ارضي ڀٽو
ديھ عرضي ڀٽو(انگريزي: Deh Arzi Bhutto ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي سجاول جوڻيجو تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا عرضي ڀٽو تپي ۾ واقع آهي.
عرضي ڀٽو (سجاول جوڻيجو) ديھ عرضي ڀٽو | |
---|---|
ديھ | |
Deh Arzi Bhutto | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°49′48″N 68°09′03″E / 27.83000°N 68.15083°Eمڪانيت: 27°49′48″N 68°09′03″E / 27.83000°N 68.15083°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | سجاول جوڻيجو تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 8,005 |
تاريخ سنواريو
بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1882ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ عرضي ڀٽو جنھن جي ٻاھران ھڪ مقام ۽ عيدگاھ واقع ھئي. ان کان سواءِ ڳوٺ اسماعيل عذابي، ڳوٺ صابو ڪلھوڙو، ڳوٺ قاسم لاشاري، ڳوٺ علي محمد ڀٽو، واقع ھيو[2]. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ عرضي ڀٽو، ڳوٺ محمد قاسم لاشاري، منڊڙي فقيرياڻي جو مڪان جنھن کان ڪجهه فاصلي تي درگاھ شھيد سيد ڏنل شاھ بادشاھ معروف آھن.
جاگرافي سنواريو
ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ جيند لڪ، ديھ سعيد خان جوڻيجو اوڀر ۾ ديھ بخشو ساريو، اولھ ۾ ديھ سجاول جوڻيجو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چانگو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي.
آبادي سنواريو
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 8,005 ھئي جيڪا 1,285 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا سنواريو
حوالا سنواريو
- ↑ 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]