راجا رفيق پنهور (انگريزي :Raja Rafique Panhwar) سنڌ جو اسٽيج ۽ ٽي وي جو اداڪار آهي.

راجا رفيق پنهور
Raja Rafique Panhwar

راجا رفيق پنهور پروگرام ۾ تقرير ڪندي
پيدائش ڳوٺ آدم خان پنهور، دادو تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ
ڌنڌو ، اداڪار
ٻولي سنڌي
رهائش دادو
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم. اي
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
دور هاڻوڪو
موضوع اداڪاري

زندگي جو احوال سنواريو

رجا رفيق جو پورو نالو رفيق احمد پنهور آهي. هيءُ سنڌ جي دادو ضلعو جي دادو تعلقو ۾ 30 مارچ 1972ع ۾ دادو شهر لڳ ڳوٺ آدم پنهور ۾ پيدا ٿيو. راجا رفيق جي پيءُ نالو محمد صديق پنهور آهي.

تعليم سنواريو

هن پرائيمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو شهر مان ڪئي ۽ ٻي اي ۽ ايم اي جو امتحان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيو.[1]

فني سفر سنواريو

هن فني سفر اسٽيج ڊرامن کان شروع ڪيو. هيءُ ڀلوڙ اسٽيج ۽ ٽي وي اداڪار آهي. هن ڪيترن ئي اسٽيج ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي آهي. هن جا ڳڻپ جوڳا ڊراما ڪڏهن ته ملندا سين ۽ ڪارو سج آهن جن ۾ هن اداڪاري ڪئي. ٻئي ڊراما ڪي ٽي اين نجي چينل تان ٽيليڪاسٽ ٿيا. هن سنڌ ٽي وي جي ڊرامن ۾ پڻ اداڪاري ڪئي آهي.[2][3]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب:Dadu at glance by Dr. Niaz Abbasi, 2011
  2. "راجا رفيق پنهور : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-07. 
  3. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-12-22.