سام سنگ ڪمپني سينسر سان ليس هڪ اهڙو بيلٽ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو نه رڳو چيلهه جي ويڪر پر توهان جي ورزش ۽ کائڻ جي عادت کي نوٽ ڪري سگهي ٿو ۽ ٻين سرگرمين جي ڳڻپ پڻ رکي ٿو. ان کي بيلٽ بدران ويلنيس بيلٽ مطلب ويلٽ جو نالو ڏنو ويو آهي، هن ۾ هڪ پيڊوميٽر به لڳل آهي، جيڪو هلڻ دوران اوهان جي قدمن جي ڳڻپ ڪندو رهندو ۽ اهو به ٻڌايندو ته اڄ اوهان ڪيتري دير تائين ويٺل رهيا. ان کانسواءِ ويلٽ چيلهه جي ويڪر ۾ ذرڙي گهٽ وڌ بابت به آگاهه ڪندو، ڇو ته چيلهه وڌڻ سان صحت بابت ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا آهن. [1]