عيد مسلمانن جو ڏڻ آھي. مسلمان ٻہ عيدون ملھائيندا آهن. هڪ کي عيد الفطر ۽ ٻي کي عيد الاضحيٰ چيو ويندو آهي. پھرين عيد اسلامي مھيني رمضان ۾ روزا رکڻ جي پڄاڻيءَ کانپوءِ شوال جي پھرين تاريخ تي ھوندي آھي. جڏھن تہ ٻي عيد اسلامي ڪيلينڊر جي آخري مھيني ذوالحج جي ڏھين تاريخ تي ھوندي آھي، ۽ ان عيد تي چوپائي جانورن جي قرباني ڪئي ويندي آھي.