دهشلا

هندستاني مهاڪهاڻي ۾ مهاڀارت جو ڪردار
(راڻي دهشلا کان چوريل)

راڻي دهشلا(दुःशला، سنسڪرت) ڪورؤ حڪمران راجا دريوڌن جي ڀيڻ، ڌريتراشٽر جي ڌيءُ ۽ سنڌ جي راجا جئڌرٿ جي راڻي هئي. هن کي هڪ پٽ سورٺ نالي هڪ پٽ ھو.[1]

دهشلا
مهاڀارت character

Painting of Dushala, the only female Kaurava
Information
ڪٽنب گنڌاري ۽ ڌتراشٽرا (والدين)
دريوڌن, ڌشھڻ, وڪارڻ ۽ 97 ٻيا ڀائر
يوئوسو (half-brother)
جيون ساٿي جئڌرت
ٻارڙا سورٺ Suratha
رشتيدار يُڌشٽر, ڀيم, ارجن, نَڪُل ۽ سهديو (سوٽ)

هيءَ ڪافي بهادر ۽ هوشيار عورت هئي. جنهنڪري سندس ڀاءُ راجا دريوڌن کيس پنهنجو نائب مقرر ڪري سنڌ موڪليو. هن راڻيءَ سنڌ ۾ پنهنجو تختگاهه اُچ ۽ ملتان جي وچ تي هڪ شهر مقرر ڪيو، جيڪو بعد ۾ ’اسڪلنده‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن عظيم شهر جا کنڊرات ڳوٺ ٺٽ گهلوان، تعلقي شجاع آباد ۾ ملن ٿا، جيڪي پري پري تائين پکڙيل آهن.[1] راڻي دهشلا ڪورؤ سنڌ ۾ اچڻ بعد سنڌ ملڪ کي خوشحال بنائڻ ۽ ترقي وٺرائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. راڻيءَ جڏهن محسوس ڪيو ته سنڌ اندرتعليم جي کوٽ آهي ته هن پنهنجي ڀاءُ کي خط لکي مال ۽ اسباب سميت ٽيهه هزار برهمڻ گهرايا، جنهن کان پوءِ سنڌ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم جو ڏيئو روشن ٿيو ۽ ملڪ ۾ پڙهڻ، پڙهائڻ، سکڻ ۽ سيکارڻ، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. سڪندراعظم جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪري ڦرلٽ جو سلسلو جاري ڪيو ته راڻي دهشلاڀاءُ راجا دريوڌن جي معرفت 30 هزار برهمڻ حفاظت ۽ مقابلي لاءِ گهرايا. جن برهمڻن سڪندر سان مقابلو ڪري پاڻ ملهايو. ميدن ۽ جتن جي جهڳڙي وقت به راڻي دهشتلا بهترين ڪردار ادا ڪري سنڌ ۾ امن امان کي برقرار رکيو. راڻي دهشلا سنڌ تي اٽڪل ويهن سالن تائين حڪومت ڪئي. ان زماني ۾ جاٽ* (جت Jt ) ۽ ميد (Myd) نالي سنڌو درياءَ جي ڪناري ٻه قبيلا آباد ھئا (1) تاريخي مطالعي مان معلون ٿئي ٿو ته ھي اُھي قومون ھيون جن آرين جي پکڙجڻ کان اڳ مختلف ملڪن ۾ ڦرلٽ ۽ قتل جي بازار گرم ڪري ڇڏي ھئي. (2) اھي قبيلا (قومون) نا معلوم عرصي کان درياءِ سنڌ (3) جي ڪناري رھنديون ھيون ۽ ھڪ ٻئي جون دشمن ھيون. ميدن ۽ جاٽن جون ھڪ ٻئي سان گھرو لڙايون ھلنديون ھيون.[1]

