شاھنواز ڀٽو(انگريزي: Sir Shahnawaz Bhutto) (1888–1957) برطانوي راڄ ۾ لاڙڪاڻي، سنڌ، ھاڻوڪي پاڪستان سان تعلق رکندڙ ھڪ سياستدان ھو۔

شاھنواز ڀٽو
سر
ديوان رياست جھونا ڳڙھ
ذاتي تفصيل
پيدائش 2 مارچ 1888
ڳڙهي خدابخش
وفات 19 نومبر 1957 (69 سال)
لاڙڪاڻو
سياسي جماعت * اتحاد پارٽي
  • سنڌ پيپلزپارٽي
اعزاز * او.بي.او. جو خطاب (1919)
  • خانبهادر جو خطاب (1921)
  • قيصر ھند جو خطاب (1924)
  • سي. آء. اي. جو خطاب (1925)
  • سر جو خطاب (1930)

ابتدائي زندگي

سنواريو

سر شاهنواز ڀٽو (ذوالفقار علي ڀٽو جو والد) غلام مرتضيٰ خان جي گهر ۾ ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش خان ۾ 2 مارچ 1888ع تي ڄائو هو.[1].جيئن ته شاهنواز خان جي والد غلام مرتضى مٿان هڪ ڪيس قتل جو داخل ٿيو هيو. ان ڪري هو جيل ۾ رهيو ۽ آزاد ٿيڻ کان پوءِ پنجاب، افغانستان جلاوطن ٿي ويو. ان ڪري شاهنواز ۽ سندس ڀاءُ علي گوهر خان جي پرورش سندن چاچي رسول بخش خان ڀٽو ڪئي .[2]ٿوري ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ وٺي، پوءِ انگريزي تعليم لاءِ سنڌ مدرسي ۽ سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو. سندس ڏاڏي 1896ع ۾ وفات ڪئي. ان کانپوءِ سگهوئي سندس والد غلام مرتضيٰ خان به جوانيءَ ۾ اڪٽيهه سالن جي عمر ۾، 1899ع ڌاري وفات ڪري ويو. ان ڪري وڌيڪ پڙهڻ ڇڏي، هو ملڪيت جي سنڀال لاءِ واپس ڳوٺ آيو. کين لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ زمين هئي.[1].شاهنواز خان کي کيڏڻ بدران ميٽرڪ ۾ پنهنجا ڪتاب بند ڪري ڪراچي کان واپس لاڙڪاڻي اچي پنهنجي لاڙڪاڻو جيڪب آباد واري زمين سنڀالڻي پئي. هو صرف 11 سالن جو هيو ته سندس والد انتقال ڪري ويو. پوءِ زمينداري جي ذميواري سندس ڪلهن تي اچي پهتي. هن پنهنجي جواني جوش جذبن کي زمينن سنوارڻ سنڀالڻ ۽ وڌائڻ ڏانهن ارپي ڇڏيو. شروع ۾ هن وڏي محنت ڪري پنهنجي زمينداري کي مضبوط ۽ منظم ڪيو، سنڌ جي نوابن، سردار ۽ جاگيردارن ۾ اٿڻ ويهڻ شروع ڪيو. صدين کان سنڌ جي سماج ۾ نوابن، سردارن، جاگيردان جي روز مره جي زندگي جو جائزو ورتو[2]. هن ٻاويهه سالن جي عمر ۾ ملڪي معاملي ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. اهو سنه 1910ع جو زمانو هو. پهرين هو ضلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ لوڪل بورڊ جا پريزيڊنٽ ڪليڪٽر هوندا هئا. انهيءَ زماني کان وٺي هن حڪومت جي آفيسرن سان سٺا لاڳاپا رکڻ شروع ڪيا. ان کانسواءِ پنهنجي زمين به سڌاريائين. لاڙڪاڻي ۾ بنگلا ڀٽو ڪالونيءَ ۾ ٺهرايائين. جن مان ڪيترن بنگلن ۾ سرڪاري عملدار مسواڙ تي رهندا هئا[1].

