رخشان ڊويزن (اردو: رخشان ڈویژن؛ بلوچي: رخشان ولايت) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو هڪ ڊويزن آهي.[1][2] ڊويزن ۾ چاغي، خاران، نوشڪي ۽ واشوڪ جا ضلعا شامل آهن. ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر خاران شهر ۾ آهي. سال 2023ع جي آدمشماري جي مطابق ڊويزن جي آبادي 10,40,001 آهي.[3]

رخشان ڊويزن
رخشان ڈویژن
رخشان ولایت‎
رخشان ڊويزن جو نقشو
رخشان ڊويزن جو نقشو
ملڪ  پاڪستان
صوبو بلوچستان
ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر خاران
قایم ٿيو 17 مئي، 2017ع
Government
 • Type ڊويزنل انتظاميه
 • ڪمشنر N/A
 • ڊويزنل پوليس آفيسر N/A
Area
 • Total
98,596 ڪ.م2 (38,068 ميل2)

سال 2015ع ۾ بلوچستان اسيمبلي اتفاق راءِ سان هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو جنهن ۾ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته هو نوشڪي، چاغي، خاران ۽ واشڪ ضلعن تي مشتمل نئين ڊويزن قائم ڪري، جيڪي ڪوئيٽا ۽ قلات ڊويزن جا حصا هئا. ضلعو خاران رخشان ڊويزن جو ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر آهي. خاران ۾ رخشان ڊويزن لاءِ 500 ايڪڙ سرڪاري زمين پڻ الاٽ ڪئي وئي آهي ۽ اھو علائقو خاران ٽائون جي حدن ۾ واقع آهي.

رخشان ڊويزن جو مئي، 2017ع تي ڊويزن طور نوٽيفڪيشن ڪيو ويو. ساڳئي ڏينهن هڪ ٻيو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو ته تعلقي سرخاران کي اپگريڊ ڪري سب ڊويزن سرخاران جو هيڊ ڪوارٽر مسڪن قلات، ضلعي خاران ۾ بڻايو ويو آهي.

ضلعن جي فهرست

سنواريو
# ضلعو هيڊ ڪوارٽر ايراضي

(km2)[4]

آبادي

(2023)

Density

(ppl/km2) (2023)

Lit.

rate (2023)

1 چاغي دالبندين 44,748 269,192 6.0 33.15%
2 واشوڪ واشوڪ 33,093 302,623 9.1 21.58%
3 خاران خاران 14,958 260,352 17.4 41.07%
4 نوشڪي نوشڪي 5,797 207,834 35.9 57.12%

تعلقن جي فهرست

سنواريو
Tehsil Area (km2)[5] Population (2023) Density (ppl/km2)

(2023)

Literacy rate

(2023)

Districts
دالبندين تعلقو 7,791 122,918 15.78 39.10% Chagai
نوڪنڊي تعلقو 16,092 30,625 1.90 48.57%
تفتان تعلقو 9,318 19,259 2.07 19.70%
چاغئي تعلقو 3,975 73,482 18.49 23.77%
آموري تعلقو ... ... ... ...
چلغازي تعلقو ... ... ... ...
يڪ مڇ تعلقو 7,572 22,908 3.03 24.36%
خاران تعلقو 2,941 104,035 35.37 48.63% Kharan
سر خاران تعلقو 3,539 86,015 24.30 36.70%
توھوملڪ تعلقو 6,347 49,803 7.85 34.81%
پتڪين تعلقو 2,131 20,499 9.62 35.06%
نوشڪي تعلقو 3,731 190,905 51.17 59.04% Nushki
داڪ تعلقو 2,066 16,929 8.19 36.29%
بسيمه تعلقو 6,014 63,368 10.54 31.83% Washuk
ماشخيل تعلقو 11,663 67,142 5.76 16.33%
واشڪ تعلقو 7,494 55,585 7.42 18.10%
ناگ تعلقو 4,338 57,467 13.25 18.02%
شاهگوري تعلقو 3,584 59,061 16.48 23.55%