شيلا ڀاٽيا

پنجابي ڪويتا لکندڙ شاعرا

شيلا ڀاٽيا (انگريزي ٻولي: Sheila Bhatia) هڪ هندستاني شاعرا ، ڊراما نگار،[1] ٿيٽر جي شخصيت[2] [3] ۽ دهلي آرٽ ٿيٽر جي باني هئي، جيڪو دهلي ۾ هندستاني فن جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ فورم آهي.[4] پنجابي اوپيرا، هندستاني انداز۾ آپريٽڪ تحريڪن کي شامل ڪندڙ ناچ ڊرامو جي هڪ شڪل آهي، جنهن جي شروعات شيلا ڀاٽيا ڪئي هئي. هن کي هندستان جي حڪومت 1971 ۾ چوٿون وڏو هندستاني سويلين ايوارڊ پدم شري سان نوازيو هيو،[5] هڪ ڏهاڪو کانپوءِ، هن کي 1982 ۾ ٿيٽر هدايتڪاري لاءِ سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ[6] جنهن کانپوءِ 1997 ۾ کيس ڪاليداس سمن ايوارڊ مليو.

شيئلا ڀاٽيا
پيدائش مارچ 1، 1916
سيالڪوٽ، برطانوي هندستان
وفات فيبروري 17، 2008
انڊيا
پيشو شاعرا، ڊرامو ليکڪ، ٿيٽر جي شخصيت
شھرت جو ڪارڻ پنجابي اوپيرا
اعزاز پدما شري
سنگيت ناٽڪ اڪادمي ايوارڊ
پنجابي اڪيڊمي ساهت سرڪار سنمان
دهلي ايڊمنسٽريشن ايوارڊ
مرزا غالب ايوارڊ
پنجابي آرٽس ڪائونسل سنمان (ايواڊ)
ڊي اي بهترين ڊائريڪٽر ايوارڊ
اردو اڪيڊمي ايوارڊ
ڪاليداس سمان
پرام ساهت سرڪار سنمان

سوانح عمري سنواريو

شيلا ڀاٽيا اڄڪلهہ واري پاڪستان ۾1 مارچ 1916 [7] تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿي هئي.[8] بي اي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ، هن (بي ٽي) گريجويشن ڪئي ۽ لاهور ۾ رياضي جي ماسترياڻي جي حيثيت سان ملازمت ڪرڻ شروع ڪيائين، تنهنکانپوءِ هندستان جي آزادي واري جدوجهد ۾ شامل ٿي وئي. ان دوران هيءَ دهلي ڏانهن هلي وئي، جتي هن دهلي آرٽ ٿيٽر جو پايو وِڌو. کاتو جي اڳواڻ جي حيثيت سان نيشنل اسڪول آف ڊراما ۾ پڻ عيوضي طور ڪم ڪيائين.[8] ڀاٽيا جي پهرئين پروڊڪشن ڪال آف دي ويلي هئي،[7][4] جيڪو هڪ راڳ رنگ جو پروگرام هيو. جنهنکانپوءِ 60 کان وڌيڪ پروڊڪشنز[1]، جهڙوڪ هيئر رانجها (1957)، درد آئي گي دبي پائون (1979)، سلگڙا دريا (1982)، عمر خيام (1990)، نصيب (1997)، چن بادلا ڊا، لوهہ ڪٽ وغيرہ ڪيائين.[9]

ايوارڊ سنواريو

ڀارت جي سرڪار هن کي 1971 ۾ پدم شري سولين ايوارڊ سان نوازيو هيو.[5] 1982 ۾ بهترين هدايت ڪاري تي سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ پڻ ماڻيائين.[6] مٿئين سال، هن کي غالب ايوارڊ (1983) ڏنو ويو، تنهنکانپوءِ پنجابي آرٽس ڪائونسل جو ايوارڊ ماڻيائين. کيس 1986 ۾ دهلي انتظاميا ۽ 1997 ۾ ڪاليداس سمن پاران بهترين هدايتڪار جو ايوارڊ مليس. هيءَ پنجابي اڪيڊمي (2000) جي ذريعي اردو اڪيڊمي ايوارڊ[9] جي پڻ مالڪياڻي بڻي هئي.

مرڳ سنواريو

شيلا ڀاٽيا 17 فيبروري 2008 تي 91 سال جي ڄمار ۾ پرلوڪ پَڌاري وئي.[7]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 Ananda Lal (ed.) (2004). The Oxford Companion to Indian Theatre. Oxford University Press. ISBN 9780195644463. http://www.oxfordreference.com/view/10.1093/acref/9780195644463.001.0001/acref-9780195644463-e-0078. 
  2. "Aesthetics of Indian Feminist Theatre". Rup Katha. حاصل ڪيل 30 May 2015. 
  3. Susie J. Tharu, Ke Lalita (1993). Women Writing in India: The twentieth century. Feminist Press. pp. 688. ISBN 9781558610293. https://books.google.ae/books?id=OjZYf9Xf9bcC&pg=PA79&lpg=PA79&dq=Sheila+Bhatia&source=bl&ots=3SJ4ZTXn0h&sig=Oq7J6PcIeCAUwZbvEO-WJZRdguw&hl=en&sa=X&ei=_8tpVd78G8XvUqfkgLgN&ved=0CEAQ6AEwCDgU#v=onepage&q=Sheila%20Bhatia&f=false. 
  4. 4.0 4.1 "Rich tributes paid to Sheila Bhatia". The Hindu. حاصل ڪيل 30 May 2015. 
  5. 5.0 5.1 "Padma Shri" (PDF). Padma Shri. حاصل ڪيل 11 November 2014. 
  6. 6.0 6.1 "Sangeet Natak Akademi Award". Sangeet Natak Akademi. وقت 30 May 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 May 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. 7.0 7.1 7.2 "Shiela Bhatia – A legend of Indian Operas passes away". Stage Buzz. حاصل ڪيل 30 May 2015. 
  8. 8.0 8.1 Kartik Chandra Dutt (1999). Who's who of Indian Writers, 1999: A-M. Sahitya Akademi. pp. 1490. ISBN 9788126008735. https://books.google.ae/books?id=QA1V7sICaIwC&pg=PA155&lpg=PA155&dq=%22Delhi+Art+Theatre%22+sheila+bhatia&source=bl&ots=i-o5e8YSBi&sig=YF__KkhI0KFYjy2pDfUB9ZsyaJo&hl=en&sa=X&ei=HtBpVdHyGIfVygPwvYGYBg&ved=0CD0Q6AEwBg#v=onepage&q=%22Delhi%20Art%20Theatre%22%20sheila%20bhatia&f=false. 
  9. 9.0 9.1 Habib Tanvir (2014). Memoirs. Penguin. pp. 400. ISBN 9789351182023. https://books.google.ae/books?id=YYstAAAAQBAJ&pg=PT380&lpg=PT380&dq=%22Delhi+Art+Theatre%22+sheila+bhatia&source=bl&ots=A-2bsAI5hQ&sig=thmzlQuLD_AsgXUL16Z4b7KxNNc&hl=en&sa=X&ei=HtBpVdHyGIfVygPwvYGYBg&ved=0CDoQ6AEwBQ#v=onepage&q=%22Delhi%20Art%20Theatre%22%20sheila%20bhatia&f=false.