طارق جوڻيجو (انگريزي:Tariq Junejo) سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ ليکڪ آهي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.

زندگي جو احوال سنواريو

طارق جوڻيجو جو پورو نالو طارق امام پٽ حڪيم دين محمد جوڻيجو آهي. هن سنڌ جي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي ڳوٺ ٻورڙي ۾ يگاني شاعر اڪرم ٻورڙائي جي گهر۾ جنم ورتو. سندس والد بعد ۾ ڪوٽڙي شهر هاڻ ڄامشورو ضلعو ۾ رهائش پذير ٿيو.[1]

تعليم سنواريو

طارق ميٽرڪ 1982ع ۾ گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول حيدرآباد ۽ 1985ع ۾ انٽر ڪئي. بي اي 1990ع ۾ پاس ڪيائين۽ آايم اي سوشيالاجي ۾ 1992ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين. . ايل ايل بي 1997ع ۾ گورنمنٽ لا ڪالج حيدرآباد مان ڪيائين.[1]

شاعري جي شروعات سنواريو

طارق جوڻيجو لکڻ جي شروعات 1984ع ۾ ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس استاد سندس والد آهي. طارق جوڻيجو شاعري ۾ غزل، گيت، وائي، نظم، نثري نظم، ٽيڙو، حمد، نعت ۽ منقبت جي صنفن ۾ لکيو آهي.[2]سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون برسات ميگزین حيدرآباد کان علاوه پاڪ اخبار، ھزار داستان ڊائجسٽ، ۽ ٻين معياري اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهي. سندس ڪتاب صحرا مجھ صدا ( گڏيل شاعري مرتب احسان آڪاش) ۽ ننڊ جا نيڻ (گڏيل شاعري مرتب احسان آڪاش ) ڇپيل آهن. هيءَ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.[1][3][4]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-07-23. 
  2. "ڪل سنڌ قمبر مشاعرو| Pechro News Sindhi | پيچرو نيوز سنڌي". www.pechro.com (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-07-23. 
  3. "علي اڪبر شائق محبت ۽ پيار تي ٻڌل شاعري ڪئي آهي:قاضي خادم -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-07-23. 
  4. "ساس دادو پاران ناليواري دانشور حاڪم علي شاهہ بخاري سان رهاڻ رچائي وئي". ساس دادو پاران ناليواري دانشور حاڪم علي شاهہ بخاري سان رهاڻ رچائي وئي. حاصل ڪيل 2020-07-23.