زيمبيزي ندي يا درياء زيمبيزي (انگريزي: Zambezi River ) آفريڪا جو چوٿون وڏو ، اوڀر طرف وھندڙ سڀ کان وڏو، ۽ ھندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ سڀ کان وڏو درياء يا ندي آهي. ان جي طاس وارو علائقو 1٬390٬000 چورس ڪلوميٽرن (540٬000 چورس ميلن) تي مشتمل آهي. ھي درياء 2٬574 ڪلوميٽر (1٬599 ميل) ڊگھو آھي ۽ زيمبيا کان شروع ٿي اوڀر انگولا مان گذري ناميبيا جي اتر-اوڀر سرحد سان گڏوگڏ ھلي، اتر بوٽسوانا جي سرحد کان گذري، زيمبيا ۽ زمبابوي جي وچ واري سرحد کان ٿي موزمبيق کان ٿي ھندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق ھي ندي ڏکڻ-وچ آفريڪا ۾ واقع آهي جيڪا اتر-اولھ زيمبيا مان نڪري ٿي ۽ ڏکڻ طرف انگولا جي اوڀر ۽ زيمبيا جي اولھ واري سرحد کان بوٽسوانا جي سرحد سان ملندي اوڀر طرف مڙي زيمبيا ۽ زمبابوي وچ م سرحد بڻجي وچ موزمبيق ۾ داخل ٿي چائنڊي شھر لڳ موزمبيق واري چينل (سمنڊ) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي[3]. ھن درياء جي ڊيگھ 2200 ميل (3500 ڪ م) آھي. ھن جو معاون نديون يا ٽربيوٽريون پڻ کوڙ آھن جن ۾ ڪوانڊو، ڪافو ۽ شري شامل آهن. ھن درياء جي کوجنا ڊيوڊ لونگ اسٽون 1850 واري ڏھاڪي ۾ ڪئي ھئي[3].

زيمبيزي ندي
زيمبيسي, زئميزي

زيمبيزي ندي بوٽسوانا، زمبابوي، زيمبيا، ناميبيا جي سنگم تي
ٻيو نالو بيسي
مقام
ملڪ زيمبيا , انگولا , ناميبيا , بوٽسوانا , زمبابوي , موزمبيق
طبعي وصفون
Source زيمبيزي نيشنل فاريسٽ وارو وسيلو
 • location آئڪيلنگي ضلعو , اتر اولھ وارو صوبو، زيمبيا
 • coordinates 11°22′11″S 24°18′30″E / 11.36972°S 24.30833°E / -11.36972; 24.30833
 • elevation 1٬500 m (4٬900 ft)
ڇوڙ ھندي سمنڊ
 -  مقام زيمبيزيا ۽ سوفالا صوبو ، موزمبيق
 - محل وقوع 18°34′14″S 36°28′13″E / 18.57056°S 36.47028°E / -18.57056; 36.47028مڪانيت: 18°34′14″S 36°28′13″E / 18.57056°S 36.47028°E / -18.57056; 36.47028
ڊيگھ 2٬574 km (1٬599 mi)}
طاس جي ماپ 1٬390٬000 km2 (540٬000 sq mi)[1][2]
Discharge  
 • average 3٬400 m3/s (120٬000 cu ft/s)[1][2]}
 • minimum 920 m3/s (32٬000 cu ft/s)}
 • maximum 18٬600 m3/s (660٬000 cu ft/s)}

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "Richard Beilfuss & David dos Santos: Patterns of Hydrological Change in the Zambezi Delta, Monogram for the Sustainable Management of Cahora Bassa Dam and The Lower Zambezi Valley (2001). Estimated mean flow rate 3424 m³/s" (PDF). وقت 17 December 2008 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 October 2008.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. 2.0 2.1 International Network of Basin Organisations/Office International de L'eau: آرڪائيو ڪيا ويا 27 March 2009 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. "Développer les Compétences pour mieux Gérer l'Eau: Fleuves Transfrontaliers Africains: Bilan Global." (2002). Estimated annual discharge 106 km3, equal to mean flow rate 3360 m3/s
  3. 3.0 3.1 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2102 -