راڻي دُرڳاوتي

گوند جي راڻي

راڻي دُرڳاوتي (انگريزي ٻولي: Rani Durgavati) (جنم آڪٽوبر 5، 1524[1] –وفات 24 جون، 1564) 1550 کان 1564 تائين گوندوانا جي هڪ حڪمران راڻي هُئي. هن جو جنم مشهور راجپوت چندل بادشاهہ ڪيرت رائي جي پريوار ۾ ڪلنجار قلعي (باندا، اتر پرديش) ۾ ٿيو هيو.[1] راڻي دُرگاوتي جي ڪاميابين پنهنجي ابن ڏاڏن جي همٿ ۽ سرپرستي جي شان کي وڌيڪ وَڌايو.هي هندستان جي اتهاس ۾ باز بهادر جي فوج کي شڪست ڏيڻ ۽ مغل فوج خلاف سورهيائيءَ سان وڙهڻ جي لاءِ  مشهور آهي.[1]

راڻي دُرڳاوتي

درڳاوتي جو پورٽريٽ
گوندوانا (هندستان) جي راڻي
جيون ساٿي دلپت شاهه
نسل وير نارائيڻ
پيءُ ڪيرت رواءِ
جنم آڪٽوبر 5، 1524
ڪالنجر قلعو (بانڊا, اتر پرديش)
لاڏاڻو 24 جون 1564 (عمر 39 سال)
نارائي وهڪرو, جبلپور, مڌيا پرديش
مذھب هندومت

زندگي جو احوال سنواريو

 
راڻِي دُرڳاوتي نارائي واري جنگ جي تياري ڪري رهي آهي. جبلپور جي شهيدن جي ميموريل ۾ بيوهر رام منوهر سنها جي پاران ٺاهيل چٽسالي (فريسڪو)

1542ع ۾، هن جي شادي گوندوانا بادشاهت جي بادشاهہ سنگرام شاهہ جي وڏي پُٽ دلپت شاهہ سان ٿي هئي. ان شادي سان ٻنهين شاهي خاندانن چانديل ۽ راجگوند  جو پاڻ ۾ ايڪو (اتحاد) ٿيو هيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيرت رائي کي گوندن پاران مسلم حملي دوران  شير شاهہ سوري خلاف سهائتا حاصل ٿي هئي.

1545ع ۾ راڻيءَ هڪ پُٽ کي جنم ڏنو، جنهن جو نالو وير نارائڻ رکيائين. دلپت شاهہ جو موت سال 1550ع ۾ ٿيو ۽ وير نارائڻ جي ننڍي ڄمار سبب، درڳاوتي گوند بادشاهي جي حڪمراني جي واڳَ سنڀالي. ديوان بيئوهار اڌار سمها ۽ وزير من ٺاڪر انتظاميا جي ڪاميابي ۽ اثرائتي انداز ۾ سَارسَنڀال ڪرڻ ۾ راڻي جي مدد ڪئي. راڻي سنگور ڳڙھ قلعي جي جڳهہ  بدران پنهنجو راڄڌاني چوراڳڙھ ڏانهن منتقل ڪيو.هي سترا پورا جابلو سلسلي  تي موجود اِسٽريٽيجڪ اهميت جو قلعو هيو.

شير شاهہ جي موت کانپوءِ، سوجات خان مالوا تي قبضو ڪري ورتو ۽ 1556 ۾ ان جي پُٽ باز بهادر سندس تخت نشين ٿيو. تخت تي چڙهڻ کانپوءِ، بازبهادر راڻي درڳاوتي تي حملو ڪيو پر اهو حملو پوئتي ڌِڪيو ويو.

سال 1562 ۾، اڪبر اعظم  مالوا جي حڪمران باز بهادر کي مات ڏئي مالوا تي سوڀَ  ماڻي ورتي، ۽ انکي مغل بادشاهت جو حصو بڻائي ڇڏيائين. انهيءَ نتيجي طور راڻي جي رياست جي حد مغل سلطنت کي ڇُهڻ لڳي.

ساڳي دؤر جو هڪ مغل جنرل، خواجا عبدالماجيد آسَف خان هيو، جنهن  ريوا جي حڪمران رامچندر کي مات ڏني هئي، جيڪو هڪ وڏو هوسي (لوڀي، پڪي ارادي وارو) ماڻهو هيو. راڻي دُرڳاوتي جي رياست جي خوشحالي  هن کي ھِرکائِيو ۽ مغل بادشاهہ اڪبر کان اجازت وٺڻ کانپوءِ هن لوڀي راڻي جي رياست تي حملو ڪيو. مغل يلغار جو اهو منصوبو اڪبر جي سامراجيت ۽ پکيڙ وَڌائڻ (اڪسپينشئنزم) جو نتيجو هيو.

