شعور جو وهڪرو (Stream of Consciousness) نفسياتي اصولن جي بنياد تي هن اصطلاح کي سڀ کان پھرين 1908ع ۾ وليم جيمز (1842-1910ع) استعمال ڪيو. هينري جيمز (1843-1916ع)، وليم فاڪنر (1897-1962ع)، ورجينيا وولف (1882-1941ع)، جميز جوائيس (1882-1941ع) وغيره پنھنجي ناولن ۽ ڪھاڻين ۾ هن لاڙي کي ادب ۾ رائج ڪري ڇڏيو. هن ٽيڪنڪ جي ذريعي اندروني ۽ داخلي تجربن کي بيان ڪيو ويندو آهي. انساني لاشعور ۾ سوچن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هوندو آهي. انهن بي ترتيب سوچن کي جيڪي هڪ وهڪري جي شڪل ۾ هونديون آهن انهن جي جيئن جو تيئن ڪيل اظھار کي “شعور جو وهڪرو” سڏيو ويندو آهي. هن ٽيڪنڪ ۾ اڪثر تخليقون ضمير متڪلم (First Person) ۾ هونديون آهن. سنڌي افسانوي ادب ۾ سڀ کان اول آغا سليم هن لاڙي تحت لکيو. ان کان پوءِ جديديت واري دور ۾ ماڻڪ، مشتاق شوري، شوڪت شوري، مدد علي سنڌي، نور گهلو، ڪيھر شوڪت ۽ ڪن ٻين هن قسم جون ڪھاڻيون لکيون.[1]

حوالا سنواريو

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.