جاٽن ۽ ميدن جا جهيڙا ۽ دهشلا جو ڪردار

سنواريو

جاٽ اصل ۾ جت جو بدليل روپ آھي. ھي اصل ۾ ھندو آھن. گنگارام سمراٽ لکيو آھ: عرب ھندن کي جاٽ چوندا آھن.“ (سنڌو سؤوير ص 187 ) جت (Zt) ۽ ميد (Myd) ھام جي ونش مان آھن. اھي سنڌ ۾ نديءَ جي ڪناري رھندا آھن جنھن کي بحر چوندا آھن. (سنڌو سؤوير ص 187) ڊاڪٽر نبي بخش خان جو خيال ٻين کان مختلف آھي. سندس راءِ موجب بحر جا ڄاڻو جت نه بلڪ ”سنڌ جا ميد غالبًا سنڌ جي سامونڊي ساحل جا ميربحر ھئا. (چچ نامو ص 437) مولوي نور محمد نظاماڻي جي خيال مطابق شايد سنڌ جا ھي ميد به انھيءَ عظيم الشان ۽ مشھور قوم سان تعلق رکندا ھجن جن اُسريا جي سلطنت کان اڳ واديءَ جي بلندي ۾ وڏي شان ۽ شوڪت سان ھڪ سلطنت قائم ڪئي (تاريخ سنڌ ص 25) شري گنگارام نديءَ جو نالو ”پاھن“ لکيو آھي ۽ اڳيان سوال (؟) جي نشاني ڏني اٿس. جنھن جو مطلب آھي ته ان جي اصل جاءِ معلوم ڪينھي. (سنڌو سؤوير ص687) جيڪي وڌندي ان حد تائين وڃي پھتيون جو جاٽن کي مجبور ٿي درياءَ جي ٻي ڪنڌي وَسائڻي پيئي. ان تبديليءَ کان پوءِ ٻئي قومون ھڪ ٻئي کان ڌار ٿي سُک سانت سان رھڻ لڳيون. پر جيئن ته جاٽ ٻيڙين ٺاھڻ ۽ ھلائڻ جا ماھر ھئا ۽ ميد ان فن کان بي خبر ھئا، تنھنڪري ان ڪمزوريءَ مان فائدو وٺندي، ھو ٻيڙين تي چڙھي ميدن تي حملو ڪندا ھئا ۽ سندن چوپايو مال پڪڙي ٻيڙين ۾ وجھي وڃي پار پوندا ھئا. ڪافي عرصو اھو سلسلو ھلندو رھيو، دريائي اڻ ڄاڻائيءَ ڪري ميدن کي مار کائڻي ٿي پيئي، سندن ڪو حيلو ڪونه ٿي ھليو، اھڙين حالتن ڪري ميد جاٽن کان پوري ريت دٻجي ويا ۽ نھايت مجبوريءَ واري حالت ۾ گذارڻ لڳا. ميدن کي جنھن ريت مجبور ڪيو ويو ۽ کين جنھن حالت تي پھچايو ويو ھو، ان حال تي جاٽن جي چڱي مڙس کي رحم آيو ۽ پنھنجي قبيلي کي ماضي ياد ڏياري احساس ڏياريائين ته کين اھو وقت ياد ڪرڻ گھرجي جڏھن اھي ئي ميد سندن تي قابض ھئا ۽ سندن نقصان ڪندا ھئا. ھن کين اھو به سمجھايو ته وقت سدائين ھڪ جھڙو رھڻو نه آھي، ٿي سگھي ٿو ته سڀاڻي وقت بدلجي وڃي ۽ ھو اسان (جاٽن) تي وري قابض ٿي وڃن اھڙي حالت ۾ پاڻ کي ڪيترو نه پڇتائڻو پوندو ان ڪري ٻنھي قبيلن جي ڀلائي اُن ۾ آھي ته پاڻ ۾ ٺاھ ڪري ٻئي ڌريون امن و امان جي زندگي گذاريون. ان سردار سندن پرچاءُ ڪرائي ٻنھي قبيلن مان مُک ماڻھو چونڊي راجا ڌرت راشٽر جي پٽ (Dahrat) ڌريوڌن (Dajushon) [1] ڏانھن موڪليو ۽ کين اھو مشورو ڏنو ته راجا کي گزارش ڪئي وڃي ته ”ھو پنھنجي طرفان ڪنھن کي توھان تي راجا مقرر ڪري ۽ پوءِ جڏھن اھو ڌريوڌن جو نائب اوھان وٽ حاڪم بڻجي اچي تڏھن ٻئي ان راجا جي فرمانبرداري ڪريو.“ اھي ايلچي جڏھن ڌريوڌن جي درٻار ۾ پھتا تڏھن راجا انھن سان نھايت سھڻو سلوڪ ڪيو ۽ پنھنجي ڀيڻ دھشلا کي سنڌ ۾ موڪلي ڏنو. جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آھي ته ھي راڻي ھند (اصل سنڌ) جي راجا ڌرت راشٽر جي نياڻي ھئي. ڌريوڌن سندس ڀاءُ ھو. سندس ٻاروتڻ جي ڪائي معلومات ٿي نه سگھي آھي. تاريخن مان صرف اھو پتو پوي ٿو ته ھوءَ ”سنڌ جي راجا جيدرٿ جي راڻي ھئي. سنڌ ملڪ جون پراڻي زماني ۾ سرحدون وسيع رھيون آھن. ملڪ ھڪ ئي نالي سان سڏبو ھو. باقي ھر حڪمران جون جدا جدا رياستون يا پرڳڻا ھوندا ھئا، جن تي اھي پنھنجي پنھنجي نموني راڄ ڪندا ھئا. جيئن محترم شمس الدين رڪن الدين قديم سنڌ جي سرحدن جو ذڪر ڪندي لکيو آھي: ” سنڌ نالي وارو ملڪ اُتر ۾ سائبيريا کان وٺي، ڏکڻ ۾ موجوده بحرھند جي قديم ۽ موجوده ٻيٽن تائين ۽ الھندي ۾ درياءِ دجله کان وٺي، اڀرندي ۾ چين واري سمنڊ تائين پکڙيل ھو. گويا ذري گھٽ سارو ايشيا کنڊ سنڌ نالي وارو ملڪ ھو.“ (آئينه قديم سنڌ، عرض گذارش ص 1) راجا ڌريوڌن ان ئي سنڌ ملڪ واري وسيع ايراضي جي ڪنھن حصي جو راجا ھوندو جو گھڻي وقت بعد ٻولين جي مٽا سٽا جي ڪري ھند سڏجڻ لڳو ھوندو. (آزاد) تاريخ سنڌ، مولوي نور محمد نظاماڻي صفحه 27 سنڌ سؤوير جي لکت ھن ريت آھي: ٻنھي ڌرين کي صلاح ڏنائين ته پنھنجا ڪي چڱا مڙس راجا ڌرت راشٽر جي پٽ ڌريوڌن وٽ موڪليو ۽ گھُر ڪريو ته ڪو راجا موڪلي جنھن جي ماتحت ٻئي ڌريون رھن.“ (ص 188) جيدرٿ سان سندس ڪيئن سَڱ ٿيو تنھن لاءِ پڻ ڪائي معلومات ملي نه سگھي آھي.

حڪومت جون واڳون راڄڌاني

سنواريو

جاٽن ۽ ميدن جي گذارش تي راڻي دھشلا کي سندس ڀاءُ ٻنھي قبيلن مٿان راڄ ڪرڻ خاطر روانو ڪيو. ھن پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ اسڪلنده (Askaland) ۾ مقرر ڪيو. ھيءَ راڻي نھايت ھوشيار ۽ وڏي لياقت واري ھئي. سندس لياقت ۽ ڏاھپ جا قصا گھڻي قدر بيان ڪيا وڃن ٿا. ملڪ پڻ سُکيو ستابو ھو، ملڪ جي اندر بھادر ۽ جنگجو قبيلا آباد ھئا. مطلب ته ھر لحاظ کان سپت سنڌوديش جي ھنڌين ماڳين ھاڪ ھئي. پر سڀ کان وڏي گھٽتائي جا راڻيءَ کي نظر آئي سا ھئي بزرگ ۽ برھمڻن جو ملڪ ۾ نه ھئڻ. سندس خيال موجب ھيڏي وڏي سکئي ستابي ملڪ ۾ برھمڻن جو ملڪ جي ڀلي خاطر ھجڻ ضروري ھو. ”جن جي لياقت ۽ دانائيءَ سان ھي ملڪ علمي عزت به حاصل ڪري سگھي ھا. اھو سمورو حال ھن پنھنجي ڀاءُ کي ھڪ خط رستي موڪلي، برھمڻن موڪلڻ لاءِ چيو، جنھن تي سندس ڀاءُ ڌريوڌن ”سڄي ڀارت مان 30 ھزار برھمڻ ڪَٺا ڪري مال ۽ سامان سوڌو ڀيڻ ڏانھن موڪليا.

نظام حڪومت

سنواريو

راڻي دھشلا ھوشيار ۽ نھايت نيڪ بخت راڻي ھئي. ھن اعليٰ صلاحيتن ۽ قابليت سان ملڪ جو انتظام اعليٰ نموني سان ھلايو. سندس سٺي انتظام جي ڪري ملڪ ڏاڍو شاھوڪار ۽ اڳين کان وڌيڪ سکيو ستابو ٿي ويو. ھن دانائي ڪري، جو برھمڻن کي گھرايو، تنھنڪري ملڪ ۾ جا علمي کوٽ ھئي، سا پڻ پوري ٿي ويئي، ۽ ھنن (برھمڻن) نيڪ انسانن جي برڪت سان ٿوري عرصي ئي اندر سنڌ جو ملڪ وڏي رونق حاصل ڪري ويو.“ هونئن ته راجائن جو مقصد راڄ ڪرڻ ھوندو آھي ۽ اڪثر حڪمرانن جو مقصد ويڙھايو ۽ راڄ ڪيو پئي رھيو آھي. راڻي دھشلا کي ته حڪومت جون واڳون ئي اھڙي وقت ۾ مليون جو، ھوءَ سخت رويو اختيار ڪري پئي سگھي. پر ان جي برعڪس ھن عوام ۾ خونريزي پکيڙڻ بجاءِ، امن پسندانه ماحول پيدا ڪيو. ھن ٻنھي قبيلن جو پاڻ ۾ ٺاھ ڪرائي سندن ورھين جا پراڻا جھڳڙا ختم ڪرايا. ھن ڇيڙي نبيري ڪارڻ پئنچاتي نظام تحت ٻنھي قبيلن منجھان چڱا مڙس چونڊيا جن جي ھٿ ۾ پنھنجي قبيلي کي صحيح نموني ھلائڻ جو بار ھو. ھن جاٽ (جت) منجھان جنھن شخص کي مقرر ڪيو تنھن جو نالو جيدرٿ (Judrat) مليو آھي. ساڳي ريت ميدن منجھان پڻ خاص ماڻھو مقرر ڪيو ويو پر ان جو نالو ملي نه سگھيو آھي. انھن ٻنھي قبيلن کي ملڪ جا حصا ورھائي ڏنا ويا ھئا جن ۾ ھو پنھنجي اٿي ويٺي اعليٰ نموني ڪندا ھئا. اڳتي ھلي ھند جي راجا ارجن ۽ سنڌين جي ويڙھاند م ھن راڻيءَ امن پسندانه ڪردار ادا ڪندي، وچ ۾ پئي، عوام جي خونريزي بند ڪرائي. راجا ارجن سنڱابنديءَ ۾ راڻي دھشلا جو سؤٽ (ڀاءُ) ٿيندو ھو. ٿيو ائين جو راڻي دھشلا جي پتي راجا جيدرٿ جو پانڊون سان راجا دروپد جي ڌيءُ تان جھڳڙو ٿي پيو، جنھن ۾ راجا جيدرٿ جي بي عزتي ٿي. ان تان چڙي ”ھن شنڪر کي راضي ڪيو مان سڀني پانڊون کي جيتي سگھان، اھڙو ورھن شنڪر کان گھريو“ [2] کيس اھو آسرو مليو ته ھو ارجن کان سواءِ (غير حاضري ۾) باقي ٻين پانڊون کي فتح ڪندو. آخر ٿيو به ائين. ارجن جي غير حاضري ۾ ھن پانڊون تي فتح حاصل ڪئي. جنھن تان ارجن واعدو ڪيو ته ”سڀاڻ سج لھڻ کان اڳ مان جيدرٿ جو وڌ (قتل) ڪندس“. آخر ڪافي حيلن ۽ اٽڪلن سان ارجن جيدرٿ کي مارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اڳتي ھلي اھڙا سبب بڻيا جن جي ڪري ارجن ۽ سنڌين ۾ دوبدو لڙائي ٿي. ان موقعي تي راڻي دھشلا جو نھايت ڪارائتو ڪردار نظر اچي ٿو. سنڌين جي فوج ته ان موقعي تي پنھنجي راجا جيدرٿ جو وڌ (قتل) ياد ڪري وڏي جوش، جذبي سان وڙھڻ لڳي پر پوءِ به سندس حالت ھيڻي رھي، ان موقعي تي ھن سنڌين کي سمجھايو ۽ پاڻ ”اھو حال ڏسي پنھنجي پٽ سرٿ جي پٽ (پوٽي) [1] کي ساڻ ڪري رَٿ تي سوار ٿي جنگ جي ميدان ۾ آئي“ سندس مطلب اھو ھو ته سڀ جنگ بند ڪن. ان لاءِ ھوءَ ارجن وٽ اچي زار زار روئڻ لڳي. ارجن جي پڇڻ تي کيس چيائين: ”ھي تنھنجي ڀاڻيجي (سرٿ جو پٽ دھشلا جو پوٽو) آھي. ڏس ھي توکي پرڻام ٿو ڪري“ تڏھن ارجن پڇيو سرٿ (دھشلا جو پٽ) ڪٿي آھي؟ تنھن تي چيائينس، ”سرٿ ٻڌو ھو ته ارجن ھٿان ئي پڻس (جيدرٿ) جو موت ٿيو ھو. ان بعد جڏھن ٻڌائين ته تون گھوڙي سان ھتي پھتو آھين (جنگ لاءِ) ته ھو پيءُ جي موت کان دکي ٿي ھراسجي مري ويو“..... ان ڪري ھن ٻالڪ (سرت جي پٽ) تي ڪرپا ڪر. ھن جو ڏاڏو اناريه نرشنس تنھنجو دشمن ھو، ان کي ڀلجي وڃ. ھن تي ڪرپا ڪر. اھو ٻڌندي ارجن به دکي ٿي ڀيڻ (سوٽ، دھشلا) کي دلداري ڏيئي گھر روانو ڪيو.“ اھڙي ريت ملڪ تان خوني ڪڪر سک، سانت سان اڪري ويا ۽ ارجن دھشلا جي صلاح سان سندس پوٽي (سرٿ جي پٽ) کي سنڌ جي گاديءَ تي وھاري پاڻ اڳتي روانو ٿي ويو. معلوم ائين ٿو ٿئي ته اھو راڻي دھشلا جي پوڙھائپ وارو دور ھو. حڪومت جون واڳون سندس ھٿن ۾ نه ھيون، پوين پنھنجي مرضيءَ مطابق ڇيڙي نبيري پئي ڪئي جنھن ڪري ملڪ ۾ ڦڏا فساد ٿيا. پاڻ پٽن، پوٽن واري ٿيڻ ڪري، گھر ڌياڻي ٿي ويٺي ھوندي پر پوءِ به اوکي وقت ۾ ميدان ۾ نڪري آئي ھوندي.

