سنڌي ثقافتي ڏھاڙو

سنڌوماٿريءَ جي ثقافت ۽ ورثي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ملھايو ويندڙ ڏھاڙو

سنڌي ثقافتي ڏينھن، يا، سنڌ ثقافتي ڏهاڙو (سنڌي سڀيتا ڏهاڙو، سنڌي ايڪتا ڏهاڙو) (انگريزي ٻولي: Sindhi cultural Day) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ موجود سنڌي ماڻهو, دنيا جي ٻين غير قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي پڻ هي ڏيهن هر سال ڊسمبر جي پهرئين آچر تي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن،[1][2] جنهن کي ايڪتا جو ڏينھن پڻ چيو وڃي ٿو.[3] سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو وڏي پيماني تي سنڌ جي صدين کان سنڌ جي قديم شاهوڪار ثقافت نمايان ڪرڻ جي لاءِ روايتي جوش سان ملهايو ويندو آهي.

سنڌي ثقافتي ڏينھن

سنڌي ٽوپي، سنڌي ثقافت جو مُک جزو
ملهائڻ وارا سنڌي
قسم عوامي
اهميت سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ
تاريخ ڊسمبر جي پھرين آچر
دورانيو 1 ڏينھن
تقرر ساليانو

آمريڪن قونصل خاني ڪراچي پاران قونصل جنرل برائن هيٿ جي رھائش گاھ تي سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان هڪ موسيقيءَ جي تقريب رکي جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو. گذريل ڇهن سالن کان آمريڪي قونصل خانو سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ھر سال تقريب جو اھتمام ڪندو رهي ٿو.[4][5]

ان ڏهاڙو تي سنڌ ۾ مختلف ثقافتي سرگرميون ڪيون وينديون آهن جنهن ۾ صوفياڻي ڪچهري، سُگهڙ ڪچهري، ادبي ڪانفرس وغيره شامل آهن.[6]

تاريخ سنواريو

پهريون سنڌي سڀيتا ڏهاڙو 6 ڊسمبر 2009 تي ملهايو ويو،[7] جنهن کانپوءِ هر سال ڊسمبر مهيني جي پهرئين هفتي جي آچر ڏينهن تي هي ڏهاڙو سنڌ جا ماڻهو، انڊيا ۾ وسندڙ سنڌي ماڻهو ۽ پرڏيهه ۾ دنيا جي ٻين غير قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي پڻ هي ڏيهن ملهائيندا آهن.[8]

2009 سنواريو

پهريون سنڌي سڀيتا ڏهاڙو 6 ڊسمبر 2009 تي ملهايو ويو

2010 سنواريو

ٻيو 2010

2011 سنواريو

ٽيون 2011

2012 سنواريو

چوٿون 2012

2013 سنواريو

پنجون 2013

2014 سنواريو

ڇهون 2014

2015 سنواريو

ستون 2015

2016 سنواريو

اٺون 2016

2017 سنواريو

نائون 2017

2018 سنواريو

ڏهون 2018

2019 سنواريو

2019 ۾ ان ڏهاڙي کي هڪ سنڌ سڪ ثقافت جي نالي سان ملهايو ويو.[9]

پهرئين ڊسمبر 2019 تي سنڌي ثقافتي ڏهاڙو جي موقعي تي دنيا جو سڀ کان ڊگهو ۽ ويڪرو وڏو سنڌي اجرڪ سکر، سنڌ ۾ ۽ 130 ميٽر ۽ 30 فُٽ ويڪرو سنڌي اجرڪ حيدرآباد، سنڌ ۾ نمائش ڪئي وئي.[10]

2020 سنواريو

تياريون سنواريو

هن سال سنڌي ثقافتي ڏينهن 6 ڊسمبر تي ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن کي ملهائڻ جي لاءِ تياريون خاص طور تي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ سنڌي ماڻهو روايتي لباس ؛ اجرڪ ۽ سنڌي ڪيپ خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن.[11] مختلف سنڌي شخصيتون ان جي سرواڻي ڪري رهيون آهن ۽ صوبي جي ننڍن کان وڏن شهرن تائين ريلين جو انتظام ڪري رهيون آهن.[12] ان کان علاوه، مقامي موسيقار/گلوڪار ثقافت کي ترقي ۽ تحفظ لاءِ ثقافتي ڏينهن جي وڊيو گانا جاري ڪري چڪا آهن علي ظفر، عروج فاطمه ۽ عابد بروهي 'اَلي منهنجا ماروئڙا'، غلام اصغر کوسو ”جيئي جيئي منهنجي سُهڻي سنڌڙي“ ۽ ’شجاع حيدر پاران ”پنهنجو پولي پنهنجو سنڌ“ گيت تيار ڪيل آهي.[13]

جشن سنواريو

اڄ 6 ڊسمبر، سنڌ سميت سموري دنيا ۾ ثقافتي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.[14]

گيلري سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "سنڌي ثقافتي ڏھاڙو عيد جو ڏينھن". روزاني مھراڻ (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  2. "2019 December 02 | روزاني سرواڻ". www.dailysarwan.com. حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  3. "Culture day celebration | Pakistan Press Foundation (PPF)Pakistan Press Foundation (PPF)". Pakistan Press Foundation (PPF). حاصل ڪيل 2018-11-18. 
  4. "امريڪن قونصل خاني طرفان سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويو | امريڪي سفارتخانو ۽ قونصل خانا پاڪستان ۾" (en-US ۾). امريڪي سفارتخانو ۽ قونصل خانا پاڪستان ۾. 2015-12-12. https://pk.usembassy.gov/snd/u-s-consulate-celebrates-sindh-cultural-day-snd/. 
  5. سياست، تاريخ ۽ ڪردار (عيسى ميمڻ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-15 
  6. "نئون ديرو ۾ اعلانيل ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان صوفياڻي ڪهچري ڪوٺائي وئي". آن لائين انڊس (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  7. "سنڌي ثقافت ۽ تاريخي ورثي تي ٻڌل قومي ڏڻ". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  8. "ثقافتي ڏهاڙو، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سنڌ جا ثقافتي رنگ جرڪي پيا". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  9. "Page No.01". kawish.asia. حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  10. "Sindh Culture Day celebrated across the province | Pakistan Today". www.pakistantoday.com.pk. حاصل ڪيل 2019-12-03. 
  11. "‘Sindhi Culture Day’ to be observed today". The Nation. حاصل ڪيل 2020-12-06. 
  12. "Preparation Of Sindhi Cultural Day Is Full Swing". UrduPoint. حاصل ڪيل 2020-12-05. 
  13. "Ali Zafar aims to preserve & promote Sindhi culture through latest song 'Allay'". Something Haute. حاصل ڪيل 2020-12-05. 
  14. "Sindh Culture Day to be celebrated today". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2020-12-06. 

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

سانچو:سنڌ موضوع