سنگتڙو
سنگتڙو يا ڪنو (Kinnow) هڪ اعلي پيداوار مينڊارين هائبرڊ ميوو آهي، جيڪا وڏي پئماني تي هندستان ۽ پاڪستان جي پنجاب واري علائقي ۾ پوکيو ويندو آهي. اهو ٻن ليمون جي ٻوٽن جو هڪ هائبرڊ آهي؛ "ڪنگ" (Citrus nobilis) × "ولو ليف" (Citrus × deliciosa) پهريون ڀيرو هاورڊ بي. فراسٽ پاران،[1] ڪيليفورنيا يونيورسٽي سائٽرس تجرباتي اسٽيشن تي تيار ڪيو ويو. جائزي کانپوءِ سال 1935ع ۾ ڪنو کي تجارتي پوکيءَ لاءِ نئين سيٽرس هائبرڊ طور آزاد ڪيو ويو.[2]
موسمبي به نارنگيءَ جي ذات مان آهي ۽ ان وانگي مٺو ٿو ٿئي، مگر نارنگيءَ جي ڳر داڻ داڻ وانگي ڦاڪن ۾ وراهيل ٿي ٿئي ۽ هن ۾ رڳو مٺو پاڻي يا رس آهي. نارنگي رنگ جي ڳاڙهي يا زردي ٿي ٿئي ۽ سنگتڙو سائو ٿو ٿئي ۽ کل سنهڙي ٿي ٿئيس. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو نارنگيءَ کي سنگتڙو يا سنگتڙي به چوندا آهن. هي سڀ ليمي جي جماعت مان آهن.هندستاني ماڻهو ليمي کي نيبو يا کٽانيبو چوندا آهن، نارنگيءَ کي ڪملا نيبو، سنگتڙي کي ميٺا نيبو ۽ ترنج کي ڪڙوا نيبو يا ڪرنا نيبو سڏيندا آهن.[3]
موسمبي به قد ۾ نارنگين جيڏي ٿيندي آهي. رڳو مٺي آهي، پر منجهن نارنگين وانگي ڪا خوشبوءِ ڪا نه ٿي رهي. اڪثر گرمين جي ڏينهن ۾ يعني آگسٽ ۽ سيپٽمبر ڌاري لهن ٿا، جڏهن نارنگيون نه ٿيون لڀن، تنهنڪري ڪمائتا ۽ پسند ڪرڻ جهڙا ٿين ٿا. هنن جي پوک توڙي پرداخت نارنگين وانگي ٿئي ٿي. باغائي اڪثر نارنگين جا پيوند سنگتڙن جي وڻن تي هڻندا آهن.سنگتڙي کي انگريزيءَ ۾ سُويِٽ لائم (يعني مٺو ليمون) چوندا آهن.[3]
حوالا
سنواريو- ↑ Y. H. Hui, M. Pilar Cano, and Josef Barta (Editors) Handbook of Fruits and Fruit Processing. Wiley, John & Sons. 2006. ISBN 978-0-8138-1981-5; page 312.
- ↑ "Kinnow". ucr.edu.
- ↑ 3.0 3.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو