زينت عبداللّٰه چنا

زمرو:dmy تاريخون استعمال Dmy تاريخون استعمال

زينت عبداللٰه چنه
مقامي ٻوليء ۾ نالو زينت عبداللّه چنه
پيدائش زينت
4 جنوري 1919
سيوھڻ, ڄامشورو, سنڌ, پاڪستان
وفات 12 جولاء 1974
ڌنڌو ليکڪ
قوميت پاڪستاني
مُکيه ڪم ماروي ماھوار رسالي جي ايڊيٽر
جيون ساٿي عبداللّٰه خان چنا

زينت عبداللّٰه چنا (4 جنوري، 1919 - 12 جولاء 1974 ع) سيوهڻ، سنڌ، پاڪستان جي تعليمي ماهر ۽ ليکڪا هئي. هن جو شمار پاڪستان جي اوائلي سنڌي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو.

1947 ع ۾ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوء هن ماهوار ماروي رسالي جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. هڪ استاد جي حيثيت ۾ هن والدين کي پنهنجن ڇوڪرين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ همٿايو. هوء استاد ۽ ڪهاڻيڪاره هئي. هن ڪيترائي مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا.

ننڍپڻ ۽ ذاتي زندگي سنواريو

زينت عبداللّٰه چنا سنڌ جي مشهور شهر سيوهڻ ۾ ڄائي. هن جو پيء محمد صالح چنا ٽپال کاتي ۾ ملازم هو. هن جو ننڍو ڀاء محبوب چنا هڪ عالم ۽ نامور اديب هو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي شهر سيوهڻ ۾ حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج فار وومين (عورتن جي تعليمي سکيا واري ڪاليج) مان حاصل ڪيائين. تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ هن کي سيوهڻ ويجهو ٽلٽي شهر ۾ ماسترياڻي مقرر ڪيو ويو. هن گهڻو وقت سيوهڻ ۾ نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو ۽ نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائيندي رهي.

هن 13 هين آگسٽ 1944 تي عبدالله خان چنا سان شادي ڪئي. سندس گهر وارو سيوهڻ جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو[1] . هو هڪ محقق ۽ اديب پڻ هو.

ادبي ڪاوشون سنواريو

زينت چنه 1947 ۾ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوء سنڌيء جي بهترين ڪهاڻيڪاره طور پاڻ مڃرايو. هن جون ڪهاڻيون ساهتي رسالن مهراڻ ۽ نئين زندگي ۾ ڇپيون. هن ڪجهه بهترين مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا. هن جيڪي ڪهاڻيون لکيون تن ۾ رانديڪو، اونداهي ۽ مٺي پنهنجو مٽ پاڻ هيون. هن عورتن جي ماهوار رسالي مارئي جي ايڊيٽر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. اهو رسالو عورتن ۾ تمام گهڻو مقبول هو. هن 1958ع ۾ يادگار لطيف جي نالي سان هڪ ڪتاب پڻ مرتب ڪيو.

موت سنواريو

هن 12 جولاء 1974 تي وفات ڪئي

حوالو سنواريو

"چنا زينت : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (in Sindhi). Retrieved 21 March 2020.

"Sindhi Adabi Board Online Library (سنڌي ادبي بورڊ)". www.sindhiadabiboard.org. Retrieved 22 March 2020.

Sindhipeoples (15 April 2012). "سنڌي شخصيتون: جيجي زينت چنه سيوهاڻي - علي اصغر اوٺو". سنڌي شخصيتون. Retrieved 21 March 2020.

  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (سنڌي ادبي بورڊ)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-03-22.