طھر جي رسم

(طوھر کان چوريل)

طوھر يا خطنو يا ختنو (انگريزي: Circumcision ) عربي ۾ مردن جي طوھر لاءِ خطن (khitan) ۽ عورتن جي طوھر لاءِ خفد (khafd) لفظ استعمال ڪندا آهن. لفظ طوھر طھارت يا پاڪائي مان نڪتل آهي. مردن جو طوھر ھڪ جراحي يا سرجري وارو عمل آھي جنھن ۾ مرد جي جنسي عضووي جي چوٽي ۾ زائد کل کي گولائي ۾ ڪٽي ڌار ڪيو ويندو آهي[1]. طوھر جي رسم وڏي پيماني تي آسٽريليا ۽ آفريڪا جي اصل قديم رھاڪن ۽ مخصوص مذھبي گروھن جھڙوڪ مسلمانن، يھودين ۽ عيسائين ۾ مروج آھي. موجوده دؤر ۾ طوھر صحت صفائي جي لاء ڪرايو وڃي ٿو پر شاھدين مان پتو پئي ٿو ته ان جي ڪرائڻ جا کوڙ ٻيا سبب آھن[1]. بائيبل جي روايت مطابق طوھر خدا جو ابراھيم، ان جي اولاد ۽ عبرانين سان ھڪ عھد آھي[1]. اسلام ۾ طوھر سنت آھي ۽ ھر مرد مسلمان لازمي طور تي جسم جي پاڪائي لاء ڪرائندو آھي[1]. قرآن ۾ طوھر لاء خدا جي عھد واري روايت موجود ڪانہ آھي نہ وري مسلمان ان روايت کي مڃن ٿا[1]. عالمن مطابق طوھر جي رسم اسلام کان اڳ عربستان ۾ رائج ھئي ۽ اسلام بہ ان کي قبول ڪيو[1]. قرآن ۾ طوھر جو ڪوبه ز ذڪر ڪانھي پر حديث ۾ ان جو ذڪر ٿيل آهي. ھڪ حديث ۾ ذڪر ٿيل آهي تہ ابراهيم طوھر ڪرايو ھيو[1]. فقيھن مطابق اھو سنت يا واجب ۾ اچي ٿو[1]. طوھر ھاڻي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ڪندا آهن. ڪافي مسلمان علائقن ۾ حجم بہ اھو ڪم ڪندا آهن. ڪن مسلمان معاشرن ۾ ڄمڻ کان يآ بالغ ٿيڻ کان ستين ڏينھن تي طوھر ڪرايو ويندو آهي[1]. ترڪي ۾ طوھر اسپتالن م ڊاڪٽر ڪندا آهن ۽ ان لاء عمر 6 يا 7 سال ھوندي آھي. ھن معاشرن ۾ طوھر لاء وڏو جشن ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ طعام پڻ کارايا ويندا آهن. ڪٿي وري شادي سان گڏ طوھر جو جشن بہ شامل ڪيو ويندو آهي[1].

طوھر جي سرجري جو طريقو جنھن ۾ اوزار جو استعمال پڻ ڏيکاريل
دنيا ۾ طوھر جي رسم چٽن رنگن سان ظاھر ڪيل

عورتن جي طوھر جي رسم

سنواريو

ان رسم کي طب ۾ ڪلٽورڊيڪٽومي (clitoridectomy) چوندا آهن ۽ انساني حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ ان کي زناني جنسي عضوي جي بگاڙ (Female Genital Mutilation) ۽ مختصرن FGM چون ٿا ڇوته انھن مطابق ان طوھر سان عورت جي جسماني ۽ جذباتي نقصان ٿيڻ ڪري مريض ٿي ويندي آهي[1]. اھا رسم مسلمانن ۾ ننڍي پيماني تي مروج آهي ۽ مسلمانن جي اڪثريت ان کي قبول نه ڪندي آهي[1]. اصل ۾ اھا اتر آفريڪا ۽ صحارہ ريگستان جي ڪجهه علائقن جي ھڪ قديم رسم آھي ۽ ان کي بعد ۾ ان علائقن جي عيسائين ۽ مسلمانن به اپنايو.ڪجهه اسلامي فقيھن ان رسم کي لازمي قرار ڏنو انھن مطابق عورت جي عضوي ۾ لبن (clitoris) جي چوٽي کي ڪٽرائڻ کپي[1]. ڪن ھنڌن تہ جنسي عضوي جو پورو ٻاھريون حصو ڪٽيو ويندو آهي. ان طريقي جي طوھر جي فقيھن مخالفت ڪئي آھي ۽ سندن خيال مطابق ان قسم جو طوھر علائقائي رسم مطابق ٿئي پيو. عورتن جو طوھر دايون، حجم وغيره ڪندا آهن[1]. ان طوھر ۾ انفيڪشن ٿيڻ جو امڪان تمام گھڻو ھوندو آھي ڪڏھن ڪڏھن تہ سنگين خرابيون ٿي وينديون آهن[1]. مردن جي طوھر وانگر عورتن جي طوھر کي بہ پاڪائي سڏيو وڃي ٿو ۽ ان کي شادي لاء ان جي تياري سڏيندا آهن. عورتن جي طوھر ۾ مردن وانگر جشن يا خوشي ڪانه ڪئي ويندي آهي[1].