سياسي زندگي ۽ خدمتون

سنواريو

لاڙڪاڻي جي خدمت

سنواريو

سڀ کان اول 1910ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو جو ميمبر ٿيو. هي اهو دور آهي جڏهن انگريز ڪليڪٽر ضلعو لوڪل بورڊ جو صدر هوندو هيو. شاهنواز خان 1920ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پهريون سنڌي عوامي چونڊيل صدر منتخب ٿيو ۽ کيس لڳاتار 13 سالن يعني سال 1933ع تائين انهيءَ عهدي تي رهڻ جو اعزاز حاصل آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي سياست ۾ لڳاتار 13 سالن تائين عهدا ماڻڻ منتخب ٿيڻ سندس مقبوليت ۽ عوام ۾ عزت احترام ظاهر ڪري ٿو. بحيثيت صدر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو هن انگريزي تعليم سنڌين ۾ عام ڪرڻ تي گهڻو توجه ڏنو هيو. هي اهو دور رهيو جو سنڌ ۾ سنڌ مدرسة الاسلام هاءِ اسڪول ڪراچي، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ سنڌ مدرسو لاڙڪاڻو سنڌ جي شاگردن لاءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جا واحد مرڪز رهيا. لاڙڪاڻي ضلعي سطح تي تعليمي اصلاحات نافذ ڪيائين ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن هاءِ اسڪول جي تمام خرچن جو انتظام ضلعي لوڪل بورڊ حوالي ڪيائين. سنڌ مدرسي اسڪول لاڙڪاڻي جي تاريخي اسڪول جي بلڊنگ، عاليشان هاسٽل جو انتظام ۽ شاگردن کي سهولتون ڏيڻ کان علاوه بهترين انتظام هلائڻ لاءِ زبردست ايڊمنسٽريشن، هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن ۾ سخت ڊسيپلين، ورزش صحت جو علاج ۽ صفائي تي خاص طرح ايتري ته توجه ڏني ويندي هئي جو ڪنهن انگريز ملڪ جو پبلڪ اسڪول محسوس ٿيندو هيو.[2].سر شاهنواز خان ضلعي ۾ ڪو آپريٽو سوسائٽي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. هن ڏس ۾ خان بهادر عظم خان سندس ڀرپور ساٿ ڏنو. کيس لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ڪو آپريٽو سوسائٽي بينڪ جو چيئرمين چونڊيو ويو.[2]. سکر بئراج اسڪيم سنڌ لاءِ منظور ڪرائڻ شاهنواز خان جو وڏو ڪارنامو هيو. سکر بئراج اسڪيم سنڌ لاءِ دهلي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل کان منظور ڪرائڻ لاءِ هن تمام گهڻيو ڪوششون ورتيون. محنت ۽ جدوجهد ڪندي ڪاميابي حاصل ڪيائين. هن پاڻ سڀ کان اول ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو پاران هڪ قرارداد پاس ڪرائي، سنڌ جي پهرين بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سکر بئراج بابت صوبائي ڪانفرنس ڪوٺائي ڪيس جي ڀرپور وڪالت ڪئي.زميندار ۽ جاگيردارن طرفان اِمپيريل ڪائونسل دهليءَ ۾ چونڊجي ويو. جتي 1920ع تائين هو. 1920ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي هو مسلسل 1933ع تائين چونڊبو آيو. مانيٽگو چيمسفوڊ رفارمس بعد، 1921ع جي شروعات ۾، هيءُ لاڙڪاڻي ضلعي مان بمئي ڪائونسل تي چونڊجي ويو، جنهن تي 1936ع ۾ سنڌ جي جدا ٿيڻ تائين رهندو آيو..[1]

