خيرپور جوسو (قمبر)


ديھ خيرپور جوسو(انگريزي: Deh Khairpur Juso) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا آبڙي تپي ۾ واقع آهي

خيرپور جوسو (قمبر)
ديھ خيرپور جوسو
ديھ
Deh Khairpur Juso
خيرپور جوسو (قمبر) is located in سنڌ
خيرپور جوسو (قمبر)
خيرپور جوسو (قمبر)
خيرپور جوسو (قمبر) is located in Pakistan
خيرپور جوسو (قمبر)
خيرپور جوسو (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°31′04″N 67°02′55″E / 27.51778°N 67.04861°E / 27.51778; 67.04861مڪانيت: 27°31′04″N 67°02′55″E / 27.51778°N 67.04861°E / 27.51778; 67.04861
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 4,223

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1892 کان 1962ع تائين واري ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ جو ان وقت نالو خيرپور جاگير ھيو ۽ اھا خيرپور تپي ۾ واقع ھئي بعد ۾ تپن جي ڦيرڦار ڪري ھن ديھ کي آبڙي تپي جو حصو بڻايو ويو. ان پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ان وقت ڳوٺ غلام محمد اسراڻ، ڳوٺ گنھور خان اسراڻ، ڳوٺ ڇٽل، ڳوٺ خيرپور ۽ ھڪ ٻيو ننڍڙو ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي خيرپور جاگير جو نالو خيرپور جوسو آھي جنھن جي پاسي ۾ ڳوٺ غلام محمد اسراڻ واقع آهي. ديھ جي ھاڻي ٻين معروف ڳوٺن ۾ ڳوٺ ڌامڻ مغيري، ڳوٺ طاھر خان مغيري ۽ ڳوٺ ڪمال خان کک شامل آهن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ شريفاڻي، اوڀر ۾ ديھ نٿر، اولھ ۾ ديھ پکو ۽ ديھ ڪلھوڙا ۽ ڏکڻ ۾ لاڙڪاڻو تعلقو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ مان وڳڻ لاڙڪاڻو روڊ گذرندڙ آھي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,223 ھئي جيڪا 640 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]