سورة ابراهيم قرآن پاڪ جي 14 نمبر سورة آھي جنھن ۾ ست رڪوع ۽ 52 آيتون آهن. سورت جي شروعات ”آلرٰ“ جي لفظ سان ٿئي ٿي. مڪي ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي آخري وقت ۾ نازل ٿي. هن ۾ مجموعي طرح سان نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ ٻين رسولن جي مخالفت ڪندڙن جو ذڪر ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام جي دعا جو ذڪر پڻ ٿيل آهي. ان دعا ۾ حضرت اسماعيل جو ذڪر بہ آهي، جڏهن حضرت اسماعيل عليه السلام کي بيت الله جي ويجهو ريگستان ۾ ڇڏيو ويو هو. هن ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جي نسل مان نبوت جي شروعات جو ذڪر بہ ڪيو ويو آهي، ان ڪري هن سورة جو نالو سورة ابراهيم رکيو ويو آهي.[1]