غلام رباني اوٺو [1]ولد ڀائي خان اُوٺو جو جنم 15 آگسٽ 1951ع تي ڳوٺ باجارا تعلقي سيوهڻ شريف ۾ ٿيو. تعليم، ايم اي ۽ ايم ايڊ اٿس. پاڻ ڪرم پور هاءِ اسڪول جو هيڊ ماسٽر پڻ رهيو آهي.

غلام رباني اوٺو
مقامي ٻوليء ۾ نالو غلام رباني اوٺو
پيدائش 1951ع
سيوھڻ, ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان
ڌنڌو ليکڪ
قوميت پاڪستاني
موضوع شاعري

شاعري جي شروعات سنواريو

شاعري جي شروعات 1974ع کان ڪيائين. سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شاعري ڇپجي چڪي اٿس. سندس شاعري ۾ استاد ساغر ۽ مظهر اٿس. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: او ساقيا تون منهنجي خمارن جي ڳالهه ڪر، ڪيفي ڪٽڪ چڙهيا، مون اشارن جي ڳالهه ڪر. گل ڦل جي ڳالهه ڪر ۽ گلستان جي ڳالهه ڪر، ڳالهيون ڇڏي خزان جون بهارن جي ڳالهه ڪر. هوشو ۽ هيمون، دودي پارن جي ڳالهه ڪر، مونسين ڪرين ته عظمت انسان جي ڳالهه ڪر، ڪينجهر ۽ ڪارونجهر جي ڪنارن جي ڳالهه ڪر، سنڌوءَ جي ماٿري جي نظارن جي ڳالهه ڪر. درد و فراق هجر ۽ ارمان جي ڳالهه ڪر. مون حال بي قصي ۽ پريشان جي ڳالهه ڪر. “باجاري ربانيءَ” جي سهارن جي ڳالهه ڪر. ساغر ۽ سائين مظهر پارن جي ڳالهه ڪر.

حوالا سنواريو

  1. https://books.sindhsalamat.com/book/126/read/5389