سوارا ڀاسڪر

انڊين فلم اداڪارا

سُوَارا ڀاسڪر (انگريزي ٻولي: Swara Bhaskar) هڪ ڀارتي فلمي اداڪارا آهي. هن گهڻي ريت باليووڊ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي. سندس بهترين اداڪاري جي عيوض کيس ٻہ ڀيرا اسڪرين اعزاز سان نوازيو ويو ۽ ٽي ڀيرا فلم فيئر ايوارڊ جي لاءِ نامزد پڻ ڪيو ويو.

سوارا ڀاسڪر
Swara Bhaskar

ڀاسڪر سال 2018 ۾ لڪس گولڊن روز ايوارڊ جي تقريب ۾ فوٽو ڇڪرائي رهي آهي
پيدائش Swara Bhaskar
اپريل 1988 (عمر 35–36 سال)
دهلي, انڊيا
قوميت انڊين
تعليم سماجيات (سوشيالوجي) ۾ ايم اي جي ڊگري
مادر علمي مرانڊا هائوس، دهلي
جواهرلال نهرو يونيورسٽي
پيشو اداڪارڻ، ناٽڪڻ (اداڪارا، ايڪٽريس)
سَرگَرمُ سالَ سال 2009 کان هينئر تائين
ماءُپيءُ ڪمانڊر چتراپو اودي ڀاسڪر (پيءُ)
ايرا ڀاسڪر (ماءُ، امڙ)

سوارا هڪ نيول آفيسر چترپو آدي ڀاسڪر جي ڌيءُ آهي، هن جو ننڍپڻ دهلي ۾ گذريو. دهلي يونيورسٽي کان انگريزي ۾ بي اي ڊِگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ جواهرلال نهرو يونيورسٽي ۾ ايم اي سماجيات (سوشيالاجي) جي لاءِ داخلا ماڻيائين.

ڪيريئر سنواريو

 
سوارا ڀاسڪر ويڊنگ جنڪشن فيسٽيول شو ۾ چڙهائي (ريمپ) پَنڌُ (واڪ) ڪري رهي آهي

سوارا 2009 ۾ پنهنجي شروعاتي فلم مڌولال ڪيپ واڪنگ ۾ معاون ڪردار نڀايو. سال 2011 ۾ فلم تنوويڊزمنو ۾ معاون ڪردار نڀايائين، جنهن ۾ سندس اداڪاري وڏي پيماني تي مڃي وئي. ان فلم ۾ هن جي ڪارڪردگي (پرفارمنس) کي فلم تنقيد نگارن طرفان ساراهيو ويو ۽ بهترين معاون اداڪارا لاءِ فلم فيئر اعزاز (ايوارڊ) جي لاءِ کيس نامزد ڪيو ويو. سال 2013 جي رومانوي (رومانٽڪ) فلم رانجهنا جنهن کي فلمي تنقيدنگارن خراجِ تحسين پيش ڪيو، تنهن فلم ۾ سندس اداڪاري کي ڏاڍو ساراهيو ويو. ان فلم جي اداڪاري سبب هن کي ٻيهر بهترين معاون اداڪارا لاءِ فلم فيئر ايوراڊ جي لاءِ نامزد ڪيو ويو.[1] تنو ويڊز منو ريٽرنز جي اداڪاري کي پڻ وڏو ساراهيو ويو، انکانپوءِ فلم پريم رتن ڌن پايو ۾ ڪردار نڀايائين. اهي ٻئي فلمون سال 2015 ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ فلمون آهن. سال 2016 جي فلم نل بٽي سناٽا ۽ سال 2017 جي فلم انارڪلي آف آرا کي پڻ سُٺي نگاهہِ سان ڏٺو ويو، جنهن ۾ هن مُک اسٽار طور ڪردار نڀايو هيو. انهيءَ فلم جي لاءِ کيس بهترين اداڪارا لاءِ اسڪرين تنقيدي اعزاز سان نوازيو ويو ۽ نيٺ فلم کي بهترين اداڪارا لاءِ فلم فيئر ايوراڊ نامزد ڪيو ويو.[2]

شروعاتي زندگي سنواريو

سوارا جي پيدائش اپريل 9، 1988 تي دهلي ۾ ٿي.[3][4][5][6] هن جو پيءُ چترپو ادي ڀاسڪر تيلگو نيول آفيسر هيو ۽ هن جي ماءُ جواهرلال نهرو يونيورسٽي ۾ پروفيسر هُئي. سوارا دهلي ۾ ئي پرورش پاتي ۽ سردار پٽيل ودياليا منجهان اسڪولي تعليم پرائي.[7] انکانپوءِ دهلي يونيورسٽي جي مرانڊا هائوس منجهان بي اي انگريزي جي تعليم حاصل ڪيائين، جتي هڪ ٻئي اداڪارا منيشا لامبا سندس هم ڪلاسي (ڪلاس فيلو) هُئي، انکانپوءِ هن جواهر لال نهرو يونيورسٽي کان سماجيات (سوشيالوجي) ۾ ايم اي جي ڊگري ماڻي.[8][9][10]

