فقير امداد علي
فقير امداد علي (انگريزي: Fakir Imdad Ali) سنڌ جو سگهڙ شاعر آهي جنهن سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
زندگي جو احوال
سنواريوفقير امداد علي ٻٻر 2 فيبروري 1955ع تي غلام حيدر ٻٻر جي گهر ۾ دادو ضلعي جي خيرپور ناٿن شاھ تعلقي جي ڳوٺ آدم خان ٻٻر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم صرف هڪ درجو پرائيمري آهي. هيءُ سنڌ لوڪ ادب سنگت ضلعي دادو جو صدر بہ رهيو آهي. هن ننڍپڻ ۾ سگهڙائپ جو فن پنهنجي ناني کان سکيو. وڌيڪ تربيت سگهڙ استاد خدا بخش مشوري کان ورتائين. هن باقاعدي سگهڙائپ جي شروعات 1975ع ۾ ڪئي. هن لوڪ ادب جي ڏور بيت، سينگار ۽ ٻين صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. هيءُ ڳجهارت، هنر، ڏٺ ۽ پرولي ڏيڻ، جوڙڻ ۽ پڃڻ جو ماهر سگهڙ آهي. هن سگهڙ طور پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي جي پروگرامن ۾ پڻ شرڪت ڪئي آهي.[1][2][3]
حوالا
سنواريو- ↑ "Daily Kawish - Sindhi News Paper". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2019-10-16.
- ↑ "Daily Kawish - Sindhi News Paper". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2019-10-16.
- ↑ سهڻل جا سينگار عاجز رحمت الله. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16708&BookTitle=Suhnal%20Ja%20Senngar%20Aajiz%20Rehmatullah.