اسان هتي ان ڳالهه جو تعين ڪندا آهيون ته ڪهڙا مضمون، چونڊ مضمون جي معيار تي پورا لهن ٿا. چونڊ مضمونن کي وڪيپيڊيا پاران ڪجهه بهترين مضمونن طور تصور ڪيو ويندو آهي. مضمون هر صورت ۾ چونڊ مضمون جي معيار تي پورو لهندڙ هجي ٻي صورت ۾ ان کي چونڊ مضمونن مان هٽايو ويندو آهي.
ڪنهن به مضمون کي نامزد ڪرڻ کان اڳ، هتي نامزد ڪيل ٻين مضمونن جي باري ۾ خيالن کي غور سان پڙهي وٺو. چونڊ مضمون کي نامزد ڪندڙ لاءِ ضروري آهي ته اهو وڪيپيڊيا جي قانونن ۽ پاليسين کا واقف هجي ۽ مضمون جي چونڊ لاءِ جاري بحث دوران، مضمون کي سوارڻ جي اهليت رکندڙ هجي. جيڪڏهن نامزد ڪندڙ جو مضمون سان سڌو واسطو نه هجي ته، اهو پهرين مضمون جي لکندڙن يا خاص ڀاڱيدار سان صلاح ڪري. اميد آهي ته مضمون کي نامزد ڪندڙ، هتي تنقيدن جو مثبت جواب ڏيندو ۽ جيڪي اعتراض اٿاريا ويندا انهن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
مضمون جي خاص ڀاڱيدار يا وري ليکڪ کي آگاهه ڪيو ته سندس مضمون کي چونڊ مضمون لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.
ان کان پوءِ هي ڪوڊ {{وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون لاءِ اميدوار/هتي مضمون جو نالو لکو}}هن صفحي ۾ وڃي لکو ۽ صفحي کي محفوظ ڪيو۔
تائيد يا تنقيد
براءِ مهرباني نامزد ڪيل ڪنهن به مضمون تي تبصرو ڪرڻ کان اڳ هيٺيون ڳالهيون ذهن ۾ رکو.
جنهن مضمون تي تبصرو يا تنقيد ڪرڻي هجي صرف ان جي سامهون ڏنل ”وسيلو سنواريو“ کي ڪلڪ ڪري رايو ڏيو، صفحي جي مٿي پاسي ڏنل ”وسيلو سنواريو“ کي ڪلڪ ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
ڪنهن به مضمون جي تائيد ڪرڻ لاءِ پهرين {{تائيد}} لکو ۽ پوءِ وجهه بيان ڪيو. جيڪڏهن اوهان پاڻ مضمون جا لکندڙ يا وري خاص ڀاڱيدار آهيو ته ان جو ذڪر پڻ ڪيو.