اڪرم ٻورڙائي (انگريزي:Akram Borarai) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو يگانو شاعر هو جنهن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن.

زندگي جو احوال سنواريو

اڪرم ٻورڙائي جو پورو نالو حڪيم دين محمد جوڻيجو ولد امام بخش جوڻيجو هو. هيءُ 25 فيبروري 1936ع تي سنڌ جي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي ڳوٺ ٻورڙي ۾ پيدا ٿيو. بعد ۾ اڪرم ٻورڙائي موجوده ڄامشورو ضلعو جي شهر ڪوٽڙي ۾ رهائش اختيار ڪيائين.[1][2]

شاعري جي شروعات سنواريو

اڪرم ٻورڙائي شاعري جي شروعات سال 1957ع ۾ ڪئي. اڪرم ٻورڙائي غزل، نعت، منقبت، نظم ۽ رباعي جي صنفن ۾ تمام گهڻي طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعري ٽماهي مهراڻ ، نئين زندگي ۽ ٻين اهم رسالن ۾ شايع ٿيل آهي. سندس شاعري جا 5 کان مٿي ڪتاب شايع ٿيل آهن جن ۾ اکيون پسڻ آئيون ذڪر لائق آهي. اڪرم ٻورڙائي حڪمت ۾ پڻ نهايت ماهر ۽ مشهور حڪيم هو.[1][3][4]

وفات سنواريو

اڪرم ٻورڙائي 2009ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-07-23. 
  2. Dr. Niaz Abbasi, Dadu at glance, District Govt. Dadu, 2011
  3. "ســمــجــھــي نــه ســگـھــيس (اڪرم ٻورڙائي) ڪتاب اکيون پسي آئيون". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-07-23. 
  4. "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-07-23.