فرزانه جمالي مسئلو

فرزانه جمالي مسئلو شهيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي، سنڌ ۾ پيش آيو، جتي شاگردياڻي فرزانه جمالي سندس شعبي جي چيئرمين عامر خٽڪ مٿان جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو.

فرزانه جمالي

فرزانه جمالي، سيپٽمبر 2018ع
پيدائش وسايو جمالي، نوابشاهه
پيشو شاگردياڻي
سَرگَرمُ سالَ سيپٽمبر 2018 کان تاحال
شھرت جو ڪارڻ جنسي هراسمنٽ جو الزام

پس منظر سنواريو

هي واقعو اپريل 2018ع کان هلندڙ هو. جتي شهيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي جي انگريزي شعبي ۾ آخري سال ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي فرزانه جمالي کي سندس شعبي جي چيئرمين پاران جنسي هراسان ڪيو ويو. فرزانه جمالي نوابشاهه جي ڳوٺ وسايو جمالي جي رهواسڻ آهي. سندس والد جو نالو اعجاز جمالي آهي. جنسي طور هراسان ڪرڻ وارين ڪوششن کان پوءِ فرزانه اها ڳالهه پنهنجي خاندان سان ڪئي، ان کان پوءِ سندس والد شهيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ارشد سليم وٽ ويو، جنهن اهڙي واقعي کان انڪار ڪيو، ۽ کيس اعجاز جمالي مٿان خاموش رهڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو.[1]

واقعو سنواريو

هي واقعو پهريون دفعو 3 سيپٽمبر 2018ع تي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو. 2 سيپٽمبر 2018ع تي شاگردياڻي فرزانه جمالي نوابشاهه جي پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪئي؛ جنهن ۾ هن الزام لڳايو ته انگريزي شعبي جي چيئرمين عامر خٽڪ جنسي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. کيس فيل ڪرڻ، سال پوئتي ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون. پريس ڪانفرنس ۾ هن اهو الزام پڻ لڳايو ته عامر خٽڪ ڪلاس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو هو، تذليل ڪندو هو ۽ کيس آفيس ۾ اڪيلي اچي ملڻ جو چوندو هو.[1]

فرزانه جمالي جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ يونيورسٽي جي انتظاميہ، تعليم شعبي جي چيئرمين طيبه ظريف، ميڊيا اسٽيڊيز جي چيئرمين ڊاڪٽر زاهد چنا ۽ ڪيمسٽري شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر لياقت زرداري تي مشتمل ٽي رڪني ڪاميٽي جوڙي. جنهن کي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. عامر خٽڪ جي ڀاءُ اشرف خٽڪ مٿان فرزانه جمالي جي ڀاءُ، جيڪو اڪنامڪس شعبي جو ليڪچرار آهي، ان يونيورسٽي جي زيرو پوائنٽ وٽ حملو ڪيو؛ جنهن جو ڪيس نوابشاهه تعلقي جي پوليس ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ۽ پوليس فرزانه جمالي جي والد اعجاز جمالي کي گرفتار ڪري ورتو.[1]

4 سيپٽمبر تي يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن ميڊيا سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو ۽ يونيورسٽي اتنظاميا جي حق ۾ شاگردن ۽ ملازمن ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو. پي ٽي آئي جو اڳواڻ حليم عادل شيخ فرزانه جمالي سان ملاقات ڪئي. هن واقعي جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، سنڌ پوليس جي آئي جي ڪليم امام واقعي جو نوٽيس وٺي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. 3 سيپٽمبر تي يونيورسٽي انتظاميہ پاران جوڙيل ڪاميٽي ختم ڪري نئين ڪاميٽي جوڙ وئي. نئين ڪاميٽي ۾ وٽرنري يونيورسٽي جي ڊين احمد سلطان جتوئي کي سربراهه مقرر ڪيو ويو. فرزانه جمالي جي والد کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کي عدالت ڊسٽرڪٽ جيل شهيد بينظير آباد موڪلي ڇڏيو.[2]

5 سيپٽمبر تي فرزانه جمالي پاران وائيس چانسلر ارشد سليم ۽ عامر خٽڪ مٿان ايف آئي آر داخل ڪرائي وئي. يونيورسٽي انتظاميہ سوشل ميڊيا تي فرزانه جمالي خلاف ۽ عامر خٽڪ جي حق ۾ پوسٽون رکڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير پاران ڪميشنر نوابشاهه اڪرم خواجه کان رپورٽ طلب ڪئي وئي، پر فرزانه جمالي ڪمشنر تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي. فرزانه جمالي ۽ سندس وارثن تي معاملو ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شهلا رضا فون ڪري سندس مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران مهراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي اي ڪيو راجپوت، ڊي سي نوشهروفيروز انور شر ۽ ڊپٽي سيڪريٽري تعليم جي اڳواڻي ۾ جانچ ڪاميٽي جوڙي وئي.[3]

