ڪيهر شوڪت (پيدائش: 2 فيبروري، 1952ع - وفات: 23 اپريل، 1999ع) پاڪستان جي صوبي سنڌ سان تعلق رکندڙ سنڌي ۽ اردو زبان جو افسانہ نگار، ڊراما نويس ۽ شاعر هيو۔

ڪيهر شوڪت
پيدائش فيبروري 02 1952(1952-02-02)ء
دادو ضلعو، صوبو سنڌ، پاڪستان
وفات اپريل 23 1999(1999-04-23)ء
ڪراچي، پاڪستان
مدفون لاڙڪاڻو، پاڪستان
قلمي نالو ڪيهر شوڪت
ڌنڌو افسانہ نگار، ڊراما نويس، شاعر
ٻولي سنڌي، اردو
شهريت پاڪستانپاڪستاني
تعليم ايل ايل بي
ايم اي (سنڌي)
مادرِ علمي ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي
سنڌ يونيورسٽي
صنف ڊرامو، افسانو
مُکيه ڪم پل تي ويٺل نوجوان

حالات زندگي سنواريو

ڪيهر شوڪت 2 فيبروري، 1952ع تي دادو ضلعو، صوبو سنڌ، پاڪستان ۾ پيدا ٿيو[1][2]۔ سندن آبائي ڳوٺ آگاڻي آهي، جيڪو لاڙڪاڻو ضلعو ۾ واقع آهي۔ سندن والد غلام عباس پنهنجي روزگار جي سبب کان دادو ضلعو ۾ رهندو هيو۔[3]

تعلیم سنواريو

1970ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪيو. ايم.اي سنڌي، ايم.اي انٽرنيشنل ريليشنز ۽ ايل.ايل. بي ڪيائين.

ملازمت سنواريو

شروعات ۾ سنڌي استاد طور ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪيائين. 1990ع م کيس قانون کاتي ۾ سرڪاري وڪيل جي نوڪري ملي ۽ 1998ع ۾ ڊپٽي اٽارني جي عھدي تي ترقي ملي.

ادبي ۽ فني خدمتون سنواريو

پاڻ ڪھاڻيڪارن سان گڏ ڊراما نويس به هيو، يادگار ڊرامن ۾ انتھا، سج گرهڻ ۽ اڪيلو ماڻهو وغيره شامل آهن. سندس ڇپيل ڪھاڻين جو مجموعو ”پُل تي ويٺل هڪ نوجوان“ هڪ يادگار آهي.

وفات سنواريو

ڪيهر شوڪت 23 اپريل، 1999ع ڇنڇر ڏينھن 7- محرم 1419 هجري تي ڪراچي، پاڪستان ۾ وفات ڪري ويو۔ هو لاڙڪاڻو ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ مٽي حوالي ٿيو۔[1][2]

حوالا سنواريو