صلاحيتون

سنواريو

تاريخ اندر ھن عورت جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا آھن ۽ جنھن نموني سان ھن ملڪ ۾ سڌارا آندا، تن کي ڏسڻ کان پوءِ سندس ذھني صلاحيتن کي داد ڏيڻ کان رھي نٿو سگھجي. ھن کي ملڪ خانه جنگي واري ماحول ۾ مليو. ڊگھو عرصو جھڳڙو ھلڻ ڪري ملڪ جي اقتصادي حالت تباھ ٿي ويئي ھئي. پر ھن پنھنجي صلاحيتن سان ملڪ منجھان گھرو جھڳڙي جون پاڙون پَٽي ڇڏيون. جھالت دور ڪرڻ لاءِ ٻاھران پڙھيل ماڻھو گھرايا ته جيئن مقامي ماڻھن جو به تعليم ڏانھن چاھ وڌي ۽ جھالت جو خاتمو ٿي سگھي. اھري ريت ھن ملڪ اندر نت نوان سڌارا آندا جنھن ڪري ملڪ وڌيڪ سکيو ستابو ٿي ويو. ھن ڪافي شھرن جا بنياد وجھي نوان شھر جوڙايا. ھن جو دور حڪومت اوائلي تاريخ ۾ ساراھڻ جوڳو آھي. ھيءَ حڪومت ويھن سالن کان ڪجهه مٿڀرو قائم رھي. (قديم تاريخ ۾ ھيءُ دور ڀارت ونشي سڏجي ٿو) گنگا رام سمراٽ ھن دور لاءِ لکيو آھي ”ھيءَ راجائي 15 ھزار سالن تائين ھلي“. پر راڻي دھشلا جي حڪومت جو دور تاريخن ۾ ويھن سان کان ڪجهه مٿڀرو ملي ٿو. ان مان اھا ڳالھ صاف ظاھر ٿئي ٿي ته ھي اھوئي دور ليکيو وڃي ٿو جنھن ۾ راڻي دھشلا پنھنجو پاڻ راڄ ڪيو، ان بعد جيدرٿ جي پٽ سنجيه (معلوم ٿئي ٿو ته جيدرٿ کي ٻي به راڻي ھئي جنھن منجھان سنجيه ھو) جو وارو آيو، تنھن بعد ستت ئي ”راڻي دھشلا مان ڄاول پٽ سرٿ گاديءَ تي ويٺو. سرٿ، ارجن جو جنگ ڪارڻ، اچڻ جو ٻڌي راھ رباني وٺي ويو. جيدرٿ جي قتل جي بدلي ڪارڻ، سنڌين جي فوج ارجن جي سامھون ٿي. وڏي خونريزي ٿيڻ جو امڪان ھو پر راڻي دھشلا جي حڪمت عمليءَ جي ڪري ملڪ تان اھا آفت ٽري ويئي. تنھن بعد ارجن راڻي دھشلا جي اصرار تي سندس پوٽي (سرٿ جي پٽ) کي سنڌ جي حڪومت حوالي ڪئي. ھن گھراڻي جو آخري بادشاھ ڪويا ھورت ھيو، جو ملڪي خانه جنگيءَ جو شڪار ٿي ويو.