بم ڌماڪو سنواريو

احتجاج سنواريو

4 سيپٽمبر تي فرزانه جمالي جي والد جي گرفتاري، جيڪو پاڻ پرائمري استاد آهي، جي احتجاج ۾ گلاب جمالي جي پرائمري اسڪول کي بند ڪيو ويو. ان کان سواءِ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي ۽ پي ٽي آئي ڪارڪنن نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهر احتجاج ڪيو. جسقم پاران نوابشاهه ۽ ڄام صاحب ۾ فرزانه جمالي جي حق ۾ احتجاج ڪيا ويا.[2]

5 سيپٽمبر تي مختلف قوم پرست تنظيمن واقعي خلاف نوابشاهه ۾ بک هڙتال ڪئي. سڪرنڊ ۾ واقعي خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ 10 تنظيمن جي اي پي سي جوڙي وئي. ان کان سواءِ مختلف تنظيمن قاضي احمد، حيدرآباد، شڪارپور، قمبر، سنڌ يونيورسٽي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽندو ڄام، ٽنڊو آدم، ميرواهه گورچاڻي ۾ فرزانه جمالي جي حق احتجاج ڪيا ويا. ساڳي ڏينهن يونيورسٽي جي استادن عامر خٽڪ ۽ وي سي جي حق ۾ احتجاج ڪيو، سندس چوڻ هو ته هراسمنٽ وارو ميسج ڏيکاريو وڃي يا سي سي ٽي وي ڪيمرا جو رڪارڊ ڏٺو وڃي، هي ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي. سنڌ جي يونيورسٽين جي آفيسرن جي تنظيم سنڌ يونيورسٽيز آفيسرز فيڊريشن هن واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته اڪثر يونيورسٽي ۾ شاگردن سان اهڙو برتاءُ رکيو ويندو آهي.[3]

واقعو بلحاظ ڏينهن سنواريو

  • 3 سيپٽمر: فرزانه جمالي پريس ڪانفرنس ڪئي؛ يونورسٽي انتظاميا ڪاميٽي جوڙي؛ فرزانه جي خاندان ارشد خٽڪ مٿان حملو ڪيو؛ پوليس فرزانه جمالي جي والد کي گرفتار ڪيو.[1]
  • 4 سيپٽمر: ملازمن ۽ شاگردن پاران وي سي ۽ عامر خٽڪ جي حق ۾ احتجاج؛ وڏي وزير، گورنر، ۽ آئي جي پوليس واقعي جو نوٽيس ورتو؛ فرزانه جمالي جي والد کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو؛ سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويا.[2]
  • 5 سيپٽمر: فرزانه جمالي پاران وائيس چانسلر ارشد سليم ۽ عامر خٽڪ مٿان ايف آئي آر داخل ڪرائي وئي؛ وڏي وزير پاران ٽي رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي. [3]
  • 9 آڪٽوبر: وائيس چانسلر ۽ الزام هيٺ آيل استاد عامر خٽڪ استعفي ڏئي ڇڏي.[4]

نتيجو سنواريو

9 آڪٽوبر تي سنڌ ۾ سخت احتجاج کان پوءِ شهيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ الزام هيٺ آيل استاد عامر خٽڪ استعفي ڏئي ڇڏي. استعفي ڏيندڙن جو موقف هو ته اڻ ڌري جانچ ممڪن بنائڻ لاءِ استعفي ڏني وئي آهي.[4]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردياڻي جو شعبي جي چيئرمين تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام. روزاني ڪاوش، صفحو 14 آرڪائيو ڪيا ويا 2019-02-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.، 3 سيپٽمبر 2018ع
  2. 2.0 2.1 2.2 بينظير يونيورسٽي شاگردياڻي کي انصاف ڏيڻ بدران استاد جي ساٿياڻي بڻجي وئي، گورنر ۽ وڏي وزير پاران جانچ جو حڪم. روزاني ڪاوش، صفحو مُک آرڪائيو ڪيا ويا 2018-10-09 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.، 4 سيپٽمبر 2018ع
  3. 3.0 3.1 3.2 وائيس چانسلر سليم ارشد ۽ عامر خٽڪ خلاف شاگردياڻي جي فرياد تي ايف آئي آر داخل آرڪائيو ڪيا ويا 2018-10-10 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشينروزاني ڪاوش، مک صفحو 5 سيپٽمبر 2018ع
  4. 4.0 4.1 "شاگردياڻي فرزانه جمالي کي حراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ڄاڻايل جوابدار شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاهه جي ويِ سي ارشد سليم کانپوءِ پروفيسر عامر خٽڪ به پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي". ktnnews.tv. 9 October 2018. http://www.ktnnews.tv/?p=106016. Retrieved 9 October 2018. [مئل ڳنڍڻو]