مک مينيو کوليو

سنڌيڪا اڪيڊمي

سنڌيڪا اڪيڊميءَ جو بڻياد ٢٦ سيپٽمبر ١٩٩١ع ۾ پيو جنهن جو مقصد هو ته سنڌيءَ جي مختلف fields ۾ معلومات ۽ تحقيقات جي حوالي سان ڪم ڪرڻ جي حوصله افزائي ڪئي وڃي.

اڪيڊميءَ جو بنياد جناب نور احمد ميمڻ وڌو، جيڪو سياسي اڳواڻ ۽ مبصر ۽ پبلشر آهي. هن ڄاتو پئي ته هڪ اهڙو ادارو جيڪو سرڪاري ڪامورن جي ڀول ڀلين جي ور چڙهيل هوندو سو سنڌي ٻوليءَ جي جوڳي خدمت ڪو نه ڪري سگهندو جنهن جي هن جديد ۽ ترقي يافته دور ۾ ضرورت آهي. تنهنڪري ضروري هو ته هڪ غير منافعه بخش ادارو وجود ۾ آندو وڃي جيڪو والنٽيرلي بنيادن تي ڪم ڪري، تنهنڪري هيءُ ادارو وجود ۾ آيو.

خارجي ڳنڍڻاسنواريو