عاشق حسين البدوي


"ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي" (انگريزي ٻولي: Dr-Ashiq Hussain Al-badvi) فُوڊ انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ بدويءَ جي گھر شڪارپور ۾ جنم ورتو، سندس والده محترمه جو تعلق شڪارپور سان هو ۽ پوءِ شڪارپور ڇڏي ٽنڊوآدم ۾ سندس خاندان رهائش اختيار ڪئي. هن ايم بي بي ايس، لياقت ڪاليج ڄامشوري مان ڪئي، ان کان پوءِ هن ڪجھه عرصو آرمي جي ميڊيڪل ڪور ۾ ڪيپٽن طور ڪم ڪيو. جتان واپس ٿيڻ کان پوءِ هن ڪجھه وقت لبيا ۾ ڊاڪٽر طور ڪم ڪيو.


ڊاڪٽر عاشق حسين البدوي
ڈاکٹر عاشق حسین البدوی
پيدائش عاشق حسين
ٽنڊوآدم, سنڌ, پاڪستان
وفات آگسٽ 12, 2012(2012-08-12)
قوميت پاڪستاني
بُڻ بُڻياد سنڌي
پيشو ڪيپٽن,ليکڪ,ڊاڪٽر
مذھب اسلام


تعليم سنواريو

هُن ايم.بِي.بِي.ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ڪئي.

ادب سنواريو

هُن پدم پبليڪيشن جو بنياد وڌو ۽ ان پاران ٻه ڪتاب ”چمڙيءَ جون بيماريون“ ۽ ”دنيا جا شاهڪار افسانا“ ڇپايا، هو عالمي ادب جو سٺو پڙهندڙ هو جنهنڪري هن ڪجھه ڪهاڻيون ڪتابي صورت ۾ ترجمو ڪري ڇپايون. اديبن جي نظر مان هن جون فقط سنڌيءَ ۽ اردو ۾ تحريرون گذريون. حياتي جي آخري ڏينهن ۾ ميڊيڪل ڊڪشنري انگريزي سنڌي مرتب ڪيائين ۽ هن جي چواڻي اها سنڌي لينگوئيج اٿارٽيءَ طرفان ڇپائي لاءِ منظور ڪئي وئي. منصور حلاج جو ڪتاب ”طوا سين“ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين ۽ اهو شاهه ولي الله اڪيڊميءَ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. البت ٻڌايو هئائين ته ابن عربي جي ڪتاب ”فصوص الحڪم“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو اٿائين پر اهو سندس حياتيءَ ۾ ڇپجي پڌرو نه ٿي سگهيو، محمدفتح الله گيولن جي ڪتاب جو سِنڌي ترجمو ”تصوف جون تجليون“ پڻ ڪيائين جيڪو سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپرايو ويو. [1]

زندگي سنواريو

ڪجھه مسئلن جي ڪري هو ٽنڊوآدم ڇڏي، ڪراچي رهڻ لڳو جِتي هو مختلف اين جي اوز سان ڪم ڪندو رهيو ۽ ادبي ڪم به ڪندو رهيو. ڀائرن ۾ هي سڀ کان وڏو هو، ان کان پوءِ ساجد حسين، خالد حسين ۽ راشد حسين آهن، جن مان هن وقت ننڍو ڀاءُ راشد حسين ٽنڊي آدم ۾ رهي ٿو. ياد رهي ته هن جي ماسڙن ۾ انيس انصاري جهڙو اديب به شامل هئو جنهن سان هو ڪاليج جي زماني کان علمي ۽ ادبي بحث ڪرڻ لاءِ انيس انصاري وٽ اچي ڏينهن جا ڏينهن رهندو هئو

وفات سنواريو

سندس وفات 12 آگسٽ 2012ع ۾ ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ دِل جي دوري پوڻ ڪري ٿي، ٻاڪري عيد واري چنڊ رات جو، پوليس کي ڪنهن اطلاع ڏنو؛ ڊاڪٽر عاشق حسين جو ڪمرو ٻه ٽن ڏينهن کان بند آهي. هوٽل جي ڪمري جو در ڀڳو ويو ۽ بدوي جي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي اطلاع ڪيو ويو، جن اچي مڙهه ايڌي سينٽر مان وصول ڪيو. جسد خاڪيءَ کي ٽنڊو آدم ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


حوالا سنواريو

  1. ::: Sindhica :::[مئل ڳنڍڻو]