سکر بيراج جي منظوري

سنواريو

سنڌ جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ سکر بئراج جي اهميت بابت 7 جنوري 1916ع تي سر ميٿر سول انسپيڪٽر جنرل ايريگيشن ٽيڪنيڪل نوٽ هنيو ۽ جولائي 1923ع ۾ لڳاتار ستن سالن جي جدوجهد بعد بمبئي سرڪار ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو جي ٺهراءُ تي عمل ڪندي بئراج جو آرڊر جاري ڪيو ۽ سفارش ڪئي ته بئراج تي سر جارج لائڊ گورنر بمبئي جو نالو رکيو وڃي. افتتاحي تقريب ۾ بمبئي جي گورنر سرجارج لائڊ گورنر جي تقرير ۾ بئراج جي قيام ۾ ڪوشش لاءِ ڪيل محنت بابت سر شاهنواز خان کي خراج عقيدت مان ثبوت ملي ٿو. بئراج لاءِ هڪ صلاحڪار ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ جمشيد اين آر مهتا چيئرمين ۽ سر حاجي عبدا﷢ هارون، سر شاهنواز ڀٽو، درشن سنگهه ۽ ايڇ ايس بيگ ٺارو مل حسين ڀائي ۽ ادول ڀائي کي ميمبر کنيو ويو ۽ سندس ڪوششن سان هي عظيم منصوبو مڪمل ٿيو.[2].

سنڌ جي نمائندگي

سنواريو

1919ع کان 1920ع تائين هڪ سال لاءِ سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن پاران اميپريل ڪائونسل دهلي لاءِ نمائندو چونڊيو ويو. سال 1921ع کان 1936ع تائين مسلسل 15 يا 16 سال بمبئي ڪائونسل تي ميمبر چونڊيو ويو، جيڪو ڪنهن سنڌي يا سنڌ جي مسلمان لاءِ وڏو اعزاز آهي.[2]. سنه 1925ع ۾ سنڌ محمون اسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ چونڊيو ۽ ان جماعت تي، انهيءَ حيثيت سان، 1933ع ۾ بمبئي سرڪار ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ جي وزير ٿيڻ تائين رهندو آيو. سنڌ مان بمبئي ڪائونسل جي مسلمان ميمبرن جو، 1925ع کان وٺي هو ليڊر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي هو سنڌ جدا ٿيڻ تائين رهيو. هن ڪوآپريٽور تحريڪ جي زور وٺائڻ لاءِ، خانبهادر عظيم خان سان گڏجي گهڻي ڪوشش ورتي. گهڻ وقت تائين هو لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ڪوآپريٽور بئنڪ جو چيئرمين چونڊبو آيو. سرڪار طرفان هن کي 1920ع ۾، فرسٽ ڪلاس اَنرري اسپيشل ماجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو، جنهن جاءِ تي هو 1930ع تائين ڪم ڪندو آيو.[1]. بمبئي علائقي طرفان سائمن ڪميشن کي مدد ڪرڻ لاءِ، جا ڪميٽي مقرر ٿي هئي، ان جو هن کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو. ان ۾، سنڌ جي جدائيءَ واري سوال تي ووٽ نه ڪرڻ تي، سنڌ ۾ گهڻو چؤٻول پيدا ٿيو. عام راءِ جو احترام ڪندي، هن پوءِ سگهوئي پنهنجو رخ بدلايو، ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن طرفان ٺهراءُ پاس ڪرائي، سنڌ جي جدائيءَ لاءِ طلب ڪرايائين. نومبر 1930ع ۾، لنڊن ۾ ڪوٺايل گول ميز ڪانفرنس تي هن کي سرڪار طرفان سنڌ جو نمائندو مقرر ڪيو ويو. اتي سنڌ جي سوال تي غور ڪرڻ لاءِ برطانيا سرڪار طرفان لارڊ رسل جي چيئرمينيءَ هيٺ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي ويئي، جنهن تي سنڌ مان سر غلام حسين هدايت الله ۽ سر شاهنواز خان ڀٽو ميمبر هئا. ان ڪميٽيءَ ۾ هن سنڌ جي جدائيءَ لاءِ پرزور تقرير ڪئي. تڏهوڪي بمبئيءَ جي گورنر جي هڪ تقرير مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته سکر براج اسڪيم کي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل دهليءَ کان منظور ڪرائڻ ۾ به، سر شاهنواز خان جو وڏو هٿ هو. 1932ع ۾، سنڌ جي جدائيءَ لاءِ حيدرآباد ۾ علامه يوسف عليءَ جي صدارت هيٺ "سنڌ آزاد ڪانفرنس" ڪٺي ٿي. هيءُ ان جو استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين هو. اتي "سنڌ آزاد ڪانفرنس" نالي سان قائم ڪيل جماعت جو هن کي صدر چونڊيو ويو، جنهن جو ميران محمد شاهه سيڪريٽري ٿي ڪم هلائيندو هو. 1924ع ۾ هن کي بمبئي سرڪار جو وزير چونڊيو ويو ۽ کيس لوڪل سيلف گورنمينٽ جو کاتو ڏنو ويو. انهيءَ عهدي تي هي 1936ع جي مارچ تائين رهيو. ان کانپوءِ هڪ سال لاءِ سنڌ جو گورنر جو صلاحڪار ٿي رهيو.[1].انگريز گورنر سر لئن سيلا گرهام 1937ع ۾ کيس سنڌ لاءِ پنهنجو ايگزيڪيوٽو ايڊوائيزر مقرر ڪيو.[2].

