ڊاڪٽر طاهر حسين (Tahir Hussain؛ 1923ع – 21 ڊسمبر، 2010ع)، هڪ پاڪستاني ائٽمي سائنسدان هو ۽ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ فزڪس جو اميريٽس پروفيسر هو، جنهن جي تحقيق ذري جي تيز رفتار کي سمجهڻ ۾ مصروف هئي.[1]

ڊاڪٽر طاهر حسين
Dr. Tahir Hussain
پيدائش 1923ع
علي ڳڙهه، اتر پرديش، هندستان (اڄوڪي، علي ڳڙهه، اتر پرديش هندستان ۾)
وفات ‏21 ڊسمبر، 2010ع (عمر 87)
لاهور، پنجاب، پاڪستان
قوميت پاڪستاني
مادر علمي * علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي (AMU)
  • گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي (GCU)
  • آڪسفورڊ يونيورسٽي (OU)
شھرت جو ڪارڻ معياري ماڊل ۾ پارٽيڪل فزڪس ۽ نيوڪليئر فزڪس
اعزاز تمغا امتياز (1965)
'سائنسي پيشو'
شعبو نيوڪليئر فزڪس
ادارا * گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي
  • آزاد ڪشمير يونيورسٽي
  • شکاگو يونيورسٽي
مشھور شاگرد * اشفاق احمد
  • ثمر مبارڪ مند

سوانح عمري

سنواريو

ڊاڪٽر طاهر حسين 1923ع ۾ علي ڳڙهه، اتر پرديش، برطانوي هندستان ۾ پيدا ٿيو. [2] هن علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي (AMU) مان فزڪس ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ اعزاز سان گڏ فزڪس ۾ ايم ايس سي ڪئي.[3] سال 1948ع ۾ پاڪستان جي گورنر جنرل، قائد اعظم، محمد علي جناح جي دعوت تي ڊاڪٽر آر.ايم.چوڌري سان گڏ هجرت ڪري پاڪستان آيو. آر.ايم.چوڌري جي چوڻ تي لاهور جي گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ ليبارٽري جي ليڪچرار طور ٽيچنگ پوزيشن قبول ڪئي.[4]

ڊاڪٽر طاهر هڪ اسڪالر شپ تي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لاءِ برطانيه ويو، جتي 1954ع ۾ نيوڪليئر فزڪس ۾ پاس ڪيائين ۽ کيس ڊي فل جي ڊگري ڏني وئي.[1][5][6] واپس اچڻ تي هن 1955ع ۾ سولڊ اسٽيٽ فزڪس جا ڪورس سيکاريا ۽ 1962ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ فزڪس ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين شپ سنڀالي.[7] سال 1955ع ۾ هن "سينٽر فار ايڊوانس اسٽڊيز ان فزڪس" (CASP) جو بنياد رکيو ۽ ان جي باني ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو.[8]

1950-60 جي ڏهاڪي ۾، هن اسٽيٽ يونيورسٽي آف نيويارڪ، يونيورسٽي آف شڪاگو ۽ ميساچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (MIT) ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ فيلو جي حيثيت سان آمريڪا جو دورو ڪيو، گڏوگڏ هارورڊ يونيورسٽي ۽ ڪيليفورنيا ۾ اسٽينفورڊ يونيورسٽي جو دورو ڪيو.[9] هن لارنس ليورمور نيشنل ليبارٽري جو به دورو ڪيو ۽ واپسي تي هن لاهور ۾ نيوڪليئر ريسرچ ليبارٽري قائم ڪئي جيڪا لارنس ليورمور جي بنياد تي پنهنجي يونيورسٽي ۾ فزڪس جي تدريسي پروگرام کي اپڊيٽ ڪندي رهي.[10]

سال 1965-69ع ۾ کيس آزاد ڪشمير يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ۽ بعد ۾ پاڪستان جي وزارت تعليم ۾ تعليم بابت صلاحڪار جي حيثيت سان ملازمت ملي. هن تعليم جي وزارت ذريعي پاڪستان ۾ "ايجوڪيشن يو.ايس.اي نيٽ ورڪ" جي صدارت ڪئي.[11]

