سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ ڪوششون

برٽش دؤر سنواريو

انگريزن هندستان جي ٻين پرڳڻن جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي دير سان فتح ڪيو، جنهن سبب سنڌ ۾ جديد تعليم لاءِ ڪوششون به دير سان ورتيون ويون. انگريزن جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ ديني ۽ دنياوي تعليم ڏني ويندي هئي. اُنهن ڏينهن ۾ آخوند مڪتب هلائيندا هئا ۽ مڪتبن ۾ فارسي پڙهائڻ تي خاص زور هوندو هو.

سنڌ ۾ انگريزي تعليم جي لاءِ سڀ کان پهرين ڪوشش حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪئپٽن رٿبورن 1845ع ۾ ورتي، هن هندستان سرڪار کي ساليانو ٽي هزار رپين جي منظوريءَ لاءِ لکپڙهه ڪئي. پر ان تي کانئس مختلف سوال پڇيا ويا. اصل مسئلو استادن جي کوٽ ڄاڻايو ويو. هو ٽي سال لک پڙهه ڪندو رهيو. سنڌ گزيٽيئر موجب “ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊيءَ کي ڪاميابي ملي وئي ۽ هن جي ڪوشش سان 1946ع ۾ فري اسڪول جوڙيو، جيڪو هڪ مقامي ڪميٽيءَ کي ان شرط سان ڏنو ويو ته تعليم ۽ تربيت عيسائي مذهب موجب ٿيندي. ان ۾ انجيل به شامل هوندو. اهو اسڪول 1853ع ۾ ساڳين شرطن تي چرچ مشن سوسائٽيءَ کي سونپيو ويو. ... شڪارپور ۾ به هڪڙو انگريزي اسڪول کوليو ويو ۽ اهو ڪئپٽن گولڊ سمڊ جي نظرداريءَ هيٺ هلندو هو . نيٺ بمبئي بورڊ آف ايجوڪيشن سنڌ ۾ تعليم کاتو جوڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ اٽڪل ساڳئي وقت، سنڌي ٻوليءَ کي صوبي جي سرڪاري ٻولي بڻائڻ جي حمايت ۾ به هلچل هلندڙ هئي”.

1853ع ۾ سنڌيءَ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرڻ کانپوءِ 1855ع ۾ سنڌ ۾ پهريون سرڪاري اسڪول نارائڻ جڳن ناٿ وديا (اين جي وي) جي نالي سان کوليو ويو. جنهن ۾ پڙهندڙ اڪثر شاگرد هندو هئا، جو ڪراچيءَ ۾ سندن اڪثريت رهندي هئي، پر اسڪول ۾ ڪنهن جي داخلا تي پابندي نه هئي. سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ قابل استادن جي کوٽ هئي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ 1854ع ۾ ڪراچيءَ ۾ استادن جي سکيا لاءِ اسڪول کوليو ويو، جيڪو پوءِ حيدرآباد آڻي ان کي ٽريننگ ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. سنڌ گزيٽيئر موجب “انهن اُپائن جو اهو نتيجو نڪتو ته 1864-65ع ۾ صوبي ۾ چار هاءِ اسڪول، ٽي مڊل اسڪول ۽ 56 پرائمري اسڪول کُوليا ويا. انهن ۾ شاگردن جو تعداد 2440 ٿي ويو”.

1863ع ۾ لوڪل فنڊ جوڙي زمين تي ٽين پتي سيس يا في لاڳو ڪئي وئي، جيڪا تعليم تي خرچ ڪئي ويندي. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ تمام گهڻا اسڪول کلي ويا. 1875ع تائين سنڌ ۾ ڇوڪرين جا به ويهه اسڪول کلي چڪا هئا. انهيءَ سال سرڪاري طور مڃيل اهڙن ادارن جو تعداد 230 ٿي ويو. جن ۾ 14299 شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. ڏيهي مڪتبن جي سرڪاري امداد جو سلسلو به تيز ڪيو ويو. 1872ع ۾ سول سروس جو ملازم اِي ايم فَلٽن سنڌ ۾ پهريون مڪمل تعليمي انسپيڪٽر مقرر ٿيو. جنهن سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اُپاءَ ورتا، پر اهي اڃا اڻپورا هئا. سنڌ ۾ تعليمي ترقيءَ لاءِ برطانوي سرڪار جنوري 1887ع ۾ انگريز عملدار اِي گائلس کي ذميواري ڏني وئي. جولاءِ 1887ع ۾ جان جيڪب جي ڀائٽيي ايڇ پي جيڪب کي سنڌ جو تعليمي انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. هو مرڻ گهڻي 1885ع تائين ان عهدي تي فائز رهيو. هن سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا ڪم ڪيا.