سنڌ پيپلزپارٽي

سنواريو

1934ع ۾، "سنڌ پيپلس پارٽي" نالي جماعت جو بنياد پيو ۽ ان جو ليڊر هن کي چونڊيو ويو هو. سنڌ ۾ سياسي جماعتن ٺاهڻ لاءِ اها پهرين ڪوشش هئي. ان کان اڳ سنڌ جي پارليامينٽري سياست لاءِ مسلمانن ۾ ڪا جماعت ڪا نه هئي. سنڌ محمدن ايسوسيئيشن گهڻو ڪري گورنرن يا وائسراءِ کي ائڊريس ذريعي شڪايتن پيش ڪرڻ ۽ ٺهرائن پاس ڪرڻ جي ايجنسي ٿي ڪتب ايندي هئي. سنڌ آزاد ڪانفرنس جو مقصد سنڌ جي آزادي لاءِ ڪوشش ڪرڻ هو.[1]. 13 جون 1936ع تي سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون نج سياسي بنيادن پروگرام، مقصدن ساڻ هڪ سياسي پارٽي ”سنڌ پيپلز پارٽي“ وجود ۾ آئي، جنهن جو پهريون صدر سر شاهنواز خان ڀٽو چونڊيو ويو. جڏهن ته خان بهادر الهه بخش سومرو، نائب صدر، حاتم علوي سيڪريٽري ۽ سائين جي ايم سيد جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن پارٽي سنڌ جي سياست ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي پنهنجي پارٽي کي اسيمبلي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪيو ۽ اليڪشن ڪاميابي ۾ اول پوزيشن حاصل ڪئي پر هي پارٽي گهڻو عرصو هلي نه سگهي ڇاڪاڻ ته سر شاهنواز خان سنڌ جي سياست کان ترقي ڪندي بمبئي ۾ وفاقي وزير ٿيو ۽ سنڌ کان گهڻو وقت ٻاهر بمبئي ۾ رهڻ لڳو جڏهن ته باقي پوين عهديدارن يا ٻي قيادت سنڌ پيپلز پارٽي کي قائم دائم رکي نه سگهي. 11 اپريل 1935ع تي سنڌ جي آزاد صوبي ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي سياست ۾ جوش جذبو پيدا ٿيو. سنڌ ۾ ٻه نيون سياسي پارٽيون وجود ۾ آيون، دراصل اڳ ٻه سياسي گروپ هيا جنهن ۾ هڪ سر شاهنواز خان ڀٽو جو ۽ ٻيو سر غلام حسين هدايت الله هيا.[2].