سنڌ ۾ طوھر جي رسم

سنواريو

هي رسم گهڻو ڪري تڏهن ادا ڪبي آهي، جڏهن پُٽ اٺين سال ۾ پير پائيندو آهي. حال سارو مجلس لاءِ پلاءَ، ٻوڙ ۽ ٻيا لذيذ طعام تيار ڪبا آهن ۽ راڳيندڙ گهرائبا آهن ۽ ڪن گهراڻن ۾ آتشبازي جو بندوبست ڪبو آهي، ڇوڪر کي گيڙو رتا ڪپڙا پهرائي، موڙن سان سينگاري، گهوڙي تي چاڙهي شهرن مان سرگس ڪري گهمائيندا آهن. اُن سان گڏ باجا وڄائيندا، راڳ ڳائيندا ۽ بندوقن جا ٺڪاءَ ڪندا هلندا آهن. گهر موٽڻ تي حجام طهور ڪندو اٿس. هتي به طهر ساڳئي نموني ڪبو آهي، جيئن عربستان ۾ ڪبو آهي. پر هتي ايڏا سٺا حجام ڪونهن. زخم تي گيهه، ميڻ ۽ نم جي پٽي ڪندا آهن. ڦٽ گهڻو ڪري اٺن- ڏهن ڏينهن ۾ ڇُٽي ويندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اينگهه به ڪندو آهي. طهر کان پوءِ هڪدم ڪپڙا ۽ پئسا ڇوڪر جي مٿان گهوري، حجام ۽ لنگهن کي ڏيندا آهن. جڏهن ڇوڪر ڇٽندو آهي، تڏهن کيس ٻاهر ڪڍي پير ڌوئاريندا آهن ۽ ڪجهه خرچي ڏيندا اٿس، ۽ غريبن کي کارائيندا ۽ خيرات ڏيندا آهن. جيڪي غريب خرچ نه ڪري سگهندا آهن، سي رڳو حجام کي سنت جا ٻه چار پئسا ڏيندا آهن. هتي ڇوڪرين جو طهر ڪونه ٿيندو آهي.[2] ڪي ماڻهو ته ٻار ڄمڻ سان ناڙي موڙڻ مهل ئي طُهر ڪرائي ڇڏيندا آهن، ڪي وري ڇٺيءَ تي طهر ڪرائيندا، پر زالون انهي ماٺ ميٺ جي طهر ۾ ڏاڍيون ناراض هونديون آهن. چونديون آهن ته ”امان صدقي، ڪو اڌڙيل جو پٽ ته ڪونهي جو گنگ ٻوڙ ۾ طهرائي ڇڏجي.“ جڏهن ٻار پنجن ڇهن سالن جو ٿيندو آهي تڏهن مائٽ ٻار جي طهر جو بندوبست ڪندا آهن. پهرين پهرين طهر جو ڏينهن ٻڌندا. ڏينهن ٻڌي طور کان اڳ دهل بيهاريندا- جنهن ڏينهن دهل بيهندا ان ڏينهن زالون هڪ ٻئي تا ڏاڍا رنگ وجهنديون آهن، مبارڪون مبارڪون ٿي وينديون، ان ڏينهن دهلن جون بسريون ڪري راڄ ۾ ورهائيندا آهن. جنهن ڏينهن دهل بيهندا آهن انهي ئي شام جو ٻُڪي پوندي آهي. ٻڪي ساڳي شاديءَ جي ٻڪيءَ وانگر ٿيندي آهي جنهنجو ذڪر ڊاهريءَ ۾ ٿي گذريو. پوءِ روز صبح شام دهلاري دهلن جو دس وڄائيندا آهن. ۽ کين روز گهور ملندي آهي، تان جو اچي طهر جو ڏينهن ٿيندو. هوڏي طهر جا دهل بيٺا هوڏي ناناڻن ڪوٺي جي بندوبست ۾ لڳي ويندا. ڪوٺو طهر جي سامان کي چوندا آهن جنهن ۾ هنڌ،کٽ، ڪپڙن جو وڳو، ڪلهن لاءِ بوڇڻ. گوڏ لاءِ حلواڻي ريٽو، وڃڻون، ڳوٿري رومال، ٽي وهاڻان وغيره هوندا آهن ۽ وري پيءُ ماءُ موڙٽ، ٻٽ کهنبو وغيره تيار ڪرائيندا آهن. دهلن کان پوءِ زالون شادي وانگر آڌي آڌيءَ تائين دهل ڪٽينديون آهن، روز رات جو ڳائڻ وڄائڻ ٿيندو آهي. انهي وچ ۾ حجام، برادريءَ ۽ سنگت ساٿ وارن کي طهر جون سگهريون دعوتون ڏئي ڇڏيندو