رياست خيرپور: اُن جو اڳوڻو ۽ هاڻوڪو تاريخي ۽ ملڪي احوال

رياست خيرپور: ان جو اڳوڻو ۽ ھاڻوڪو تاريخي ۽ ملڪي احوال (انگريزي: Riyasat e Khairpur: It's past and present) مرزا قليچ بيگ جو خيرپور جي تاريخ تي ھڪ مشھور ڪتاب آھي. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو جي مطابق مرزا صاحب هيءُ ڪتاب رياست خيرپور جي حاڪم مير علي نواز خان ”ناز“ جي فرمائش تي سن 1922ع ۾ لکيو. سال 1943ع ۾ انگريزن سنڌ کي فتح ڪري ان کي هندستان سان ملائي ڇڏيو، ليڪن مير علي مراد خان سان قريبي لاڳاپن سبب، انگريزن خيرپور جي رياست کيس مرحمت ڪري ڏني. ان وقت جي هندستان ۾ جيڪي ٻيون رياستون هيون، اُنهن جون جدا جدا تاريخون لکيون ويون هيون. ان پس منظر ۾ مرزا صاحب هيءُ ڪتاب مير علي نواز جي خواهش تي تيار ڪيو. هن ڪتاب ۾ جملي ويهه باب آهن، جنهن ۾ رياست جي جاگرافي، طبعي ۽ قديم اتهاسڪ احوال کانپوءِ خيرپور جي ميرن حاڪمن جو احوال مير علي نواز جي دور تائين ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب تفصيلي آهي ۽ اُن ۾ ميرن جي تاريخ، هر حاڪم جي دور جي سماجي حالتن ۽ انتظامي بندوبست سميت ڏني وئي آهي. اُن کان علاوه حاڪمن جي گهرو جهيڙن جهٽن جو احوال به درج ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ ڪجهه انگريز عملدارن، رياست جي ٽالپرن حاڪمن ۽ وزيرن جا فوٽو گراف به ڏنا ويا آهن. هي ڪتاب فيض پريس خيرپور ۾ سال 1924ع ۾ ڇپيو ۽ اُن جو نالو ”رياست خيرپور“ رکيو ويو.[1]

رياست خيرپور:ان جو اڳوڻو ۽ ھاڻوڪو تاريخي ۽ ملڪي احوال
مصنف مرزا قليچ بيگ
اصل عنوان رياست خيرپور:
ملڪ سنڌ, پاڪستان
ٻولي سنڌي
موضوع تاريخ
سياست
صنف تاريخ
ڇاپي جي تاريخ
1922

حوالا سنواريو

  1. {ڊاڪٽر غلام محمد لاکو جو لکيل مضمون:" مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌ جي تاريخ"؛ مھراڻ رسالو سال 2003 ، شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}