بمبئي کان جدائيءَ کان پوءِ جي سنڌ

سنواريو

11 اپريل 1935ع تي سنڌ جي آزاد صوبي ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي سياست ۾ جوش جذبو پيدا ٿيو. سنڌ ۾ ٻه نيون سياسي پارٽيون وجود ۾ آيون، دراصل اڳ ٻه سياسي گروپ هيا جنهن ۾ هڪ سر شاهنواز خان ڀٽو جو ۽ ٻيو سر غلام حسين هدايت ا﷢ هيا. سر شاهنواز خان ڀٽو سان اثر واريون شخصيتون خان بهادر الهه بخش سومرو، سيد ميران محمد شاهه، محمد هاشم گزدر، خانبهادر غلام نبي شاهه، محترم جي ايم سيد، مخدوم صاحب آف هالا هيا. جڏهن ته مخالف گروپ ۾ پير صاحب پاڳارو، سردار عبدالرحيم خان کوسو، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، مسٽر نور محمد وڪيل ۽ سيد محمد عامل شاهه شامل هيا. 31 آڪٽوبر 1936ع تي ”سنڌ اتحاد پارٽي“ قائم ٿي جنهن جو ليڊر سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ ڊيوٽي ليڊر سر عبدا﷢ هارون چونڊيا ويا. جڏهن ته ٻي سياسي پارٽي ”مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ نالي غلام حسين هدايت ا﷢ جي قيادت ۾ ٺهي، سر شاهنواز ڀٽو جي اتحاد پارٽي غير فرقيوار رنگ نسل ۽ مذهب جي تنگ نظرين کان آزاد روشن خيال ۽ لبرل سوچن تي عمل ڪندڙ پارٽي هئي، جڏهن ته سر غلام حسين هدايت ا﷢ جي مسلم پوليٽيڪل پارٽي هڪ مڪمل فرقيوار ۽ مسلمانن جي حمايت ۾ جماعت اسلامي جي انداز واري پارٽي هئي. سر شاهنواز جي سنڌ اتحاد پارٽي جو نعرو سنڌ ۾ رهندڙ سڀني فرقن ۽ مذهبن وچ ۾ ڀائيچارو ۽ سهڪار هيو. جڏهن ته مسلم پوليٽيڪل پارٽي جو نعرو هندو مسلم فرقيواريت هيو. ٻنهي پارٽين وچ ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ اليڪشن جو وڏو مقابلو ٿيو. نتيجي ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو جي سنڌ اتحاد پارٽي وڏي اڪثريت ساڻ فتح حاصل ڪندي 42 سيٽون کٽيون پر پارٽي جو ليڊر سر شاهنواز خان ڀٽو فرقيواريت جو شڪار ٿي ويو ۽ هڪ مذهبي مسلمان ٿيندڙ اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌي کان هارائجي ويو. سندس ڊيوٽي ليڊر سر عبدا﷢ هارون به هارائجي ويو. قائد جي شڪست بعد پارٽي اقتدار ليڊر ۽ چونڊيل ميمبر سائين محترم جي ايم سيد پنهنجي سيٽ خالي ڪري ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر گورنر ۽ سر شاهنواز خان اصولن جي آڌار تي اها آڇ ۽ ڳالهه قبول نه ڪندي فرقيوار سياست واري لاڙن جي بالادستي سبب سياست مان 49 سالن جي عمر ۾ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو صاف سٿري سياست ۾ يقين رکندو هيو. اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر مذهب کي استعمال ڪرڻ خلاف هيو.[2].

