عالمي امن دفتر

بين-الاقوامي تنظيم

عالمي امن دفتر يا انٽرنيشنل پيس بيورو (International Peace BureauI.P.B) ھڪ بين الاقوامي تنظيم جنھن جو بنياد سوئيٽزرلينڊ جي شهر برن ۾ 1891ع ۾ رکيو ويو. هن تنظيم جي قيام جو مقصد هڪ اهڙو مرڪز وجود ۾ آڻڻ هو، جنهن وسيلي مختلف ملڪن ۾ امن لاءِ ٿيندڙ سرگرمين کي گڏيل نموني جاري رکي سگهجي. هن تنظيم کي 1910ع جو نوبل انعام بہ ڏنو ويو. نوبل امن انعام جي شروعاتي ڏهن سالن ۾ هن تنظيم کي ست ڀيرا ان انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو هو، پر جڏهن نوبل ڪميٽيءَ هن تنظيم جي خدمتن جو اعتراف ڪندي انعام ڏنو تہ ان کانپوءِ هن اداري جي ڪارڪردگي متاثر ٿيڻ لڳي.

هن اداري جو قيام 1891ع ۾ روس ۾ ٿيل ٽين عالمي ڪانگريس جي ميمبرن جي ڪوششن جو نتيجي طور ٿيو هو، عالمي ڪانگريس جي ميمبرن کي ان نڪتي تي متحد ڪرڻ ۾ فريڊرڪ بيگر (Fredrik Bager)، هاڊسن پريٽ (Hodgson Pratt) ۽ چارلس ليمونيئر (Charles Lemonier) اهم ڪردار ادا ڪيو هو، اداري جي بنيادي متن ۾ طئہ ڪيو ويو هو تہ هيءَ تنظيم:

  1. سموري دنيا جي امن پسندن درميان رابطي کي مضبوط بڻائيندي،
  2. امن لاءِ ڪم ڪندڙن کي معلومات فراهم ڪئي ويندي،
  3. عالمي امن ڪانگريس لاءِ قراردادون تيار ڪرڻ کانسواءِ انهن تي عمل ڪرائڻ جو بندوبست ڪندي.

قيام جي شروعاتي سالن ۾ هن تنظيم انهن نڪتن تي عملدرآمد ڪري امن جي تحريڪ ۾ هڪ طاقتور آواز طور ڪم ڪيو. جتي بہ ڪنهن جنگ جو خطرو هوندو هو، اتي هي بيورو امن لاءِ اپيلون موڪلڻ جو انتظام ڪندو هو، پر اڳتي هلي هيءُ طريقو گهڻو ڪارگر ثابت نہ ٿيو. قومن جي جماعت (League of Nations) ۽ پهرين جنگ عظيم کان پوءِ حڪومتي ۽ غير حڪومتي تنظيمن جي ميدان ۾ اچڻ کانپوءِ امن بيورو جي اهميت گهٽ ٿيندي وئي ۽ نيٺ ٻي جنگ عظيم دوران ان جون ڪارروايون معطل ٿي ويون. 1959ع ۾ سوئيٽزرلينڊ جي عدالت هن تنظيم جي باقاعدي خاتمي جو اعلان ڪيو ۽ ان جا سمورا اثاثا بين الاقوامي ليزان ڪميٽيءَ (International Liason Committee) جي حوالي ڪيا ويا. ان اڳوڻي امن تنظيم کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي نيت سان الڪوپ (Ilcop) جنيوا ۾ قائم پنهنجي سيڪريٽريٽ کي انٽر نيشنل بيورو آف پيس (International Bureau of Peace) جو نالو ڏنو. جيتوڻيڪ نوبل ڪميٽيءَ هي فيصلو مڃي ورتو، پوءِ هنَ ڪميٽي امن لاءِ جاکوڙيو اڳوڻي تنظيم وارو مقام حاصل نہ ڪري سگهي.[1][2][3]

حوالا سنواريو