سائينداد ساند (انگريزي:Saindad Sand) سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر آهي سندس شاعريءَ جا ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال سنواريو

سائينداد ساند پهرين مارچ 1960ع تي محمد حسن ساند جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اباڻو ڳوٺ متارو ساند مٺي تعلقو،ضلعو ٿرپارڪر ۾ آهي.[1]

تعليم سنواريو

هن پرائيمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ڪوٽ مان 1976ع ۾ پاس ڪئي. ايم اي سنڌي ادب ۾ ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين.[1]

علمي خدمتون سنواريو

سائينداد ساند 1986ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ترقي ماڻي ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو. مٺي ڪاليج ۾ پرنسپال پڻ رهيو. هن وقت استاد طور علمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.[1]

ڪتاب سنواريو

سائينداد ساند بهترين شاعر آهي جنهن کي ڪيترن ئي فنڪارن ڳاتو آهي. سندس ٽي ڪتاب شايع ٿيل آهن. ڳوڙهن ڳالهـايــو 1995ع، سنڌ ڪُروکيتر جيان2008ع ۽ دل جي تاريخ 2011ع.[1][2][3]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "سائينداد ساند : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-20. 
  2. "پروفيسر سائينداد ساند (سگهارو شاعر ۽ استاد)". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2019-12-20. 
  3. www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta/images/2016/June/16-06-2016/Page5/P5-10.htm. حاصل ڪيل 2019-12-20.  Missing or empty |title= (مدد)