شاڪي خان جو محل

آذبائيجان ۾ شاهي محلات

شاڪي خان جو محل (آذربائيجاني: Şəki xanlarının sarayı) (انگريزي ٻولي: Palace of Shaki Khans) شيڪي ۾ موجود شاهي محل آذربائيجان ۾ شڪي شاهي خاندان جو اونهارو (گرميءَ جي مُند) جي رهائش گاهہ هئي. اهو 1797 ۾ محمد حسن خان پاران ٺهرايو ويو هيو.

شيڪي خان جو محل
آذربائيجاني: Şəki xanlarının sarayı

محل جو ٻاهريون ڏيک (نظارو)
عام معلومات
قسم شاهي محل
مڪانيت شاڪي, آذربائيجان
اڏاوت شروع ٿيڻ جي تاريخ 1789/1790[1]
مڪمل ٿيل 1797
ٻيھر اڏاوت 1848-51, 1955-65, 2002-2004
ڊزائن ۽ تعمير
آرڪيٽيڪٽ عباسگلو (مڃڻ لائق)[2]
سرڪاري نالو خان جي محل سان گڏ شيڪي جو تاريخي مرڪز
معيار ثقافتي: (ii), (v)
عهدو 2019 (43هون سيشن)
حوالا نمبر. 1549
اسٽيٽ پارٽي  آذربائيجان
ريجن الهندي ايشيا
شيڪي خان محل ۾ اندروني صلاحڪار ڪمرو

شيڪي خان جي محلات کي يونسڪو عالمي ورثو ماڳ جي فهرست لاءِ ICOMOS-انٽرنيشنل ڪائونسل آن مانيومينٽس ائنڊ سائٽش جي آذربائيجان نيشنل ڪميٽي صدر گلنارا مهمندارواروفا پاران 1998 ۾ نامزد ڪيو ويو[3]. هي آذربائيجان ۾ شڪي شهر جي ڀرسان آهي. محلات 18 صدي عيسوي جو آهي.[4] 7 جولاءِ 2019 تي باڪو ڪنونشن سنٽر ۾ منعقد ٿيل عالمي ورثو ڪاميٽي جي 43 هين گڏجاڻي (سيشن) ۾ شاڪي جو شاهي محل ۽ شاڪي تاريخي مرڪز کي يونيسڪو عالمي ورثو فهرست ۾ شامل ڪيو ويو.[5]

شيڪي خان محل هڪ آڱڻ آهي جيڪو شيڪي خان جي دؤر ۾ شهر ٺاهيو ويو هيو. اڄ، هي ثقافتي ڪامپليڪس هڪ ميوزيم جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو آهي. شاڪي خان محلات 8 هين صدي عيسوي ۾ قلعي جي ڀتين اندر تعمير ڪئي وئي. فن تعمير ۽ فن تعمير جو سڀ کان اهم يادگار هي محلات ٻئي سال ۾ محمد حسن خان ٺهرايو. شاڪي خان محل ايڪوومس آذربائيجان نيشنل ڪميٽي جي چيئرمين گلنيار مهمندارووا پاران تجويز ڪئي هئي، ته هن محل کي يونيسڪو جي عالمي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪيو وڃي. شاڪي خان محل 7 جولاءِ 2011 تي يونيسڪو عالمي ورثو طور رجسٽرڊ ڪئي وئي.

تحفظ ۽ بحالي سنواريو

1955  کان 1965 تائين نيازي رضائف جي نگراني بحاليءَ جو ڪم ۾ پُورو ڪيو ويو.

شاهي محلات جي تاريخ سنواريو

 
شيڪي جو شاهي محل 1762 جو آهي

شاڪي وٽ شاهي محل 1761 کان 1762 جي وچ واري زماني ۾ حسين خان مشتاق ٺهرايو هيو. شاهي محل شاندار قلعو اندر پرسڪون ڪامپليڪس جي اڪيلو باقي بچيل ڍانچو آهي جنهن ۾ خان خاندان، اردلي (خادمن، نوڪرن) ۽ عملو جي رهائش رکيل هئي. اهو محل خاصيتن ۾ پنهنجي نرالي ٽائيل، ڦوهارن، ڪيترن ئي شيشن ۽ عمده درين جو ٺهيل آهي.

چترشالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Adalat Tahirzade.,23
  2. آذربائيجان سوويت انسائيڪلوپيڊيا (1987), vol. 10, p. 502
  3. "شيڪي، خان جو محل". Официальный сайт ЮНЕСКО. وقت 2012-05-15 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. Centre, UNESCO World Heritage. "Historic Centre of Sheki with the Khan’s Palace". UNESCO World Heritage Centre. حاصل ڪيل 2019-11-16. 
  5. Centre, UNESCO World Heritage. "Six cultural sites added to UNESCO’s World Heritage List". UNESCO World Heritage Centre. حاصل ڪيل 2019-11-16. 

سانچو:آذربائيجان ۾ عالمي ورثو ماڳ