انگريزن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ پرائمري ۽ ثانوي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو ويو پر ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ واري پاسي ڪو خاص ڌيان نه پئي ڏنو ويو، جنهن سبب سنڌ جا شاگرد تمام گهڻي تڪليف ڪري بمبئي امتحان ڏيڻ ويندا هئا، صرف مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءِ انهن کي ٽي ٽي مهينا سفر ڪرڻو پوندو هو. 1857ع ۾ بمبئي يونيورسٽي جي قيام کان ويندي سنڌ ڪاليج (بعد ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج) جي قيام تائين سنڌ جي تيرهن شاگردن ايلفسٽن ڪاليج ۾ پڙهي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ امتحان ڏنو. انهن ۾
(1) چوهڙ مل ڪندن مل پنجابي ، 1865ع،
(2) سيٺ نائون مل جو پوٽو آلو مل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي، 1867ع،
(3) مرزا قليچ بيگ جو ڀاءُ مرزا صادق علي فريدون بيگ، 1872ع،
(4) ٽيڪچند اوڌؤداس واسواڻي، 1875،
(5) ڏيارام گدو مل شهاڻي، 1878ع،
(6) هرچند راءِ وشنداس ڀارواڻي، 1882ع،
(7) ٽهلرام کيمچند وزيراڻي، 1884ع،
(8) بولچند ڪوڏو مل جڳتياڻي، 1884ع،
(9) هيرانند کيم سنگهه آڏواڻي، 1886ع
، (10) مٿرا داس جواهري، 1886ع،
(11) همت سنگهه گج سنگهه آڏواڻي، 1886ع،
(12) دلپتراءِ روچيرام لالواڻي، 1886ع، ۽
(13) وزير مل اُتمچند لالواڻي، 1887ع
، شامل آهن. انهن کانسواءِ به ٻن ٻين شاگردن جو ذڪر ملي ٿو. [1]سنڌ ۾ پهريون انگريزي اسڪول ڪئپٽن پريڊي (Capt: Preedy) 1846ع ۾ قائم ڪيو، جيڪو پوءِ 1853ع ۾ ”چرچ مشن سوسائٽيءَ“ جي حوالي ڪيو ويو. هن اسڪول ۾ بائبل کي لازمي طور پڙهايو ويندو هو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ عيسائين پنهنجي مذهب جي تبليغ لاءِ جيڪي اسڪول کوليا، انهن مان هي ذڪر ڪرڻ جهڙا آهن[2]:

  • سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي
  • سينٽ جوزف ڪنوينٽ گرلس ھاء اسڪول ڪراچي
  • سينٽ پال اردو اسڪول ڪراچي (1936)
  • ڪيٿولڪ پرائمري اسڪول ڪراچي (1923)
  • ڪيٿولڪ اردو پرائمري اسڪول ڪياماڙي (1945)
  • فلومينا اسڪول ڪراچي
  • ڪيٿولڪ اسڪول ڪوٽڙي
  • سينٽ جوزف اسڪول حيدرآباد
  • سينٽ بوناوينچر بوائيز ھاء اسڪول حيدرآباد
  • سينٽ ميري ڪنوينٽ گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد
  • پرائمري اسڪول نوابشاهه
  • پنجابي پرائمري اسڪول سانگھڙ
  • سينٽ ميري اسڪول سکر[2]

حوالا سنواريو

  1. سنڌ گزيٽيئر، (اي ايڇ ايٽڪن) ترجمو: حسين بادشاهه، روشني پبليڪيشن 2006، صفحو 566 ۽ 568
  2. 2.0 2.1 ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ”ادبي اوسر جو تاريخي جائزو“، ٽائيپ ٿيل 1980ع، ص 81