ 2.5 ڪلوميٽر ۽ اتر اوڀر ۾ 9.6 ڪلوميٽر زمين گرم لاوا سان ڀرجي وئي. اوڀر ۾ 6.4 ڪلوميٽرن واري ايراَضي لاوا سان ڀرجي وئي. 2100 چورس ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ايراضي جبل مان نڪرندڙ رک جي ٿلھي تھ ھيٺان دٻجي وئي. انھيءَ واقعي کان پوءِ جڏھن ماڻھو واپس ھن علائقي ۾ موٽيا تہ ھنن ڏٺو تہ رک جي ٿلھي تھ سبب ھتان جي ريگستاني زمين پوکيءَ لاءِ وڌيڪ بھتر ٿي وئي ھئي. ڏسندي ئي ڏسندي ھن علائقي جي آباديءَ ۽ زرعي پيداوار ۾ خاطرخواھ واڌارو اچي ويو. 1530ع واري ڏھاڪي ۾ يورپي ھن علائقي ۾ اچڻ شروع ٿيا. 41 -1540ع ۾ اسپين جي وڏي فوج ھن علائقي ۾ داخل ٿي ھتان جي اصلوڪن ماڻھن جي زمينن تي قبضو ڪيو. اوڻويھين صديءَ ۾ اسپين کان علاوھ ٻين يورپي ملڪن مان بہ ڪيترائي ماڻھو ھن علائقي ۾ اچي آباد ٿيا. 1885ع ۾ جان ويزلي پاويل (John Wesley Powell ) مٿي ذڪر ڪيل ٻرندڙ جبل جو نالو ”سنسيٽ ٻرندڙ جبل رکيو ۽ ايئن ھن جبل ڦاٽڻ سان چوٽيءَ تي جيڪا کڏ ٺھي پئي ھئي ان تي سنسيٽ ڪريٽر نالو پئجي ويو.

1928ع ۾ لينڊ سلائيڊنگ تي فلم ٺاھڻ لاءِ ھاليووڊ جي ھڪ فلم ڪمپنيءَ ھن جبل کي ڌماڪي سان ٻيھر ڦاڙڻ جي رٿ رٿي. فليگ اسٽاف جي رھواسين انھيءَ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ جبل کي ڌماڪي سان اڏائڻ نہ ڏنو. 1930ع ۾ آمريڪي صدر ھوور ھن ڪريٽر کي قومي يادگار جو درجو ڏنو ۽ قومي پارڪ سروس ھن جو انتظام سنڀالي ورتو. قومي يادگار جو درجو ملڻ کان پوءِ ھي ماڳ سياحت جو وڏو مرڪز بنجي ويو.

سياحن جي پيھ وڌي وڃڻ ڪري قومي پارڪ سروس ڪريٽر تائين وڃڻ وارو رستو 1973ع ۾ عام ماڻھن لاءِ بند ڪري ڇڏيو، البت جبل جي دامن تائين وڃڻ وارو رستو کليل رکيو. 5 جون 2015ع تي ھڪ ويب سائيٽ تي خبر آئي تہ ھي جبل ٻيھر ڦاٽڻ وارو آھي جنھن ڪري ھن علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو پر بعد ۾ اھا خبر ڪوڙي ثابت ٿي.[4]

اپريل 2022ع ۾ ھن علائقي ۾ باھ لکڻ سبب ھن يادگار کي ڪافي نقصان پھتو آھي ۽ ھي يادگار ايندڙ حڪمن تائين سياحن لاءِ بند ڪيو ويو آھي.[5]

حوالا سنواريو

  1. Flagstaff, Mailing Address: 6400 U. S. 89; Us, AZ 86004 Phone: 928-526-0502 x0 Contact. "People - Sunset Crater Volcano National Monument (U.S. National Park Service)". www.nps.gov. حاصل ڪيل 2022-04-24. 
  2. Pilles, Peter J. Jr. (1979). "Sunset Crater and the Sinagua: A New Interpretation". In Sheets, Payson D.; Grayson, Donald K. (eds.). Volcanic Activity and Human Ecology. New York: Academic Press. pp. 459–485. ISBN 9780126391206
  3. Elson, Mark D.; Ort, Michael H.; Sheppard, Paul R.; Samples, Terry L.; Anderson, Kirk C.; May, Elizabeth M. (2011). A.D. 1064 No More? A Multidisciplinary Re-evaluation of the Date of the Eruption of Sunset Crater Volcano, Northern Arizona (PDF). 76th Annual Meeting of the Society for American Archaeology. Sacramento, California. Archived from the original (PDF) on March 4, 2016.
  4. "America's Best Idea: Sunset Crater nearly destroyed by Hollwyood". KNAU Arizona Public Radio. حاصل ڪيل 2022-04-24. 
  5. Flagstaff, Mailing Address: 6400 U. S. 89; Us, AZ 86004 Phone: 928-526-0502 x0 Contact. "Plan Your Visit - Sunset Crater Volcano National Monument (U.S. National Park Service)". www.nps.gov. حاصل ڪيل 2022-04-24.