جھونا ڳڙھ جو ديوان

سنواريو

4 اپريل 1937ع تي، هيءُ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ٿيو، ۽ 1945ع تائين اُتي ميمبر طور ڪم ڪندو رهيو. 1945ع کان هيءُ جهونا ڳڙهه اسٽيٽ ۾ ديوان مقرر ٿيو، اتي 1948ع تائين رهندو آيو. جڏهن جهونا ڳڙهه اسٽيٽ تي هندستاني قبضو ٿيو ۽ نواب جهونا ڳڙهه پاڪستان آيو، ته هيءُ به ان سان گڏجي هتي آيو. ڪجهه وقت تائين هتي به هو ديوان رهندو آيو، پر پوءِ صحت جي خرابيءَ ڪري، ان تان استعيفيٰ ڏنائين.[1].سندس ڊپلوميسي، انتظامي ۽ سياسي ڏاهپ صلاحيتن ۽ ڪاميابين کي ڏسندي سال 1945ع ۾ رياست جونا ڳڙهه جي نواب مهابت خان جي کيس جونا ڳڙهه رياست جو ديوان مقرر ڪيو، هي عهدو وزيراعظم جو هيو، جنهن منصب تي 1948ع تائين رهيو. جڏهن هندستان سرڪار جونا ڳڙهه رياست تي قبضو ڪيو تڏهن هو نواب مهابت خانجي راجا آف جونا ڳڙهه رياست سان پاڪستان موٽي آيو. هتي اچڻ مهل پاڻ صحت جي لڳاتار خرابي سبب سياست تان ڪناره ڪش رهيو ۽ پنهنجي خاندان سان وقت گذارڻ لڳو.[2]

هي لاڙڪاڻي طرف پهريون ئي زميندار هو، جنهن جديد طرز تي رهڻي ڪهڻي اختيار ڪئي. عام زميندارن وانگر سارو وقت ڪچهرين يا شڪارن ۾ ڪو نه گذاريندو هو. هن جا هر ڳالهه لاءِ وقت مقرر هوندا هئا. ماڻهو وٽس اطلاع سان ايندا هئا. عملدارن سان سٺن تعلقاتن هئڻ ڪري، کيس سنه 1919ع ۾. او. بي. او جو خطاب مليو ۽ پوءِ سنه 1921ع ۾ "خانبهادر" ٿيو. سنه 1924ع ۾ کيس "قيصر هند" جو خطاب عطا ٿيو. سنه 1925ع ۾، کيس سي. آ”. اي جو لقب مليو. آخر ۾ 1 جنوري سنه 1930ع ۾ کيس سر" (K.C) جو خطاب مليو.[1].

شاديون ۽ اولاد

سنواريو

هن ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرينءَ مان امداد علي خان، ۽ ٻيو سڪندر علي خان فرزند ٿيس. پهريون سندس حياتيءَ ۾، اپريل 1950ع ۾، انتقال ڪري ويو. ٻئي 28 آڪٽوبر 1962ع تي وفات ڪئي. ٻيءَ شاديءَ مان ذوالفقار علي خان فرزند 5 جنوري 1928ع تي ڄائس، جو پڙهي، ولايت مان بئرسٽريءَ جو امتحان پاس ڪري آيو. 1958 کان جولاءِ 1966ع تائين ذوالفقار علي خان پاڪستان حڪومت ۾ وزير جي عهدي تي متمڪن رهيو. پوين سالن ۾ هو پاڪستان جو پرڏيهي وزير پڻ ٿي رهيو.[1].

جهونا ڳڙهه کان واپس اچڻ بعد، هو اڪثر گوشه نشينيءَ ۾ رهيو. هـُـن 19 نومبر 1957ع تي، لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.[1].

پڻ ڏسو

سنواريو
  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 ڪتاب جو نالو ؛ لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي: مصنف؛ عبدالستار ڀٽي: ايڊيشن؛ پهريون جنوري 1998ع ڇپائيندڙ؛ لاڙڪاڻو، ريسرچ اڪيڊمي