سکر ريل حادثو (انگريزي: Sukkur rail disaster)، [1] جنوري 4، 1990ع تي هي حادثو سکر جي ڳوٺ سانگي جي ڀرسان پيش آيو. حادثي سبب 307 مسافر فوت ٿيا ۽ ان کي پاڪستان ريلوي جو خطرناڪ حادثو قرار ڏنو ويو.[2]

سکر ريل حادثو
تاريخ 4 جنوري 1990
جڳهه سکر
ملڪ پاڪستاتن
ريل پٽڙي ملتان کان ڪراچي
هلائيندڙ پاڪستان ريلوي
حادثي جو قسم ٽڪر
سبب غلط سيٽ ڪيل پوائنٽ
انگ اکر
ريل 2
فوتگيون 307
زخمي 700

حادثي جو شڪار ٿيل ريل، بهاالدين ذڪريا ايڪسپريس، ملتان کان ڪراچي اچي رهئي هئي، جنهن ۾ 16 گاڏا هئا ۽ 1408 مسافر ويهڻ جي جڳهه هئي. هن ريلي کي ڳوٺ سانگي جي ويجهو کان گذرڻو هو، پر غلط سيٽ ڪيل پٽڙين سبب ريل جو رُخ ٻي طرف موڙيو ويو جنهن اڳتي بيٺل مال بردار ريل سان 35 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ٽڪرائجي ويو. اڳيان ٽي گاڏا مڪمل تباهه ٿي ويا ۽ ٻن گاڏن کي شديد نقصان پهتو، جنهن سبب 307 مسافر فوت ۽ 700 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

تحقيق کان پوءِ ريلوي عملي کي حادثي جو زميوار قرار نو ويو ۽ انهن مٿان مردم ڪشي جو ڪيش داخل ڪيو ويو.[3]

وڌيڪ ڏسو سنواريو

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

حوالا سنواريو