فلمن جي فهرست سنواريو

ڪُنجي
  فلمون جيڪي اڄ تائين منظرِعام تي ناهين آيون
سال عنوان ڪردار بئي معلومات
2009 مڌولال ڪيپ واڪنگ سڌا ايم ڊيوبي
2010 گزارش راڌيڪا تلوار
دا انٽائٽلڊ ڪارتڪ ڪرشنن پروجيڪٽ سوارا ڀاسڪر / مايا
2011 تنو ويڊز منو پائل سنها سنگھ
چلر پارٽي باٽل آور اينڪر
2013 لزن۔.۔ امايا امايا ڪرشنا مورتي
اورنگزيب سُمن
رانجهنا (فلم) بنديا
سب ڪي بجي گي بينڊ جيا
2014 مڇلي جل ڪي راني هي عائشہ سڪسينہ
2015 تنو ويڊز منو ريٽرنز پائل سنها سنگھ
پريم رتن ڌن پايو راڄڪماري چندريکا
ايڪس:پاسٽ از پريسينٽ آنٽي
2016 نِل بٽي سناٽا چندا سُهائي
2017 انارڪلي آف آراہ انارڪلي
2018 ويري دي ويڊنگ اعلان ٿيڻ باقي [11]

ٽيليويزن سنواريو

سال پروگرام ڪردارُ (رول) چينل وڌيڪ معلومات حوالا
2014 سموڌان: دا ميڪنگ آف دا ڪانسٽيٽي ٽيوشن آف انڊيا پيش ڪار راجيا سڀا ٽي وي [12]
2015–2017 رنگولي ميزبان/پيشڪار ڊي ڊي نيشنل [13][14]
2016–2017 اٽ از ناٽ ديٽ سمپل ميرہ ووٽ ويب سيريز [15]

ايوارڊ سنواريو

سال فلم اعزاز زمرو نتيجو
2012 تنو ويڊز منو فلم فيئر اعزاز ايوارڊ بهترين معاون اداڪارا نامزد[16]
زي فلمي ايوارڊ بهترين معاون اداڪارا کٽيو
انٽرنيشنل انڊين فلم اڪيڊمي ايوارڊز بهترین ساٿي (معاون) اداڪارا نامزد
اسڪرين ايوارڊ بهترين مددگار اداڪارا نامزد[17]
2014 رانجهنا (فلم) فلم فيئر اعزاز بهترين ساٿي (معاون) اداڪارا نامزد[18]
انٽرنيشنل انڊين فلم اڪيڊمي ايوارڊز بهترين معاون اداڪارا نامزد
اسڪرين ايوارڊز بهترين معاون اداڪارا کٽيو[19]
زي فلمي اعزاز بهترين معاون اداڪارا کٽيو[20]
2016 نل بٽي سناٽا سلڪ روڊ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول بهترين اداڪارا کٽيو[21]
اسڪرين ايواردز بهترين اداڪارا - تنقيدي کٽيو[21]
فلمز آف انڊيا آن لائن ايوارڊز بهترين اداڪارا - اهم ڪردار نامزد[22]
2018 انارڪلي آف آراہ فلم فيئر اعزاز بهترين اداڪارا (تنقيدي) نامزد[23]
فلمز آف انڊيا آن لائن ايوارڊز بهترين اداڪارا - اهم ڪردار نامزد[24]

وڌيڪ ڏسو سنواريو

  • ويجهر ۾ انڊيا ۾ سٽيزنشپ ايڪٽ ۾ ترميم خلاف هلندڙ ملڪ گير احتجاجن جي حوالي سان سوارا ڀاسڪر پڻ شهرت ترميم ايڪٽ کي ڀارت مخالف ۽ اشوب (منحوس) سڏيو آهي.[25]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو شهريت ترميمي ايڪٽ خلاف احتجاج

