خليفو ميان محمد خان جمالي
ھي مضمون ڪن بہ ذريعن جو حوالو نٿو رکي. |
خليفو محمد خان جمالي ولد غلام محمد جمالي عالِم، درويش ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن 5 جمادي الاول 1274ھ مطابق 22 ڊسمبر 1854ع ۾ ڳوٺ ميوي خان جمالي، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي (نوابشاھ) بينظير آباد ۾ جنم ورتو.
کيس ننڍي هوندي کان پڙهڻ جو شوق هوندو هو ،پر جيئن ته ان وقت ڳوٺن ۾ مدرسا پري پري هوندا هئا ،۽ تعليم حاصل ڪرڻ ڏُکي هوندي هئي ،تنهنڪري سندس مائٽن کيس مال چارڻ تي ڇڏيو .هڪ ڀيري پير رشيدالدين شاهه جھنڊي وارو ڳوٺ ۾ آيو .خليفو محمد خان به ٻين ڇوڪرن سان گڏجي پير جي زيارت تي ويو ،ان تي سندس والد کيس مال جهنگ ۾ ڇڏي اچڻ تي ڪاوڙ ڪئي ،پر پير صاحب خليفي صاحب جي نماڻائي ۽ نهٺائي ڏسي سندن والد کي روڪيو ۽ کيس پڙهائڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين .ان کان ترت پوءِ خليفي صاحب کي ڏهن ورهين جي عمر ۾ هالا تعلقي جي ڳوٺ جان محمد جمالي ۾ قاضي جان محمد جي مدرسي ۾ پارسي ۽ عربي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريو ويو ،اتي ڳچ عرصو پڙهڻ کان پوءِ مدرسي ’ملاڪاتيار ‘جي بزرگ ميانولي محمد وٽ علم حاصل ڪرڻ ويو ،جتان گھڻو ئي پرايائين.
ٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ ،پير رشيدالدين جي ذڪر جي واکاڻ ٻڌي ،سندس زيارت لاءِ ڳوٺ پير جھنڊو ويو ،جتي پير رشيدالدين جو وڃي مريد ٿيو ،جنهن کيس خليفي جو لقب ڏنو .ان بعد خليفي محمد خان جماليءَ ،ڳوٺ علي بخش خان پٺاڻ ۾ تدريس جو ڪم بنا اجوري شروع ڪيو .اتي ڳچ مدت تائين تعليم ڏيڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ميوي خان جماليءَ ۾ اچي مدرسو کوليائين .ڪيترا طالب علم پري پري کان وٽس علم حاصل ڪرڻ ايندا هئا .وٽس هميشه سٺ ستر شاگرد رهندا هئا .سخي مرد هو .زمين ٽڪر آباد ڪرائي ،ان جي پيدائش غريبن ۽ مدرسي جي حوالي ڪندو هو .خليفو صاحب بااخلاق ۽ شريعت جو پابند هو .سڄي زندگيءَ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ سان شخصي ڪمن لاءِ دوستي يا دشمني نه رکيائين.
شروعات ۾ خليفو صاحب ’نقشبندي ‘طريقي سان لاڳاپيل هو ۽ اهو طريقو درگاهه ملاڪاتيار جي بزرگ جي هدايت تي اختيار ڪيو هئائين ،بعد ۾ رشيدالدين جھنڊي واري جي قادري طريقي ۾ بيعت ڪيائين ۽ پڇاڙيءَ تائين ان تي قائم رهيو .منجهس انسانيت ،سخاوت ۽ عبادت جا سڀئي گڻ موجود هئا .خيلفي صاحب جا هٿ لکيل ڪتاب ڪيترا هئا ،جن مان پير سائين جھنڊي واري جي خطابت ، مدحيات نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم خطبات ۽ مولود شريف ،سيپاري عم جو ترجمو ،تفسير ،توحيدنامو ۽ ٻيا آهن جيڪي پير جھنڊي جي ڪتبخاني ۾ موجود آهن .خليفي صاحب پيادل ٻه حج به ڪيا هئا.