غلام مصطفيٰ زرداري

سنڌي شاعر

غلام مصطفيٰ زرداري (انگريزي ٻولي: Ghulam Mustafa Zardari، پيدائش: 1 مارچ 1967ع سنڌ جو صوفي شاعر، بُزرگ ۽ حڪيم آهي. هي سنڌ جي هڪ مشهور صوفي درويش حافظ علي مراد مست جو پوٽو آهي. غلام مصطفيٰ زرداري ڇهه ڪتابن جو مصنف آهي.

غلام مصطفيٰ زرداري
(المعروُف) سائين سرڪار
تاريخ پيدائش 1مارچ 1967ع
ڏوڪري تعلقو, لاڙڪاڻو ضلعو, حال (هاڻوڪو پتو) مورو تعلقو, نوشهرو فيروز ضلعو, سنڌ قوميت: سنڌي, پاڪستاني پاڪستان
روايت شاعري، حڪمت

ننڍپڻ ۽ تعليم سنواريو

غلام مصطفيٰ زرداري جو جنم، پهرين مارچ، 1967ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري تعلقي جي هڪ ڳوٺ، غلام محمد ڀٽو ۾ ٿيو. هي سنڌ جي هڪ صوفي درويش حافظ علي مراد مست جو پوٽو آهي. هن قرآن جي ناظران تعليم پنهنجي ناني محمد دائود رحه کان حاصل ڪئي ۽ سندس ڳوٺ جي اسڪول ۾ سنڌي جا پنج درجا پڻ پاس ڪيائين. هن ديني تعليم خير محمد آريجا ۾ حاجي هدايت الله جي مدرسي مان حاصل ڪئي. مدرسي جي تعليم کان پوءِ ٻيهر ڳوٺ اچي مينهن ۽ ٻڪرين جو ڌنار بڻجي پيو. هن اسڪول ٻُٽ سرائي مان مڊل جڏهن ته راڌڻ اسٽيشن هاءِاسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان 1985ع ۾ پاس ڪيو. 1987ع ۾ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج دادو ۾ داخلا ورتائين جتان پرائمري اسڪول جي استاد جي تربيت ورتائين. غلام مصطفي زرداري انٽر ( پرائيويٽ) (بي.اي.) (ايم. اي.) ۽ (بي. ايڊ.) پڻ پاس ڪئي.

شاعري ۽ پيشور زندگي سنواريو

جيڪي مونسان روحاني طرح محبت ڪن ٿا سي مونکي رت جي رشتي کان وڌيڪ عزيز آهن.

— غلام مصطفيٰ زرداري[1]

7 جون، 1987ع تي غلام مصطفيٰ زرداري کي پرائمري استاد جو آرڊر مليو، جيڪو ڪڪڙ شهر، خيرپور ناٿن شاه ۾ جوائن ڪيو. هن شاعري جي شروعات 1986ع کان ڪئي. ڪجهه عرصو مجاز ۾ هلڻ کان پوءِ حقيقت ڏانهن لاڙو ڪيائون. 1980ع کان 1994ع تائين هي چوڏهن سالن جو عرصو ڳوٺ مٺو جهتيال ۾ گذاريو.

سندس ويچار سنواريو

مون کي تعجب انهيء ڳالھ تي آهي ته جنهن صورت ۾ هن دنيا ۾ اچڻ وارا سڀ پيغمبر، درويش ۽ ڏاها انهيء ڳالھ تي متفق ٿي پنهنجي فڪر جي تبليغ ۽ تشريح ورجائيندا ويا آهن ته هيء دنيا هڪ عارضي طور رهڻ لاء مسافر خاني مثل آهي، بلڪه ڪن ڏاهن ته هن دنيا کي قيد خاني سان پڻ تشبيھ ڏني آهي؛
ته پوء هتي اچڻ واري لاء خوشيون ڇو ڪيون ٿيون وڃن؟ ۽ ان جي والدين کي مبارڪون ڇو ڏنيون ٿيون وڃن؟ ۽ هتان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وڃڻ واري لاء وري ڏک جو اظهار، روڄ راڙا ڪيا ٿا وڃن. هئڻ ته ايئن گھرجي ها ته اچڻ واري لاء همدردي طور ڏک جو اظهار ڪرڻ گھرجي ها ۽ وڃڻ يعني ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ واري لاء وري خوشيون ڪيون وڃن ها. پر هتي جا نظام ۽ دستور اُبتا آهن!

(غلام مصطفيٰ زرداري)[2]

ذاتي زندگي سنواريو

غلام مصطفىٰ  زرداري کي پنج ڀائر ۽ پنج ڀينرون آهن، هن جي شادي چنيسر خان جهتيال جي نياڻي سان ٿيل آهي. 1987ع ۽ 1988ع دوران هن جي ڪٽنب ڳوٺ غلام محمد ڀٽو، ڏوڪري تعلقي، مان لڏي ڳوٺ سائو ڍورو، مورو تعلقو، ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن وقت غلام مصطفيٰ زرداري هڪ صوفي بزرگ ۽ بهترين حڪيم طور سڃاتا وڃن ٿا.

حقيقت ڏانهن لاڙو سنواريو

معتبر طالبن جي حساب سان سائين جمال الدين بادشاه جيڪو شهنشاه حافظ علي مراد جو وزير به ٿي رهيو ۽ دعا جو بادشاه پڻ سڏيو ويو ۽ پڇاڙي گهڙي تائين ساڻس گڏ رهيو ۽ رهندو ۔ خاص طرح سائين جمال الدين بادشاه ميهڙ واري جو جڏهن ڳوٺ,مٺو جهتيال ۾ رهڻ ٿيو تڏهن کان شهنشاه حافظ علي مراد جي عروج ۽ نزول ، جلال و جمال ڪشف و ڪرامات جون ڪچهريون ڇڙڻ شروع ٿيون جن مان سائين سرڪار جي اندر واري اک کلڻ شروع ڪيو جنهن مان اها پروڙ پين ته مان ڇا آهيان ؟ منهنجي وجود ۾ هي جيڪو ٻوليندڙ آهي سو ڪير آهي ؟ هي دم ڇا آهي ؟ دم جو اچڻ ڪٿان آهي ۽ وڃڻ ڪيڏانهن آهي ؟ مطلب سندن وجود مان ئي سوالن منهن ڪڍيو ۽ سندن اندر واري قاضي ئي کين انهن سوالن جا ڏنا ۔ تڏهن کان ئي قلب قراري ٿيو ۽ سندن مفتي کين منجهائن ئي مليو جيڪو سائين جمال الدين بادشاه جي ڪچهرين جو نتيجو هو۔

ڪتاب سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: "سڀ ۾ پرين پاڻ" , مصنف: از غلام مصطفيٰ زرداري: سال 2005ع. ڪينجھر ڪمپيوٽر جتوئي ڪالوني مورو
  2. ڪتاب: "وحدت منجھ وجود" , مصنف از: غلام مصطفيٰ زرداري, سال 2006ع رابيل آرٽ پرنٽنگ پريس مورو.