سنڌ ۽ قنڌار
ويڌن واري زماني کان وٺي سنڌ ۽ گندار (قنڌار) جي ماڻهن جي پاڻ ۾ گهڻي لهه وچڙ هئي. انهيءَ کانپوءِ به هندن جي صاحبيءَ ۾ افغانستان ۽ بلوچستان جا ڪجهه ڀاڱا سنڌ جي حڪومت هيٺ هئا. انهن ڪارڻن جي ڪري سنڌيءَ جو بلوچي ۽ پشتو تي به گهڻو اثر ٿيو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