رفيق احمد جمالي

سنڌي سياستدان

رفيق احمد جمالي انگريزي (Rafiq Ahmed Jamali) اردو (رفیق احمد جمالی ) 1 جنوري 1967ع تي جنم وٺندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليمنٽيرينز سان لاڳاپيل سنڌ پاڪستان جو سياستدان آهي جيڪو موجوده وقت ۾ قومي اسيمبلي پاڪستان جو ميمبر پڻ آهي.

رفيق احمد جمالي

رفيق احمد جمالي
 

معلومات شخصيت
ڄم 1 جنوري 1967 (57 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of political party (P102) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

شروعاتي زندگي سنواريو

رفيق احمد جمالي 1 جنوري 1967ع[1] تي سردار محمد بخش جمالي جي گهر ۾ ڳوٺ بهاولپور جوهي تعلقو، دادو ضلعو سنڌ ۾ جنم ورتو.. شروعاتي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري جي تعليم دادو شهر ۾ حاصل ڪيائين جڏهن ته گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1992ع ۾ حاصل ڪيائين. سندس والد سردار حاجي محمد بخش جمالي[2] پڻ مڃيل سياستدان رهيو جنهن قومي اسيمبلي پاڪستان جي تڪ اين.اي 178-دادوII- لاءِ 1988، 1990ع، 1993ع ۽ 1997ع تائين قومي اسيمبلي پاڪستان جو رڪن رهيو..[3]

سياسي شروعات سنواريو

رفيق احمد جمالي سياسي ڪيريئر جي شروعات 2002ع کان ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽي پارليمنٽيرينز جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبلي پاڪستان جي تڪ اين.اي-232 دادII- تان عام چونڊن ۾ ميمبر قومي اسيمبلي چونڊيو ويو.[4] هيءُ ٻيهر 2008ع ۾ ساڳي تڪ تان ميمبر قومي اسيمبلي چونڊيو ويو. هيءُ سيپٽمبر 2009ع ۾ خوراڪ ۽ زراعت کاتي پاڪستان جو فيڊرل وزير بڻايو ويو.[5] ۽ فيبروري 2011ع تائين عهدي تي رهيو.[6] 2013ع ۾ جي عام چونڊن ۾ ساڳي تڪ تان وري ميمبر قومي اسيمبلي چونڊجي ويو. 2013ع ۾ گورک هل اسٽيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمن پڻ چونڊيو ويو..[7] پاڪستان پيپلز پارٽي پارليمنٽيرينز جي ٽڪيٽ تان هميشه وڏي مارجن تان عام چونڊن ۾ ڪامياب رهندو آيو آهي..[8] پاڪستان پيپلز پارٽي دادو ضلعي جو صدر پڻ رهندو آيو آهي.[9]

حوالا سنواريو