ديوان سٽي (انگريزي: Deewan City) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي سجاول ۾ واقع ھڪ صنعتي علائقي جو نالو آهي جيڪو بدين سجاول روڊ تي سجاول شھر کان 22 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي بٺورو برانچ ڪينال جي پاسي تي واقع آھي جنھن جي پکيڙ 2 چورس ڪلوميٽر آھي. ھتي ديوان گروپ آف انڊسٽريز جي گاڏين جي فيڪٽري ديوان فاروق موٽرز لميٽيڊ جيڪا 1999 ۾ اڍائي ارب رپين جي لاڳت سان تيار ٿي ۽ ديون شگر ملز واقع آهن. اتي ھڪ رھائشي ڪالوني ۽ ھڪ ننڍڙو چڙيا گھر، ديوان فاروق ميموريبل ھاء اسڪول پڻ واقع آھن. ديوان سٽي لڳ بٺورو برانچ ڪئنال جي ٻئي پاسي ڳوٺ ٻڍو ٽالپر واقع آهي.

ديوان سٽي
شھر
ديوان سٽي is located in سنڌ
ديوان سٽي
ديوان سٽي
سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°37′N 68°15′E / 24.617°N 68.250°E / 24.617; 68.250مڪانيت: 24°37′N 68°15′E / 24.617°N 68.250°E / 24.617; 68.250
ملڪ پاڪستان Pakistan
صوبو سنڌ
ضلعو سجاول ضلعو

====حوالا