سنڌ آرڪائيوز
سنڌ آرڪائيوز (Sindh Archives)، پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حڪومت جو مکيه ذخيرو آهي,[1] اها ڪراچي ۾ واقع آهي.
سنڌ آرڪائيوز Sindh Archives | |
---|---|
ايجنسي تي هڪ نظر | |
قيام | 1976[1] |
دائره ڪار | ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتو، |
ويب سائيٽ | |
archives |
ان ۾ سنڌ جي تاريخ جا رڪارڊ محفوظ آهن. سنڌ آرڪائيوز کي آگسٽ 1988ع ۾ ثقافت، راندين، سياحت ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جي فرسٽ سيڪريٽري عبدالحميد آخوند جي ماتحت هڪ مڪمل کاتو بڻايو ويو. سنڌ آرڪائيوز کي سال 1992ع ۾ ان جي موجوده جاءِ تي منتقل ڪيو ويو. ڪم جي فني خدمتن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ، مسٽر مارٽن موئر فائنر، اسسٽنٽ ڪيوريٽر، برٽش ميوزيم کي ڀرتي ڪيو ويو. سندس رهنمائيءَ ۾ عملي کي پراڻا رڪارڊ سنڀالڻ جي هدايت ڪئي وئي. 2003ع ۾ سنڌ آرڪائيوز کي ثقافت، سياحت، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي کان انفارميشن اينڊ آرڪائيوز کاتي منتقل ڪيو ويو.