آهي. بس پوءِ جيئن پئي طهر جي تاريخ ويجهي ايندي تيئن ڄاڃي مانڃي ايندا ويندا اوڙي پاڙي کي به سڏ سلح اچي ويندا. پوءِ طهر کان هڪ رات اڳ گهوٽ کي رات جو زالون ميندي لائينديون آهن، پوءِ ڏاڍا ڳائڻ ٿيندا ۽ زالون سرورَ جو سڏ ڏينديون آهن. سو هيئن جو پنج پاءُ مينديءَ جا پنجن ٿالهن ۾ ڀڄائي هڪ صندل تي رکنديون ۽ سرور جي سڏ ڏيڻ واري اُتي سرور جو سڏ ڏيندي آھي. اها سڄي رات ڳائيندي وڄائيندي گذرندي صبح جو يعني طهر واري ڏينهن مهمانن کي نيرن کارائڻ کان پوءِ وري ڳائڻ وڄائڻ ۽ ٻنپهرن جي ماني ٿيندي جنهن کي ”جنڃ“ چون. ٻاهر ڇني ۾ به مهمانن کي ماني کارائين ان کان پوءِ هرڪو پنهنجي سرندي سارو پوئو پهت ڏئي، ٽه پهريءَ جو طهر واري ٻار کي وهنجاري سهنجاري کيس نوان ڪپڙا پارائي گهر ۾ کٽ تي ويهاريندا پوءِ عزيز قريب دهلن ڌمامن سان ايندا، جيڪي اچي کيس موڙ ٻڌندا ڳانو ٻڌڻ کان پوءِ گهور ٿيندي ۽ ان کان پوءِ سرگس ٿيندي. سرگس لاءِ اڳ ۾ ئي گهوڙو سينگاريو بيٺو هوندو گهوٽ کي وٺي اچي گهوڙي تي چاڙهيندا اهو سرگس به ائين ئي ٿئي جيئن شاديءَ جي: سرگس ٿيندو آهي راڳ به ساڳيا ڳائين. هوڏي گهوٽ وڃي سرگس تي هيڏي گهوٽ ماءُ کي پاڻيءَ جو ٿالهه ڀري پير اگهاڙا ڪرائي ان ۾ بيهارين ۽ سندس مٿي تي جَنڊ جو پُڙ رکن جنهن کي ٻه زالون پاسن کان جهلي بيهن ۽ گهوٽ ماءُ جي هٿن ۾ سُٽ ڏين جنهن کي پئي هٿن ۾ ڦيرائيندي آهي. گهوٽ ڀيڻ کي وري پير اگهاڙا ڪرائي ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجهرائي مٿي تي ڪلام الله شريف رکائين تيسين جيسين طهر ٿئي. هوڏي گهوٽ سرگس تان ٿي واپس ايندو، پوءِ کيس حلواڻ جي گوڏ ٻڌائي، ٺِڪر جي پاٽ اونڌي ڪري اُن تي ويهاري پير هيٺيان رپيا رکائي سوني جهرڪي ڏيکاري ڇڏيندا. ائين طهر ٿيڻ کان پوءِ مبارڪون مبارڪون ٿي وينديون، عزيز قريب طهر جي گهور ڏيندا جيڪا حجام کڻي، طهر ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ ٻار کي آڻي هنڌ تي سمهاريندا پوءِ ٻار جو روز علاج ٿيندو، جيسين ڦٽ ڇٽي. انهي وچ ۾ کيس گيهه کنڊ گهڻي کارائين. حلوا، سيرا، چلا، بسريون، مطلب ته جيڪي کائي. هٿ ۾ هر وقت رک لاءِ ڪاتي ڏينس، ڦٽ ڇٽڻ کان پوءِ پاڻي وجهنس، انهيءَ ڏينهن به يا بسريون ڪن يا ديڳ لاهين، پوءِ ڪپڙا پارائي ڳانو ڇوري ڇڏيندس..[3]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages 146,147
  2. رچرڊ برٽن؛ حيدرآباد ۽ ان جون ريتون رسمون  ; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ
  3. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page6.html.  Missing or empty |title= (مدد)}