ديھ رانوتي(انگريزي: Deh Ranwati) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا رانوتي تپي ۾ واقع آهي.

رانوتي (قمبر)
ديھ رانوتي
ديھ
Deh Ranwati
رانوتي (قمبر) is located in سنڌ
رانوتي (قمبر)
رانوتي (قمبر)
رانوتي (قمبر) is located in Pakistan
رانوتي (قمبر)
رانوتي (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°40′51″N 68°01′56″E / 27.68083°N 68.03222°E / 27.68083; 68.03222مڪانيت: 27°40′51″N 68°01′56″E / 27.68083°N 68.03222°E / 27.68083; 68.03222
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 3,501

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ برٽش انڊيا واري دؤر جي واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھي ديھ تپو قمبر ۾ واقع ھئي ء ان وقت ھن ديھ ۾ ڳوٺ صوبدار چانڊيو، ڳوٺ ڪلھوڙن جو، ڳوٺ دريا خان چانڊيو، ڳوٺ غلام محمد چانڊيو ۽ ڳوٺ رانوتي واقع ھيا. ھاڻي ھي ديھ تپو رانوتي جو حصو آهي ۽ ھن ديھ م رانوتي ڳوٺ، ڳوٺ الھڏنو چانڊيو ۽ ڳوٺ دين پور واقع آھن ٻيا ڳوٺ غيرمعروف ٿي ويا يا ڦٽي ويا آهن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ميڻا، اوڀر ۾ ديھ ميڻا، اولھ ۾ ديھ حاصلا ۽ ميروخان تعلقي جي ديھ بٺي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ھليا واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ان جي اتر ۽ اوڀر پاسي کان ديھ ميڻا جي دنگ تي ڪور ڏاتو گذرندڙ آھي. ميروخان قمبر روڊ پڻ ھتان گذرندڙ آھي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,501 ھئي جيڪا 455 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]