سُونگل

پاڪستان جو علائقو

سُونگل ڪراچيءَ جو ھڪ علائقو آهي، جيڪو گڏاپ ۾ اچي ٿو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ موکي ۽ متارا واري لوڪ قصي ۾ موکيءَ سان سونگل جو واسطو هو. موکي جنهن جي هٽ تان متارا شراب پيئڻ ايندا هئا، انهيءَ موکيءَ جون ٻہ ڌيئرون هيون. هڪ صفوران ۽ ٻي سونگل. ٻنهي ڇوڪرين کي شاديءَ کان پوءِ جتي رهڻو پيو، انهن علائقن جا نالا بہ سندن نالن پويان پئجي ويا. صفوران جو علائقو ملير ڪينٽ وٽ آهي جڏهن ته ديھ سونگل سپر هاءِ وي تي نيو سبزي منڊي جي پويان آهي. هي ٻئي علائقا صدين کان آباد آهن، جتي سنڌين ۽ بلوچن جون آباديون رهن ٿيون.

حوالا سنواريو