حوالا سنواريو

  1. http://indianexpress.com/article/entertainment/bollywood/swara-bhaskar-says-women-should-be-angry-and-shameless-for-their-own-good-4730321/
  2. https://www.filmfare.com/awards/filmfare-awards-2018/nominations/critics-best-actor-female/swara-bhaskar
  3. "Dating a writer makes for great conversations: Swara Bhaskar". Hindustan Times. 18 جنوري 2017. Archived from the original on 2018-12-25. https://web.archive.org/web/20181225170735/https://www.hindustantimes.com/brunch/dating-a-writer-makes-for-great-conversations-swara-bhaskar/story-MU8nTxwz65RD5vUlWJiXvI.html. Retrieved 8 اپريل 2017. 
  4. "Swara Bhaskar calls herself an unapologetic feminist, says it’s a misunderstood term". Hindustan Times. جون 9, 2017. Archived from the original on 2018-12-25. https://web.archive.org/web/20181225170738/https://www.hindustantimes.com/bollywood/swara-bhaskar-calls-herself-an-unapologetic-feminist-says-it-s-a-misunderstood-term/story-bdQJ9JxaqFG2TuPKfO2tNP.html. 
  5. "My experience of Bollywood not nepotistic at all: Swara Bhaskar". Deccan Chronicle. مارچ 15, 2017. Archived from the original on 2018-12-25. https://web.archive.org/web/20181225170726/https://www.deccanchronicle.com/entertainment/bollywood/150317/my-experience-of-bollywood-not-nepotistic-at-all-swara-bhaskar.html. 
  6. "Sonam Kapoor is a better friend to me than I’m to her: Swara Bhaskar". The Indian Express. مارچ 23, 2017. Archived from the original on 2018-12-25. https://web.archive.org/web/20181225170712/https://indianexpress.com/article/entertainment/bollywood/sonam-kapoor-is-a-better-friend-to-swara-bhaskar-4581946/. 
  7. "Personal Agenda: Swara Bhaskar, actress". Hindustan Times. وقت 25 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2013-12-01.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  8. "No sex for a role: Swara Bhaskar". Times of India. حاصل ڪيل 3 فيبروري 2013.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  9. "I was always a dramebaaz child: Swara Bhaskar". The Times of India. وقت 25 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2013-12-01.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  10. "Bindiya and Murari have some of the best dialogues in the film: Swara Bhaskar – Hindustan Times". وقت 6 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2013-12-01.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  11. "'Veere Di Wedding' co-star Swara Bhaskar makes Shikha Talsania's birthday special | Latest News & Updates at Daily News & Analysis" (en-US ۾). dna. 2017-10-10. Archived from the original on 2018-12-25. https://web.archive.org/web/20181225170703/https://www.dnaindia.com/bollywood/report-veere-di-wedding-co-star-swara-bhaskar-makes-shikha-talsania-s-birthday-special-2551604. 
  12. "Swara Bhaskar anchors Shyam Benegal's Samvidhaan". جنوري 21, 2014. Archived from the original on 6 جنوري 2019. http://web.archive.org/web/20190106063812/https://timesofindia.indiatimes.com/tv/news/hindi/Swara-Bhaskar-anchors-Shyam-Benegals-Samvidhaan/articleshow/28568105.cms. Retrieved اپريل 20, 2018. 
  13. "Swara Bhaskar to host Doordarshan’s Rangoli". وقت 25 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل اپريل 19, 2018.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  14. "Swara Bhaskar bids adieu to DD National's 'Rangoli'". Archived from the original on 2018-12-25. https://web.archive.org/web/20181225170713/https://timesofindia.indiatimes.com/tv/news/hindi/swara-bhaskar-bids-adieu-to-dd-nationals-rangoli/articleshow/58680591.cms. Retrieved 15 مئي, 2017. 
  15. "Unhappy marriage or perfect affair? It’s not that simple". آڪٽوبر 6, 2016. Archived from the original on 2018-12-25. https://web.archive.org/web/20181225170704/https://timesofindia.indiatimes.com/tv/news/hindi/Unhappy-marriage-or-perfect-affair-Its-not-that-simple/articleshow/54696027.cms. Retrieved اپريل 20, 2018. 
  16. "Nominations for 57th Idea Filmfare Awards 2011". Bollywood Hungama. وقت 25 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2015.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  17. "Screen Awards 2014: And the winner is.۔.". ibnlive.in.com. حاصل ڪيل 2 جون 2015.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  18. "59th Idea Filmfare Awards Nominations". Filmfare. وقت 25 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2015.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  19. "Screen Awards 2014: And the winner is.۔.". ibnlive.in.com. حاصل ڪيل 2 جون 2015.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  20. "Zee Cine Awards 2014: Swara Bhaskar's Award Acceptance Speech". 14 جنوري 2014. Archived from the original on 2018-12-25. https://web.archive.org/web/20181225170709/http://www.zeecineawards.com/2014/pictures/swara-bhaskars-awards-acceptance-speech.html. Retrieved 2 جون 2015. 
  21. 21.0 21.1 "Swara Bhaskar wins best actress title in China". The Indian Express. 27 سيپٽمبر 2015. Archived from the original on 2018-12-25. https://web.archive.org/web/20181225170734/https://indianexpress.com/article/entertainment/bollywood/swara-bhaskar-wins-best-actress-title-in-china/. Retrieved 28 سيپٽمبر 2015. 
  22. "2nd FOI Online Awards". FOI Online Awards. وقت 25 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  23. "63rd Jio Filmfare Awards 2018: Official list of Critics’ Award nominations – Times of India". The Times of India. Archived from the original on 2018-12-25. https://web.archive.org/web/20181225170652/https://timesofindia.indiatimes.com/entertainment/hindi/bollywood/news/63rd-jio-filmfare-awards-2018-official-list-of-critics-award-nominations/articleshow/62572568.cms. 
  24. "FOI Online Awards". FOI Online Awards. وقت 25 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2018-01-28.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  25. "Swara Bhaskar slams CAA as ‘anti-India’ and ‘sinister’". gulfnews.com. حاصل ڪيل 2020-01-17. 

خارجي ڳنڍڻا سنواريو