محمد خان مجيدي (انگريزي:Muhammad Khan Majeedi) سنڌ جو نرالو عوامي شاعر هو.

زندگي جو احوال سنواريو

محمد خان مجيدي قيصر خان جتوئي جي گهر ۾ 5جنوري 1918ع تي جھوڪ شريف ويجهو ڳوٺ شادمان جتوئي، ٺٽو ضلعو جي ميرپور بٺورو تعلقو ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻڪريون چارڻ لڳو. 1925ع ۾ اسڪول ۾ داخل ٿيو.[1][2][3]

تعليم ۽ ڪرت سنواريو

محمد خان مجيدي 1932ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پهرئين نمبر ۾ پاس ڪيو. هيءُ 1934ع ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ 1976ع ۾ نوڪري تان سجاول شهر جي اسڪول مان رٽائر ٿيو. [1]

شاعري سنواريو

محمد خان مجيدي، شاعريءَ جي شروعات 1937ع ۾ فائينل سنڌي جي پڙهڻ دوران ڪئي ۽ هن باقاعده شاعري ۾ موسيقي آڌارڻ جو علم عروض سکيو. اول هن ايم جتوئي جي قلمي نالي سان شاعري ڪئي بعد ۾ مجيدي تخلص اختيار ڪيائين. سندس پهريون شعر 1938ع ۾ ”الوحيد“ اخبار ۾ شايع ٿيو. [1] کيس سندس وفات کان پوءِ 14 آگيٽ 2012ع تي حڪومت پاڪستان طرفان صدارتي تمغو براءِ حسن ڪارڪردگي ڏنو ويو.[4]

ڪتاب سنواريو

مجيدي جي شاعري تي مشتمل سندس پهريون ڪتاب سنڌڙي ۽ ان جون قومون 1962ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٻيو شاعري جو ٻيو ڪتاب مٽي منهنجي مٽي آهي 2000ع ۾ شايع ٿيو.

وفات سنواريو

محمد خان مجيدي 7اپريل 2003ع تي وفات ڪري ويو.[1]

حوالا سنواريو