جڏهن راڻيءَ  آسف خان جي حملي بابت ٻُڌو تہ ان پنهنجي پُوري سگهہ سميت پنهنجي سلطنت جي دفاع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيتوڻيڪ ديوان بهيار اڌار سمها (اڏهر ڪيستا[2]) مغل فوج جي طاقت جي اڳڪٿي ڪئي. راڻي جو چوڻ هيو تہ ذلت جي زندگي گزارڻ کان عزت سان مرڻ بهتر آهي.

هوءَ دفاعي جنگ وڙهڻ لاءِ، هڪ پاسي جابلو سلسلي ۽ ٻئي پاسي ٻن درياهن گئوڙ ۽ نرمدا جي وچ ۾ موجود نارائي هنڌ ڏانهن وئي. هيءَ هڪ غير مساوي جنگ هئي جيڪا هڪ پاسي تربيت ماڻيل ۽ جديد هٿيارن سميت تعداد ۾ گهڻائي مغل فوج هئي ۽ ٻئي پاسي پُراڻي هٿيارن سان ڪُجھ اَڻ تربيت ماڻيل فوجي جن ۾ راڻي درڳاوتي جي فوج هئي. ان جو فوجدار ارجن داس جنگ ۾ ماريو ويو ۽ راڻي خود دفاع جي سرواڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن دشمن واديءَ ۾ داخل ٿيا  تہ راڻي جي سپاهين انهن تي حملو ڪري ڏنو. ٻنهين مخالفن ڪجهه ماڻهن جو نقصان سَٺو پر راڻي جي فوج جو وڌيڪ جاني نقصان ٿيو.

ان مرحلي تي، راڻي پنهنجي صلاحڪارن سميت پنهنجي جنگي حڪمت عملي (اِسٽريٽجي) جو جائزو ورتو. هوءَ رات مهل دشمن تي حملو ڪرڻ چاهي پئي تہ جيئن سندس مدد ٿي سگهي پر سندس ليفٽيننٽس سندس رِٿَ (تجويز) کي قبول نہ ڪيو. ٻئي صبح تائين آسَف خان وڏيون بندوقون گُهرائي ورتيون. راڻي پنهنجي هاٿي سرمن تي سوار ٿي جنگ لاءِ آئي. ان لڙائي ۾ سندس پُٽ وير نارائڻ پڻ حصو ورتو هيو، جنهن مغل فوج کي ٽي ڀيرا پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو پر نيٺ، هو زخمي ٿي پيو ۽  کيس هڪ محفوظ جڳهہ ت ريٽائر ٿيڻو پيو.لڙائي دوران، راڻي پڻ هڪ تير سان پنهنجي ڪَن ويجهو ڏاڍو زخمي ٿي پئي. هڪ ٻيو تير سندس ڳچيءَ ۾ سوراخ ڪيو ۽ هوءَ بيهوش ٿي وئي. هوش سنڀالڻ تي هن سمجهيو تہ شڪست ويجهي اچي رهي آهي، سندس ماهوت کيس جنگ جو ميدان ڇڏڻ جو مشورو ڏنو پر راڻيءَ انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو خنجر ڪڍي ورتائين ۽ جنهن سان 24 جون 1564 تي پاڻ کي ماري ڇڏيائين. سندس شهادت جو ڏينهن (24 جون 1564) اٺ پڻ "ٻليدان دِواس" جي نالي سان ملهايو ويندو آهي.

وِرثو سنواريو

سال 1983 ۾، مڌيا پرديش جي سرڪار سندس ياد ۾ جبلپور يونيورسٽي جو نالو۾َٽائي راڻي دُرگاوتي وشواوديالا (راڻي دُرگاوتي يونيورسٽي) رکي ڇڏيو هيو.24 جون 1988 تي ڀارت جي حڪومت سندس موت جي ياد ۾ هڪ ٽپال-ٽڪلي (پوسٽل-اسٽيمپ) جاري ڪئي. جبلپور جنڪشن ۽ جاموتاوي جي وچ ۾ هلندڙ ريل گاڏي (ٽرين)  جو نالو راڻي جي نالي پويان درگاوتي ايڪسپريس (11449/11450) رکيو.

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 "Rani Durgavati Maravi (History)". ImportantIndia.com. حاصل ڪيل 2020-02-08. 
  2. آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2019-08-10 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-02-08 

ٻاهِريان ڳنڍڻا سنواريو