سِريليءَ جون حدون

’سِر‘ معنيٰ ’مٿو‘ ۽ ’سِرو‘ معنيٰ ’مٿ يا مٿيون ڀاڱو‘. سنڌ جو اتر وارو پاسو، سنڌ جو توڙي سنڌونديءَ جي وهڪ جو، مٿيون ڀاڱو آهي. انهن ٻنهي سببن ڪري اهو ’سرو‘ سڏجي ٿو. ٻوليءَ جي مطلب لاءِ ٿُلهي ليکي چئبو، ته خيرپور رياست کان وٺي ويندي اُٻاوڙي تعلقي جي ڇيڙي تائين، ۽ سيوهڻ دادوءَ کان وٺي سڄو لاڙڪاڻو ضلعو توڙي قنبر، شهدادڪوٽ ۽ جيڪب آباد وارو پاسو، ڪشمور تعلقي جي ڇيڙي تائين، ’سِرو‘ آهي ۽ اتي جي ٻولي ’سِريلي‘ (Siraili) سڏجي ٿي. [1]

حوالا سنواريو