سنڌ ڪيبورڊ (انگريزي: Sindhi Keyboard)، ڪمپيوٽر، موبائيل، ٽيبليٽ ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ برقي ڪيبورڊ آهي. سنڌي جو پهريون ڪي بورڊ ماجد ڀرڳڙي 1987ع تي عربي ۽ فارسي سافٽ ويئر الڪاتب ۾ تبديلون آڻي جوڙيو. آئي او ايس لاءِ پهرين نج سنڌي ڪي بورڊ 2014ع تي جاري ٿيو. عام استعمال ٿيندڙ سنڌي ڪيبورڊ جي ترتيب هن (ق ص ي ر ت ٿ) ريت آهي. اينڊروئيڊ ۾ سوئفٽ ڪي سميت ڪيترن ئي ڪي بورڊن ۾ سنڌي شامل آهي، ان کان سواءِ گوگل، سميت ڪيتريون ئي ويب سائيٽون اسڪرين تي سنڌي ڪي بورڊ جي سهولت مهيا ڪن ٿيون.

گوگل ترجمي ۾ استعمال ٿيندڙ آن لائين سنڌي ڪي بورڊ

تاريخ سنواريو

آپريٽنگ سسٽم سنواريو

ونڊوز سنواريو

 
ونڊوز 10 ۾ سنڌي ڪيبورڊ جو ڏيک

ميڪ او ايس سنواريو

لينڪس سنواريو

ريڊ هيٽ سنواريو

اينڊروئيڊ سنواريو

آئي او ايس سنواريو

 
آئي فون ڪيبورڊ سنڌي جو ڏيک

آئي او ايس ڊوائيس لاءِ پهريون نج سنڌي ڪيبورڊ 31 ڊسمبر 2014ع تي جواد رحمان جوڙيو. ٻيو ڪيبورڊ خليق جمالي پاران 3 آڪٽوبر 2016ع تي جوڙي ويو. هنن ڪيبورڊ ۾ مختلف خصوصيتون شامل آهن، جيئن آسان ٽائيپنگ لاءِ هم آواز اکرن کي هڪ ئي بٽڻ ۾ شامل ڪيو ويو، اسپيس بار کي ٻه دفعا دٻائڻ سان، جي نشاني اچڻ بيڪ اسپيس کي وڌيڪ دٻائڻ سان جلدي ۾ اکر ختم ڪرڻ، بٽڻ دٻائڻ سان آواز اچڻ، سنڌي اکرن سان ٽيڪسٽ ايڊيٽر پڻ هن ڪيبورڊ ۾ شامل آهي. آئي او ايس ڊوائيسن ۾ سنڌ جو اکر ڪ بجاءِ ک ظاهر ٿيندو آهي. ان کان سواءِ ڪي مين ڪيبورڊ پاران پڻ سنڌي لاءِ سهولت شامل ڪيل آهي، اهڙي ريت هن وقت آئي او ايس ۾ سنڌي جي حوالي سان ٽي ڪي بورڊ شامل آهن. آئي او ايس ۾ ڪا به سنڌي ڪي بورڊ مان ڪو به ڪي بورڊ آيٽو ڪريڪشن توڙي پريڊيڪشن جي سهولت فرهام نٿي ڪري.[ح (ا)]

آن لائين سنواريو

وڌيڪ ڏسو سنواريو

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

حاشيو سنواريو

  • ^ح (ا):  ايپ اسٽور ۾ ڪنهن به ڪيبورڊ جي خصوصيتن ۾ آٽو ڪريڪٽ ۽ پريڊيڪشن جي باري ۾ ڄاڻيل ناهي.

حوالا سنواريو