پانڊو گهراڻي

سنواريو

مولانا آزاد لکيو آھي: ”ايشيا م ھميشہ پاليٽڪس (سياست) مذھب جي پردي ھيٺ رھي آھي. ھزارين خونريزيون، جي پوليٽيڪل سببن ڪري ٿيون آھن، تن کي مذھب جي چادر پھرائي، ڍڪيو ۽ لڪايو ويو آھي.“ اھڙي ريت ھن گھراڻي جي تباھيءَ جو سبب پڻ مذھبي جنون ۽ ڪٽرپڻي تي ٻڌل آھي. برھمڻ، جن کي شروعاتي دور ۾ راڻي دھشلا گھرايو ھو، سي مذھبي پيشوا ھئا. ڌرمي معاملا سندن حوالي ھئا. ھندو ڌرم ۾ ڳئونءَ کي ”گانءِ ماتا“ جو درجو ھئڻ ڪري، فضيلت وارو درجو حاصل ھو/ آھي. شايد پانڊون گھراڻي وارن وٽ ڳئونءَ کي اھو درجو حاصل نه ھو، ان ڪري ٿيو ائين جو ھڪ ڏينھن پانڊون گھراڻي جي ماڻھن ڪن اختلافن سبب برھمڻ جي گھران ڳئون ڪڍي ويا ۽ مارڻ جو ارادو ڪيائون. برھمڻ جي سامھون ٿيڻ تي ھنن خار ۾ اچي برھمڻ کي ڳئون سوڌو ماري ڇڏيو. ان ڳالھ ڄڻ ته باھ تي پيٽرول جو ڪم ڏنو. ان برھمڻ جو جوان پٽ جنھن جو نالو برھمين ھو، سو دنيا جي ماحول کان منھن موڙي وڃي جبل تي رھڻ لڳو ھو. تنھن کي جو پيءُ جي مارجڻ جي خبر پيئي، سو پانڊون خاندان کي تباھ ڪرڻ جو وچن ڪري جبل تان ھيٺ لھي آيو. ھن ڳئون واري قصي کي مذھبي رنگ سان ھوا ڏني ۽ ھڪ مذھبي پيشوا جي قتل کي ماڻھن ۾ مشھوري ڏياري عوام کي پاڻ ڏانھن راغب ڪرڻ شروع ڪيو. اھڙي ريت ھن عوام جو ڪافي تعداد پاڻ سان شامل ڪري جنگ رستي پانڊون خاندان جي حڪمراني ختم ڪئي. (ھن سموري واقعي جو تفصيلي ذڪر شري رامچند ايس کتري جي ڪتاب ”شري ھنگلاج جي ياترا“ ۾ آيل آھي. نه صرف ھن خاندان جي حڪمراني ختم ڪئي پر برھمين ھن خاندان کي ملڪ منجھان موراھين ختم ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺو ۽ ڪافي عرصو ملڪ اندر پانڊون جو قتل عام جاري رھيو، آخر پول نالي پانڊو جي ڌيءُ نڪولا برھمين جي درٻار ۾ آئي، ۽ اچي معافي ورتي. تڏھن ھنن تان ڏمر لٿو، پر پوءِ به ھن سندن حيثيت کي ڪيرائڻ لاءِ اھڙا ته اوکا شرط وڌا جن جي ڪري ھن گھراڻي کي ڪاسائي ۽ ميراسي بڻجڻو پيو. چون ٿا ته: ”ھندو بانسري وڄائڻ وارا ھنن جي نسل مان آھن.“ باوجود ايتري سختيءَ جي جيدرٿ جو ھال نالي پٽ جان بچائي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنھن ھند جي ڪنھن ٻئي ڀاڱي تي وڃي راڄ قائم ڪيو. ھو پنھنجي سر وڏي اثر رسوخ وارو ھو. ھن سلطنت کي سھڻي نموني ٺاھيو. ھن جي حڪومت ۾ اعليٰ درجي جو ڪپڙو ٺھندو ھو، جنھن تي راجا زعفران سان پنھنجي پير جو ٺپو ھڻندو ھو. ان ٺپي لڳل ڪپڙي جي ڪشمير جي راجا پنھنجي راڻيءَ کي ساڙھي پاتل ڏٺي، راڻيءَ جي بدن تي پاتل ڪپڙي تي غير مرد جي پير جو نشان ڏسي ڪاوڙجي پيو ۽ ھال جي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ حملو ڪيائين پر ھن کيس زبردست شڪست ڏيئي واپس ڪري ڇڏيو.

  1. 1.0 1.1 1.2 "سنڌ جون انقلابي عورتون (آزاد قاضي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2021-02-02.