سال 1972ع ۾، ڊاڪٽر طاهر حسين کي ڊاڪٽر اشفاق احمد جي سربراهيءَ ۾ پڙهائيندڙ نيوڪليئر فزڪس گروپ پاران ماس-انرجي برابري ۽ تابڪاري جي کوٽ جي مطالعي تي صلاح مشوري ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو، جيڪو ڳجهي طور تي ائٽم بم پروگرام تي ڪم ڪري رهيو هو.[12]

پنهنجي ڪيريئر دوران، ڊاڪٽر طاهر حسين گورنمينٽ ڪالج يونيورسٽي ۾ ٽيچنگ فيڪلٽي تي رهيو ۽ سال 1970ع ۾ ڪالج جي فزڪس جي ڪتاب "فنڊامينٽلز آف فزڪس" لکيو، جيڪو پوءِ نون ايڊيشن ۾ شايع ٿيو.[13] ڊاڪٽر طاهر حسين 21 ڊسمبر، 2010ع تي 87 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي، گورنمينٽ ڪالج يونيورسٽي لاهور ۾ ڊاڪٽر طاهر حسين جي تعزيتي ريفرنس جو انعقاد ڪيو ويو.[14]

درسي ڪتاب

سنواريو
  • حسين، ڊاڪٽر طاهر (1970). فزڪس جا بنيادي اصول (پهريون ايڊيشن)، قومي ڪتب خانه، لاهور، پنجاب، پاڪستان.

اقتباس

سنواريو
"نظريا جيڪو مون سيکاريا، منهنجي شاگردن ان جا نتيجا پيدا ڪندا."

ايوارڊ

سنواريو

پڻ ڏسو

سنواريو
  1. 1.0 1.1 "Dr. Tahir Hussain". nazariapak.info. Nazaria-i-Pakistan Trust. حاصل ڪيل 28 April 2020. 
  2. Newspaper, the (21 December 2010). "Nuclear physicist Dr Husain dies" (en-us ۾). DAWN.COM. Dawn (Lahore, Punjab, Pakistan: Dawn Newspaper). https://www.dawn.com/news/592535. Retrieved 28 April 2020. 
  3. "Dr. Tahir Hussain". nazariapak.info. Nazaria-i-Pakistan Trust. حاصل ڪيل 28 April 2020. 
  4. Hussain, PhD, Tahir. "Physics Education in Pakistan: An Account of the Early Decades" (PDF). www.comsats.org. Islamabad, Pakistan: COMSATS. صفحو. 227. حاصل ڪيل 28 April 2020. 
  5. Newspaper, the (21 December 2010). "Nuclear physicist Dr Husain dies" (en-us ۾). DAWN.COM. Dawn (Lahore, Punjab, Pakistan: Dawn Newspaper). https://www.dawn.com/news/592535. Retrieved 28 April 2020. 
  6. (en ۾) Who's who in Atoms. Vallancey Press. 1969. https://books.google.com/books?id=bdfaAAAAMAAJ&q=husain. 
  7. Hussain, PhD, Tahir. "Physics Education in Pakistan: An Account of the Early Decades" (PDF). www.comsats.org. Islamabad, Pakistan: COMSATS. صفحو. 227. حاصل ڪيل 28 April 2020. 
  8. ."Center For Advance Studies in Physics (CASP)". Government College University press. Chief Librarian GC University Library. وقت 7 March 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 Apr 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  9. Hussain, PhD, Tahir. "Physics Education in Pakistan: An Account of the Early Decades" (PDF). www.comsats.org. Islamabad, Pakistan: COMSATS. صفحو. 227. حاصل ڪيل 28 April 2020. 
  10. Hussain, PhD, Tahir. "Physics Education in Pakistan: An Account of the Early Decades" (PDF). www.comsats.org. Islamabad, Pakistan: COMSATS. صفحو. 227. حاصل ڪيل 28 April 2020. 
  11. "Dr. Tahir Hussain". nazariapak.info. Nazaria-i-Pakistan Trust. حاصل ڪيل 28 April 2020. 
  12. Rehman, Shahid-Ur-, The Nuclear Physics Group at PAEC 
  13. "Fundamentals of physics". حاصل ڪيل 28 April 2020. [مئل ڳنڍڻو]
  14. "Condolence" (en ۾). www.thenews.com.pk. https://www.thenews.com.pk/archive/print/276893-briefs.... Retrieved 28 April 2020.