رٽرننگ آفيسر
رٽرننگ آفيسر (انگريز: Returning Officer مخفف آر. او. يا RO) ھڪ آفيسر، جيڪو هڪ يا هڪ کان وڌيڪ تڪن ۾ چونڊن جي نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي.
پاڪستان
سنواريوپاڪستان ۾ نئين اليڪشن قانون، اليڪشن ايڪٽ 2017، مطابق رٽرننگ آفيسر کي ذميداري ڏيڻ کان اڳ يا ان وقت کائنس قسم ورتو ويندو جنھن جو ھي پابند رھندو آھي. ھن جي ذميداري م ھيٺيان ڪم شامل آهن:
- چونڊ جي مرحلي جي قانون مطابق سرانجامي.
- چونڊ لاءِ عام پبلڪ کي نوٽس جاري ڪرڻ.
- اميدوارن کان مقرر وقت اندر نامينيشن پيپر وصول ڪرڻ.
- نامينيشن پيپرن جي جاچ پڙتال (scrutiny) قانون مطابق ڪرڻ.
- پولنگ اسٽيشن لاء مناسب عمارت جو تعين ڪرڻ
- پولنگ جي لاءِ غير جانبدار پولنگ اسٽاف جي پولنگ اسٽيشن تي مقرري ڪرڻ.
- پرزائيڊنگ آفيسرن کان قسم وٺڻ.
- اليڪشن جو حساس ۽ غير حساس سامان وقت سر پولنگ اسٽيشن تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪرڻ.
- پولنگ اسٽاف کي مناسب تربيت ڏيڻ جو بندوبست ڪرڻ
- مستحق ماڻھو کي پوسٽل بيلٽ پيپر جاري ڪرڻ
- پرزائيڊنگ آفيسر(پولنگ اسٽيشن) کان نتيجا وصول ڪرڻ
- ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر کي ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ابتدائي نتيجا موڪلڻ
- پرزائيڊنگ آفيسرن جي نتيجن کي ملائي گڏ ڪرڻ
- مجموعي نتيجا اليڪشن ڪميشن کي موڪلڻ
- ٽيمپر ايوڊنٽ يا پولنگ بيگ اليڪشن ڪميشن يا ٽريزري ۾ جمع ڪرائڻ.
- شڪايتن جو تصفيو ڪرڻ ۽ ماجسٽريٽ جا اختيار بوقت ضرورت استعمال ڪرڻ
- ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي عمل درآمد ڪرائڻ
آسٽريليا
سنواريوآسٽريليا ۾ رٽرننگ آفيسر، آسٽريليا جي چونڊن واري ڪميشن جو ميمبر هوندو آهي.
جرمني
سنواريوجرمني ۾ هڪ وفاقي رٽرننگ آفيسر هوندو آهي ۽ هر رياست لاءِ هڪ الڳ رٽرننگ آفيسر مقرر هوندو آهي.
هانگ ڪانگ
سنواريوهانگ ڪانگ ۾ رٽرننگ آفيسر، هڪ حڪومتي عملدار کي مقرر ڪيو ويندو آهي.[1][2]
حوالا
سنواريو- ↑ "Appointment of returning officers and assistant returning ofiicers". Electoral Affairs Commission, the Government of the Hong Kong Special Administration Region. حاصل ڪيل 7 May 2011.
- ↑ "Administrative Officer Grade". Civil Service Bureau, the Government of the Hong Kong Special Administrative Region. حاصل ڪيل 7 May 2011.