نڪولس ٻيون (روس)
نڪولس ٻيون(انگريزي: Nicolas II) يا نڪولائي(انگريزي: Nicolai II ) روس جو آخري بادشاھ ھيو جيڪو پھرين نومبر 1894 ۾ روس جي تخت تي ويٺو ۽ 15 مارچ 1917 ۾ انقلاب اچڻ بعد بادشاھي تان بي دخل ٿي ويو ۽ روسي ايمپائر جو خاتمو ٿيو. ھن پرڏيھي قرضن جي آڌار تي جديديت کي فروغ ڏئي فرانس سان ويجھڙائپ ڪئي. ھن نئين پارليامينٽ دوما کي اختيار ڏيڻ جي مخالفت ڪئي ۽ سندس خيال هو ته ھو خدا جي فضل سان بادشاھ ھيو ۽ ھي ڳالھيون ٻولهيون ڪرڻ ۽ راضي نامو ڪرڻ جو مخالف هو. ھن جي ماڻھن ۾ ڏاڍي ٺٺول ٿيندي هئي کيس گندو نڪولس سڏيو ويندو هو. سوويت روس جي مؤرخن لکيو آهي تہ ھي ھڪ نااھل حاڪم ھيو جنھن جي فيصلن سان جنگن م شڪستون مليون ۽ لکين ماڻھن جون زندگيون ضائع ٿيون.
نڪولس ٻيون | |||||
---|---|---|---|---|---|
روس جو شھنشاھ | |||||
1 آڪٽوبر (20 آڪٽوبر) 1894 کان 15 مارچ (2 مارچ) 1917 | |||||
پيشرو | اليگزينڊر ٽيون | ||||
جانشين | بادشاھي جو خاتمو | ||||
جيون ساٿي | ايلڪس آف ھيسي اينڊ رائن (ش. 26 نومبر 1894) | ||||
نسل | |||||
| |||||
گهراڻو | ھولسٽين-گاٽارپ-رومانوف | ||||
پيءُ | اليگزينڊر ٽيون (روس) | ||||
ماءُ | ماريا فيودوروونا (ڊيگمر آف ڊينمارڪ ) | ||||
جنم | 18 مئي [O.S. 6 مئي] 1868 اليگزينڊر محل, سينٽ پيٽرز برگ, روسي ايمپائر | ||||
لاڏاڻو | 17 جُولاءِ 1918 (عمر 50 سال) اپاٽيف ھائوس, ييڪاٽرنبرگ, روسي سوويت فيڊريشن سوشلسٽ ريپبلڪ | ||||
تدفين | 17 جولاء 1998 پيٽر۽ پائول ڪئٿيڊرل,سينٽ پيٽرز برگ | ||||
مذھب | روسي آرٿوڊڪس ڪليسا | ||||
دستخط |