زنگي:(انگريزي: Cascabela thevetia ) زنگي گل کي جهنگي گل به سڏيندا آهن. فارسيءَ ۾ خرزهره چونس ٿا. هنديءَ ۾ ڪو نيل به چوندا اٿس. انگريزيءَ ۾ اوليانڊر ۽ روزبي. ڪتابي نالو نِيريَم اٿس. هي وڻ اٺن فوٽن تائين مٿي ويندو آهي. جتي ڪٿي مشهور آهي. گهڻيون ٽاريون ڪڍندو آهي، جي گلابي، ڳُوڙها ڳاڙها، اڇا ۽ ٻين رنگن جا يڪا توڙي ڊبل يعني ڀريل گل ڪندا آهن. هميشھ منجهس گل رهي سگهن ٿا. گلن ۾ هڪڙي قسم جي خوشبوءِ به رهندي آهي. دکن ۾ هي وڻ جهنگلي ٿين ٿا. هن وڻ جي ڪاٺيءَ جي رس، چون ٿا ته زهر جو اثر رکي ٿي. ٻج به منجهانئس پيدا ٿيندو آهي پر اڪثر سندس قلم لڳندا آهن. هڪٻئي ۾ پيوند به ٿيندا آهن. هن جي لاءِ وارياسي يا پٿرن واري زمين چڱي آهي. پاڻيءَ جا ڪنارا هن کي وڌيڪ پسند ايندا آهن. گلن ڪرڻ کان پوءِ، ٽاريونوڍي، ٽينءَ پتيءَ جيڏيون ڪري ڇڏجن. پاڙ واري زمين کوٽي ڀاڻ ڏيڻ گهرجي. هن جو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي زرد زنگي يا زرد ڪونيل چون ٿا. پر حقيقت ڪري هي آهي ٻيءَ ذات جو. اهو انگشتان جي شڪل جهڙا پيلا گل ڪري ٿو. اصل ڏکڻ آمريڪا جو آهي. اٺ ڏهه فوٽ وڏو ٿيندو آهي. انگريزي ڪتابي نالو ٿِيو يِٽا اٿس. بادامي جهڙو ڦر به جهليندو آهي، جو ٻج ڪري پوکبو آهي.[2]

زنگي
زنگي جا پيلا گل ۽ پن
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: ٻوٽا
(unranked): اينجيوسپرمس
(unranked): ايوڊيڪاٽس
(unranked): ايسٽيرائڊ
ترتيب: جينٽيئاناليز
خاندان: ايپوسيناسيئا
نسل: ڪيسڪيبيلا
جنس: سي.پيروويئانا
حياتياتي نالو
ڪيسڪيبيلا ٿيويٽيا
(ايل.) ليپولڊ
هم معنيٰ[1]
زنگي جو پڪل ميوو ڪارو ھوندو آھي
ٿڙ ۽ ڇوڏا
پن، گل

حوالا سنواريو

  1. "The Plant List: A Working List of All Plant Species". حاصل ڪيل May 17, 2014. 
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو